قاضي موسیٰ بن يعقوب ثقفي

قاضي موسيٰ. ان کان پوءِ اسان کي قاضي موسيٰ جو نالو ملي ٿو، جو محمد بن قاسم جي خاندان مان هو، ۽ سندس سڄو نالو موسيٰ بن يعقوب ثقفي هو.الور جو قاضي، ۽ سنڌ جو قاضي القضات هو. عالم هجڻ سان گڏ، هڪ فقير- تن بزرگ هو. سندس خاندانالتمش جي زماني تائين موجود هو. 1216ع ۾ ان خاندان مان ڪمال الدين اسماعيل بن علي بن محمد ثقفي، الور ۾ قضا جي عهدي تي فائز هو. عربيءَ وارو اصلي ”چچنامو“ هن ئي بزرگ وٽ هو، جنهن وٽان محمد ڪوفيءَ هٿ ڪري ان کي فارسيءَ ۾ 613 ڌاري ترجمو ڪيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع