فوزيه سومرو
فوزيه سومرو (انگريزي: Fozia Soomro)، سنڌ جي مشهور عوامي گلوڪاره هئي. سندس جنم 1969ع تي ٿر جي کارسر جبل ڪناري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ويرواهه ۾ نٿو خان سومرو جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد حمد ۽ نعتون ڳائيندو هو ۽ ٽنڊو محمد خان جي فوجي شگرملز ۾ نوڪري ڪندو هو۔
فوزيہ سومرو Fozia Soomro | |
---|---|
پس منظري معلومات | |
پيدائشي نالو | حڪيمان |
پيدائش | 1966 |
تعلق | سنڌ |
وفات | 4 سيپٽمبر 2002 (عمر 36 سال) |
صنف | لوڪ |
پيشا | فنڪاره |
سرگرم سال | 1990–2002 |
ذاتي زندگي ۽ تعليم
سنواريوفوزيه سومرو جو اصل نالو ”حڪيمان” هو، سندس والده جو نالو ”ستان“ هو۔ سندس وڏا اصل ٿر جا رهاڪو هئا فوزيه سومرو ننڍپڻ ۽ جواني ٽنڊو محمد خان ۾ گذري. فوزيه سومرو مئٽرڪ پاس ڪيو.
گلوڪاره
سنواريوسورنهن سترهن سالن جي عمر ۾ هن ڳائڻ شروع ڪيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انور بلوچ ۽ نصير مرزا کيس متعارف ڪرايو. سندس شروعاتي ڪلام "بي قدرا قدر نه ڪيڙئي ڪو" ڏاڍو مشهور ٿيو. موسيقيءَ جي حوالي سان فوزيه سومرواستاد نياز حسين، استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري کان سکيا ورتي۔ لوڪ موسيقي سندس مقبوليت جوسبب بڻي۔ هن سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي، مارواڙي ٻولين ۾ ڳايو۔
فوزيه سومرو ملڪ کان ٻاهر سعودي عرب، دبئي، ڀارت وغيره ۾ پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي مڃتا ماڻي. کيس شاهه لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ، سميت لاتعداد ايوارڊن سان نوازيو ويو۔هن ٽنڊو محمد خان جي زميندار مصري سٺيو سان پيار جو پرڻو ڪيو هو۔ جيڪو پرڻو 4 سالن بعد پڌرو ڪيو ويو هو۔ کيس ڪرن نالي هڪ نياڻي آهي جيڪا پڻ راڳ جي سکيا وٺي رهي آهي۔ [1]
وفات
سنواريوفوزيه سومرو 4 سيپٽمبر 2002 تي گڙدن جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري. کيس ٽنڊو محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو۔