'''فريدا ٿينو''' (نومبر 24، 1938 –  آڪٽوبر 15، 1977)، بهتر طور تي سندس اسٽيج  نالو فينادا ائرينڊي سان سڃاتي ويندڙ، انڊونيشيا جي  هڪ  اداڪارا ۽ ڳائڻي هئي.[1]

فريدا ائريني

ائرئاني, c. 1960
پيدائش فريدا ٿينو
24 نومبر 1938
بندونگ, اوله جاوا, ڊچ ايسٽ انڊيز
وفات 15 آڪٽوبر 1977 (عمر 38 سال)
جڪارتا, انڊونيشيا
قوميت انڊونيشيائي
پيشو اداڪارا، ڳائڻي

سوانح عُمري سنواريو

فريدا ائريني نومبر 24، 1938ع تي باندنگ، اولهه جاوا ۾  فريدا ٿينو نالي سان پيدا ٿي. هن جونيئر هاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪئي. هن 1955ع ۾  پنهنجي  پهرئين فلم جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ گولڊن ايروز قاسب ابي (هڪ ماءٌ جي محبت) ۾ سينئر جو ڪردار کڻيو، هن کي ان فلم ۾ فريدا شنگنيارتي اعتبار طور ڄاڻايو ويو. ان مرحلي کانپوءِ هن کي صرف فريدا ائريني نالي سان سڃاتو ويو، هوءَ وڌيڪ ڇهن سالن ۾ ارڙنهن فلمن ۾ ظاهر ٿي. انهن ۾ اتيکا ائر ماتا ابو جي ڪردار سان (هڪ ماءٌ جا ڳوڙها، 1957)  پڻ شامل هئي. ساڳئي نالي جي 1941 ع واري هڪ فلم جو ريميڪ؛ انڪو سجنگ ۾ لاستري (منهنجو پيارو ٻالڪ، 1957ع)، ۽ پيججونگ ۾ هڪ ڪردار (آزاديءَ جا جوڌا، 1961ع) جنهن لاءِ انڊونيشيا فلم هفتي ۾ هن هڪ بهترين ليڊ ڪردار ماڻيو، جيڪي 1961 ع ۾ سيڪنڊ ماسڪو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پڻ ڏيکاريون ويون هيون. [4]

1960 ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾، ائريني پنهنجي هڪ فلم ڪمپني، فريدا ائريني فلم ڪارپوريشن قائم ڪئي. انڊونيشيا فلمي ڪيٽالاگ جي بي ڪرستانتو هن ڪمپني کي اڪيلي فلم ٺاهيندڙ ڪمپني طور ڄاڻايو، ڪاري بنگين هاري اسڪوڪ ( اسان سڀاڻي جاڳياسين، 1963) تيار ڪئي، هيءَ انڊونيشيا جي پهرئين فلم هئي جيڪا سينيمااسڪوپ سان ڀري ٺاهي وئي هئي. تنهن هوندي به، انسائيڪلوپيڊيا آف فگرز، ۾ مسباچ يوسف برن لکيو آهي ته ان ڪمپنيءَ ٻه فلمون مڪمل ڪيون، روڊ ٽو بالي (1968 ع)، فلم جيڪا جاپان سان گڏ هڪ گڏيل منصوبي طور ٺاهي وئي هئي.

1960 ع جي وچ ڌاري ائريني فلمي اداڪاري کان غير فعال هئي. هوءَ 1969 ع ۾ واپس فلمن ۾ موٽي آئي، انهي سال هن، ساجمندججا جي اپاجانگ ڪاؤتجاري، پالئپي جي هڪ ڳائڻي طور؟ (ڇا توهان ڳولڻ چاهيو ٿا، پالئپي؟) ۽ وائم امبوه  جي لڪي-لڪي ۾ تاک برناما (ماڻهو نالي کانسواءِ) ۾  ٻه ڪردار ادا ڪيا. ايندڙ اٺن سالن دوران هن ڪيترن ئي فلمن بشمول ليوات تينگاه مالم (آڌي رات کان پوءِ، 1971 ع)، سالاهاسوهانگ (غلط پرورش، 1972 ع)، ۽ مننتي ڪيلهيرن (پيدائش جو انتظار، 1977 ع) ۾ معاون ڪردار ادا ڪيا.

ذاتي زندگي سنواريو

آرياني سياحت جي واڌاري لاءِ سرگرم هئي. هوءَ هڪ اهڙِي تنظيم سان پڻ لاڳاپيل هئي، جيڪا پراڻن اداڪارن جي حمايت ڪندي هئي. 1975 ع ۾ هن کي انڊونيشيائي فلم اداڪار يونين جي لاءِ ٻئي خزانچي جي طور مقرر ڪيو ويو. سندس ان عهدي تي رهڻ جو عرصو 1978 ع ۾ ختم ٿي چڪو هجي ها، پر آرئائني 15 آڪٽوبر 1977 ع تي جڪارتا ۾ وفات ڪري وئي.

فلمي جدول سنواريو

هن جي ٻاويه سالن جي ڪيريئر دوران، آريئني چاليهه فلمن کان به وڌيڪ فلمن ۾ ظاهر (شامل) ٿي.[2]

  • '' ڪاسي ابو'' (1955)
  • گمبانگ سيمارانگ (1955)
  • سمپائي برجمپا ڪيمبالي (1955)
  • ميلاتي سيندجا (1956)
  • تيدجوآن (1956)
  • ائر ماتا ابو (1957)
  • انئڪڪو ساجانگ (1957)
  • برمين اپي (1957)
  • ايئرئني (1958)
  • بنگا دان سمورائي (1958)
  • تتي-تتو (1958)
  • وانيتا انڊونيشيا (1958)
  • لاڪي-لاڪي تاڪ بيرناما (1969)
  • اپا جانگ ڪائو تجاري, پالئپي؟ (1969)
  • اجام دين لاپي (1960)
  • استانا يانگ هلانگ (1960)
  • پيدجئانگ (1960)
  • تگس بارو انسپيڪتر رچمن (1960)
  • بجا ميمبارا (نئلا ميئولئلا) (1961)
  • سيربو لنگڪا (1000 لنگڪا) (1961)
  • سنگائي الر (1961)
  • دندام بردارا (1970)
  • دجالانگ (1970)
  • حادئپ، تجنتا دان ائر ماتا (1970)
  • ليوات تينگاه مالم (1971)
  • امپاس (0 x 0) (1971)
  • سانرينگو (1971)
  • تجسداني (1971)
  • نجنجيان ائر ماتا (1972)
  • سالاح اسوهانگ (1972)
  • انڪ ياتم (1973)
  • پيلارئن (1973)
  • سيباتانگ ڪيرا (1973)
  • بينيامن سي ابونواس (1974)
  • ميلاوان بدائي (1974)
  • فجر  مينينگسنگ (1975)
  • الادن  اجن رهاسئا (1975)
  • مينانتي ڪيلاهرن (1976)
  • نودا دان اسمارا (1977)
  • سينيوئم نونا ائنا (1977)
  • يوئان (1977)

حوالا سنواريو

  1. "Frieda Thenu". filmindonesia.or.id (ٻولي ۾ Indonesian). حاصل ڪيل 2018-11-25. 
  2. "Farida Arriany". IMDb. حاصل ڪيل 2018-11-25. 

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

سانچو:Citra Award for Best Leading Actress [[:زمرو:1938 پيدائشون] ]