فهيم شناس ڪاظمي
معلومات شخصيت
ڄم 11 مَئي 1965 (59 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شهيد بينظيرآباد ضلعو ،پاڪستان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
ڪراچي يونيورسٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
تعليمي سندون پي.ايڇ.ڊي.   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو academic degree (P512) وڪي ڊيٽا تي
پيشو شاعر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو ،سنڌي ،پنجابي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
آجر ايس. ايم. آرٽس ڪاليج   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو employer (P108) وڪي ڊيٽا تي

ڊاڪٽر فهيم شناس ڪاظمي سنڌ جو شاعر، اديب، مترجم، صحافي ۽ استاد آهي .11 مئي 1965ع تي، نوابشاهه ۾ ڄائو. سندس خانداني نسبت ضلعي چڪوال جي صوفي بزرگ شاهه شرف جي خاندان سان ملي ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي (اردو ادب) ڪرڻ کانپوءِ سنڌ مسلم گورنمينٽ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي پروفيسر جي عهدي تي پهتو. 2015ع ۾ اردوءَ جي مشهور شاعر عزيز حامد مدني جي شخصيت ۽ فن جي موضوع تي ڊاڪٽر شاداب احساني جي نگرانيءَ ۾ مقالو لکي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.[2] جديد اردو نظم ۾ سندس سڃاڻپ نمايان آهي. سندس اردو شاعريءَ جا 3 مجموعا ”سارا جھان آئينه هي“ (1999ع)، ”خواب سي باهر“ (2009ع)، ”راهداري مين گونجتي نظم“ (2013ع) ڇپجي چُڪا آهن. اهڙيءَ طرح پاڻ سٺو مترجم به آهي. هن سنڌي ۽ ٻين ٻولين مان ترجما پڻ ڪيا آهن ته ڪجهه ڪتابن کي ترتيب ۽ ايڊٽ به ڪيو آهي، جن ۾: ”سنڌ ڪي آواز“ (جي. ايم سيد جو عدالتي بيان: 2002ع)، ”سارتر ڪي بيمثال افساني“ (2012ع)، ”سارتر ڪي مضامين“ (2012ع)، ”تيري عشق ني مالا مال ڪيا هي“ (صابر ظفر جي گيتن ۽ غزلن جو انتخاب:2004ع)، ”بوئي گل نالئه دل“ (شيخ اياز جي شاعري، جلد پهريون: 2010ع)، ”حلقئه ميري زنجير ڪا“ (شيخ اياز، جلد ٻيو: 2010ع)، ”زان پال سارتر ڪي انٽرويو“ (2016ع) شامل آهن. فهيم شناس ڪاظمي صحافت سان به لاڳاپيل رهيو آهي. هو سه ماهي ’اجرا‘ ڪراچي جو سب ايڊيٽر ۽ روزنامه ”جسارت“ ۽ روزنامه ”قومي اخبار“ ۾ ڪالم لکندو رهي ٿو. کيس ادبي خدمتن جي اعتراف طور ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز ملي چُڪا آهن، جن ۾: ”آهٽ اوارڊ“ (بهترين شاعر: 2003ع)، ”جناح اوارڊ“ (بهترين شاعر ۽ نقاد: 2012ع)، ”نشان سپاس خانه فرهنگ ايران ڪراچي (2015ع) شامل آهن.

  1. https://www.rekhta.org/authors/faheem-shanas-kazmi
  2. "فہیم شناس کاظمی، پاکستانی کنیکشنز، برمنگھم برطانیہ". وقت 2016-03-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2017-03-25.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)