پرڏيهي مٽاسٽا ___Foreign Exchange:

دنيا جو ملڪي سطح تي برآمدات جو نقشو

بين الاقوامي واپار کي گهرو واپار کان جدا ڪرڻ جو هڪڙو سبب اهو به هو ته مختلف ملڪن ۾، ناڻي ۽ بئنڪاريءَ جا مختلف سرشنا رائج آهن. هر هڪ ملڪ ۾ شيءِ جي قيمت سندس سڪي ۾ ڪئي ويندي آهي. مثال طور انگلنڊ ۾ پائونڊ ۾، آمريڪا ۾ ڊالر ۾، فرانس ۾ فرئنڪ ۾، جرمنيءَ ۾ ڊش مارڪ ۾ ۽ پاڪستان ۾ روپئي ۾. هڪ ملڪ جي باشندن لاءِ ٻئي ملڪ جو ناڻو اهڙو ئي نئون آهي، جھڙي اتي جي ٻولي نئين آهي. هڪ ملڪ جي اندر طاقت کي، چيڪن ۽ هنڊين وغيره وسيلي آسانيءَ سان ڦيرائي گهيرائي سگهجي ٿو، ۽ پري پري تائين ادائگيءَ ۾ سولائي ٿئي ٿي. پر بين الاقوامي ادائگين لاءِ مختلف سڪن جي ضرورت پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پرڏيهي مٽاسٽا جو سرشتو وجود ۾ آيو، جنهن جي ذريعي ملڪي ناڻي جي عيوض پرڏيهي ناڻو حاصل ڪر سگهجي ٿو. پرڏيهي مٽاسٽا يا زرمبادله مختلف مفهومن ۾ استعمال ٿئي ٿو. پهريون ته هن سان مٽاسٽا جي اگهه جي معنيٰ ورتي ويندي آهي؛ يعني ته ٻاهرئين ملڪ جي ناڻي جو مقدار جيڪو گهرو ملڪ جي ناڻي جي ايڪي جي عيوض ۾ ملندو. ٻيون ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ڏيتي ليتيءَ جي معنيٰ ۾، يعني هڪ ملڪ جي سڪي کي ٻئي ملڪ جي سڪي سان تبديل ڪرڻ يا، اها مشينري جنهنجي وسيلي ٻاهريون ادائگيون ڪيون وڃن ٿيون. ٽيون ته هڪ ملڪ اندر پرڏيهي مٽاسٽا جو ذخيرو يا فند.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب:بين الاقوامي اقتصاديات؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ايڊيشن: 1970؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو