فرزانه پنهور سنڌ جي هڪ ناري سائنسدان هُئي.[1][2] جنهن سائنسي دنيا ۾ پاڻ ملهايو. کان اڳ فرزانه پنهور پڻ سنڌ جي پٺتي پيل عورتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ جهجهو ڪم ڪري چڪي آهي ۽ هن جو شمار سنڌ جي تحقيقدان ۽ سائنسدان عورتن منجهه ٿئي ٿو، جنهن خاص طور تي زرعي شعبي ۾ پنهنجي سائنسي صلاحيتن سان انقلاب آڻي ڏيکاريو. فرزانه پنهور هڪ طرف پنهنجي سائنسي ڪمن جي ڪري ته سڃاڻپ رکي ٿي پر ٻيو وري هوءَ مقبول ترين تحقيقدان ايم ايڇ پنهور جي جيون ساٿياڻي پڻ رهي آهي. فرزانه پنهور سنڌ سان تعلق رکندڙ اها واحد سائنسدان عورت آهي جنهن کي امريڪا پاران پنهنجي ٿنڪ ٽينڪ جو حصو بڻائڻ جي آڇ پڻ ڪئي وئي هئي[حوالو گهربل], پر هن ”نه مهرباني“ چئي ان کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. [حوالو گهربل]جڏهن ته هن جنهن شعبي يعني زراعت ۾ تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي. فرزانه پنهور به زراعت جي شعبي ۾ ڪيتريون ئي زرعي جنسون متعارف ته ڪرائي چڪي آهي پر هوءَ پنهنجي زرعي فارم جي مالڪي پڻ ڪندي رهي آهي.

شروعاتي زندگي ۽ تعليم

سنواريو

فرزانا پنهور 15 سيپٽمبر 1957ع تي ڪراچي ۾ فضل الاهي چوڌري جي گهر ڪراچي ۾ ڄائي،[1] 1981ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان بايو ڪيمسٽري ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪيائين.[1][3] فرزانا پنهور تحقيقدان ايم ايڇ پنهور جي جيون ساٿياڻي آهي.


ڪيريئر ۽ ڪم

سنواريو

فرزانه پنهور ڪيترن ئي مختلف موضوعن تي تحقيق ڪئي آهي ۽ ايگريڪلچرل سئائل ٽيسٽنگ ليباريٽري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هوءَ جن شعبي ۾ ڪم ڪري چڪي آهي انهن ۾ آرگينڪ ايگريڪلچر، بائيو ٽيڪنالاجي، جينيٽڪ انجنيئرنگ، پوسٽ هارويسٽ ٽيڪنالاجي، انوائرمينٽ، پالوشن، هارٽيڪلچر، فلوري ڪلچر، فاريسٽري، ايجوڪيشن، هيلٿ، فارم ڪيميڪل، اينينمل هسبنڊري، جينڊر ۽ ٻيا شعبا شامل آهن. هيرايل (گھريلو ڪيل) جانورن لاءِ کاڄ ۽ پاڻي راهِپَ (Aqua Culture)، جھينگي پالنا، ڪُڪڙ پالنا، سَهي پالنا- سَهي کاڄ، زرعي ڦوڳ مان جِيا-گئس (Bio-Gas) (ٺاهڻ)،ڍور ڍڳي ۽ رڍ لاءِ کاڄ، جوجُوبا تيل جي ڪيميائي بناوت ۽ ان جو واهپو،وڻجارڪ (ڪمرشل) ۽ صنعتي حساب ڪتاب رکڻ،گلاب ۽ (ٻين) گلن جو سُڪي وڃڻ، جوجُوبا جو اڀياس ۽ ان جو تيلي-ڪيميائي ۽ زرعي-ڪيميائي صنعت لاءِ واهپو،ڄام ڦل ۽ بَنگَنپالِي ۽ لنگڙي انب جو لاب کان پوءِ ڪيميائي دوائن وسيلي (مختلف بيمارين کان) بچاءُ،تيلي-ڪيميائي ۽ زرعي-ڪيميائي صنعت لاءِ هڪ نئون ذخيرو/وسيلو،مختلف زرعي فصل اپائڻ لاءِ لوڻياٺي زميني پاڻيءَ جو واهپو، اسرندڙ ڏيهن لاءِ جِيا-گئس ڪارخانا، پاڪستان (جي رهواسين) لاءِ پاڻي راهپ جو ڪتابڙو،ٿر ۽ ڪوهستان جا جانور وغيرا، ان کان علاوه هن سان ساٿ سان ايم ايڇ پنهور پنهنجي فارم ۾ نوان فروٽ پوکي سنڌ ۾ متعارف ڪرايا جڏهن ته ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب سومرا ڪنگڊم جي ارپنا به فرزانه پنهور جي نالي ڪري چڪو آهي.1987ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان بائيو ڪيميسٽري ۾ ايم اي ڪندڙ فرزانه پنهور کي امريڪا پاران گولڊ ميڊل ”ميڊل آف آنر“ سان نوازيو ويو هو جڏهن ته سوئٽزرلينڊ کيس ”دا رورل ڪريئيٽوٽي ايوارڊ“ سان نوازيو هو ان کان علاوه گڏيل قومن پاران کيس ”دا بيسٽ پريڪٽس ايواڊ“ ڏنو ويو هو، هوءَ ٻيا ننڍا ننڍا اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ماڻي چڪي آهي جڏهن ته هوءَ پنهنجو فارم به قائم ڪري چڪي آهي جنهن جو مقصد تحقيقي ڪم ۽ نت نيون شيون سامهون آڻڻ هو. فرزانه پنهور جي ذاتي لائبريري ۾ 17000 کان وڌيڪ ڪتابن جو ذخيرو ٻڌايو پيو وڃي، هو مسلسل تحقيقي ڪم جي سلسلي ۾ ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين جا دوران ڪندي رهي ۽ اتان جي تحقيدانن سان ملاقاتن کان علاوه تحقيقي ڪتاب جو مطالعو ڪندي رهي.

فرزانه پنهور جي زندگي تحقيقي ميدان ۾ وڏي روشن روهي آهي.

فرزانا 12 فيبروري 2020 تي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.[1]