قاضي عبدالڪريم عباسي

قاضي عبدالڪريم عباسي(انگريزي Kazi Abdul Karim Abbasi) (پيدائش:1899ع - وفات:1978ع) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ شاعر ۽ حڪيم هو.

زندگي جو احوال سنواريو

قاضي عبدالڪريم 25 اپريل 1899ع تي واليڏنو عباسي جي گهر ۾ لاڙڪاڻو ضلعو (هاڻ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي وارھ تعلقي جي شهر لالو رانئڪ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شاعر سان گڏ وڏو حڪيم پڻ هو. طب جي علم ۾ مهارت سبب کيس قاضي جو لقب مليو.[1]

ٿعليم سنواريو

قاضي صاحب ننڍي ڄمار ۾ عام تعليم سان گڏ طب جي تعليم به حاصل ڪئي.[1]

وفات سنواريو

قاضي عبدالڪريم 1978ع ۾ وفات ڪري ويو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-31.