لاطيني آمريڪي ميلاپ واري تنظيم

لاطيني آمريڪي ميلاپ واري تنظيم (Laateeni Aamreeki Melaap waari Tanzeem) يا لئٽن اميرڪن انٽيگريشن ائسوسيئشن (Latin American Integration Association LAIA) جي هيءَ تنظيم 30 ڊسمبر 1980ع ۾ لاطيني آمريڪا جي آزاد واپار واري تنظيم (LAFTA) جي جڳهه تي قائم ڪئي وئي. هن تنظيم جو بنيادي مقصد ميمبر ملڪن درميان واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقي ۾ گڏيل منڊي قائم ڪرڻ آهي. ان سان گڏوگڏ ميمبر ملڪ هن تنظيم ذريعي ڍلن يا محصولن (Tariffs) کي گهٽائڻ ۽ ختم ڪرڻ جون ڪوششون پڻ ڪن پيا. هن تنظيم جا ارجنٽينا، برازيل، چلي، ڪولمبيا، پيرو، يوراگوائي، وينزوويلا، بوليويا، ايڪئاڊور، پيراگوائي، ميڪسيڪو ۽ ڪيوبا سميت 12 ميمبر آهن ۽ ان جو هيڊڪوارٽر يوراگوئي جي گادي واري هنڌ مانٽي وڊيو ۾ آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد