فارين ايڪسچينج مارڪيٽ

پرڏيھي مٽاسٽا جي بازار (Foreign Exchange Market) ضرورتمندن کي گهربل ناڻو مھيا ڪري ڏيڻ لاءِ، هر ترقي يافتہ ملڪ ۾ مٽاسٽا جي بازار هوندي آهي. هيءَ بازار عام مارڪيٽ وانگر ڪو خاص مقرر هنڌ نہ هوندي آهي، پر انهيءَ ڪم ۾ مھارت رکندڙ ڪي خاص شخص جن جو وڏين وڏين بئنڪن، گڻگ واپارين ۽ پرڏيھي دلالن سان رستو هوندو آهي، اهي هر ملڪ جو ناڻو پاڻ وٽ جمع ڪندا آهن، ۽ حاجتمندن کي ملڪي ناڻي جي عيوض ڏيندا آهن. اهڙا ماڻھ هو ٽيليفونن ۽ تارن وغيره ذريعي، هڪ ٻئي کان خبر چار لھي، هڪجيترو اگهہ وصول ڪندا آهن. جنھن ڪري عام بازار جيان سندن اگهہ ھر وقت ساڳيو رهندو آهي. کين مختلف سڪن جو تعداد هيٺين ذريعن مان موصول ٿئي ٿو:

1988 کان 2007 تائين مکيہ پرڏيھي مٽاسٽا جي مارڪيٽ ۾ ٿيل سودن جا انگ اکر بلين آمريڪي ڊالرن ۾ ڏيکاريل

(الف) ٻاهر مال موڪليندڙن کان،

(ب) (قرض) کڻندڙن کان، جيڪي ملڪي ضمانت ناما ٻاهرو ڪڻڻ ذريعي ڌاريو ناڻو حاصل ڪن ٿا،

(ث) خذمتن جي اجرت وٺندڙن وٽان ۽

(د) ڪڏهن ڪڏهن سٽي بازاريءِ ۾.

وٺندڙن ۾ وري هيٺيان اچي وڃن ٿا:

(الف) ٻاهران مال گهرائيندڙ،

(ب) خذمتون يا ٻاهريون ڌراوتون خريد ڪندڙ، ۽

(ث) سٽيءَ بازاريءَ ۾.

ان بازار ۾ ناڻي جو اگهہ روزمره جي خريد و فروخت جي مدنظر مقرر ڪيو ويندو آهي.[1]

  1. بين الاقوامي اقتصاديات؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ايڊيشن: 1970؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.