فارين ايڪسچينج ريٽ

پرڏيھي مٽاسٽا جو اگهہ (Rate of Foreign Exchange) مٽا سٽا جي اگهہ مان مراد آهي ٻن ملڪن جي ناڻن ۾ تناسب. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي تہ ملڪي ناڻي جي ايڪي عيوض پرڏيھي ملڪ جي ناڻي جو مقدار. مطلب تہ مٽاسٽا جي اگهہ مان مراد هيءَ آهي تہ ملڪي ناڻي جي قيمت ٻئي قسم جي ناڻي ۾ ڪيتري آهي. بھرحال مٽاسٽا جي حالت ۾ هڪ ناڻي جي ڀيٽ ۾ ظاهر ڪئي ويندي آهي. پوءِ اها چاهي ڪھڙي بہ سڪي ۾ لکي وڃي. عملي طرح مٽاسٽا جي اگهہ لکڻ لاءِ ڪابہ پابندي ڪانهي. هر ملڪ پنھنجي سڪي ۾ ٻاهرين سڪي جي قيمت ڏيکاريندو آهي؛ جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ ٻاهرين سڪن جي ۽ پاڪستان ۾ وري پاڪستاني روپئي ۾ قيمت ڏيکاري ويندي آهي.

آمريڪي ڊالر, يورو ۽ رومانيائي ليو

هتي اها ڳالهہ خاص طور تشويشناڪ آهي تہ هڪڙي ناڻي جو ٻئي ناڻي سان ڪھڙو تناسب رکيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اڪثر جدا جدا ملڪن جي ناڻن ۾ تبديليون اينديون رهن ٿيون، جن جو اثر ملڪن جي اقتصادي حالت تي پوي ٿو. اهو اثر ڪن حالتن ۾ خطرناڪ صورت اختيار ڪري ٿو. انهيءَ ڪري ضروري آهي تہ مٽاسٽا جو اگهہ اهڙو هجي، جيڪو ملڪ جي ادائگيءَ جي توازن کي برقرار رکي ۽ ڪنھن بہ قسم جو اقتصادي بحران پيدا نہ ڪري.[1]

سون واري سرشتي هيٺ مٽاسٽا جا اگهہ

سنواريو

سون واري سرشتي هيٺ مٽاسٽا جا اگهہ (Rates of Exchange under Gold Standard) ڪن بہ ملڪن ۾ جيڪڏهن سون جا سڪا راج هجن يا نوٽ وغيره ڪنھن خاص اگهہ تي سون ۾ آسانيءَ سان تبديل ٿيندڙ هجن، تہ چئبو تہ اهڙن ملڪن ۾ سون وارو سرشتو رائج آهي. ڪنھن بہ ملڪ جو ناڻو مڪمل طرح سان سون واري سرشتي تي تڏهن سمجهيو ويندو آهي، جڏهن:

(الف) حڪومت ڪنهن خاص مقرر قيمت تي سون جو ڪيترو به مقدار سواءِ ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڳنهي ۽ وڪرو ڪري، ۽

(ب) ملڪ اندر سون اچڻ تي يا ملڪ مان سون نڪرڻ تي ڪابه پابندي نه هجي.

هن سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪن جي هر ماڻهوءَ کي اها اڳ ئي خبر هوندي تہ کيس سندس ملڪ ۾ ئي وٽس ناڻي جي عيوض ڪيترو سون ملندو، ۽ وري سندس اهو سون ٻاهرئين ملڪ جي ناڻي جو ڪيترو مقدار خريد ڪري سگهندو. سون واري سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪن ۾ سندن ناڻي جي مٽاسٽا جو اگهہ ضربخاني واري خريدي يا برابري اگهہ جي لڳ ڀڳ ٿيندو. ضربخاني واري برابريءَ مان مراد آهي تہ مٽاسٽا جو اگهہ ٻنهي ملڪن جي ناڻي ۾ سون جي سمايل مقدار مطابق برابر ٿيندو.

پھرين مھاڀاري لڙائيءَ (1914ع) کان اڳ انگلينڊ ۽ فرانس، ٻنهي ملڪن ۾ سون وارو سرشتو رائج هو. انگلينڊ واري گنيءَ ۾ 98815ء 7 گرام سون (12/11نج) هو، ۽ فرانس ۾ فرينچ نيپولين (200 فرئنڪ) ۾ 45161ع 6 گرام سون (10/9 نمبر) هو. حساب لڳائي ڏسنداسين تہ هڪ انگريزي گني 2215ء 257 فرئنڪن جي برابر هئي. سون تي هلندڙ ناڻي جي سرشتن ۾ مٽاسٽا جا اگهہ انهيءَ طريقي سان مقرر ڪيا ويندا آهن. اسان جي مثال مطابق فرانسي مال گهرائيندڙ کي پئرس ۾ 2215ء 25 فرئنڪن ڏيڻ مان لنڊن ۾ هڪ پائونڊ ملندو، ۽ ٻئي طرف انگريز مال گهرائيندڙ کي لنڊن ۾ هڪ پائونڊ ڏيڻ سان فرانس ۾ 2215ء 25 سون ملندو.[1]

نقدي يا سون واريون حدون

سنواريو

نقدي يا سون واريون حدون (Specie Points) سون واري سرشتي تحت هڪ ملڪ ۾ سون جي موڪلڻ ۽ آڻڻ تي ڪابہ بندش ڪانہ هوندي آهي. پر ڏٺو وڃي تہ هڪ ملڪ مان ٻئي ملڪ ۾ سون موڪلڻ تي ڪجهہ خرچ اچي ٿو. جھڙوڪ: آمدرفت جو خرچ، ومو ۽ وياج وغيره. انهيءَ ڪري فرانس جو ماڻهو انگلينڊ ڏانهن سون رڳو ان حالت ۾ موڪليندو، جڏهن مٽاسٽا جو اگهہ برابري واري حد کان سون جي موڪلن تي آيل خرچ کان مٿي هوندو.

فرض ڪريو تہ فرانس مان انگليڊ ۽ انگلينڊ مان فرانس ڏانهن سون موڪلڻ تي جملي خرچ 3ء فرئنڪ اچي ٿو، هاڻ جيڪڏهن مٽاسٽا جو اگهہ 2215ء 25 فرئنڪ برابر هڪ پائونڊ کان 3ء فرئنڪ کان به مٿي هوندو تہ پوءِ فرانس مان، انگلينڊ ڏانهن سون موڪليو ويندو. انهيءَ حد کي فرانس جي نقطۂ نظر کان سون جي روانگي واري حد، ۽ انگلينڊ جي نقطۂ نظر کان سون جي گهرائڻ واري حد چئجي ٿو. انهيءَ کي روڪڙ جي مٿانھين حد يا سون واري مٿانھين حد بہ سڏيو وڃي ٿو. اها حد مٽاسٽا جي برابريءَ واري اگهہ ۾ آمدرفت جو جملي خرچ وغيره ملائڻ سان معلوم ڪئي وڃي ٿي. اسان جي مثال ۾ اها 5215ء 25 فرائنڪ برابر هڪ پائونڊ ٿيندي. ٻئي طرف روڪڙ جي هيٺانھين حد يا سون واري هيٺانھين حد بہ هوندي آهي، جيڪا مٽاسٽا جي برابري واري اگهہ مان آمد روفت وغيره تي آيل جملي خرچ ڪاٽڻ سان معلوم ڪئي ويندي آهي. اسان جي مثال ۾ اها 9215ء 24 فرئنڪ برابر هڪ پائونڊ ٿيندي. جيڪڏهن مٽاسٽا جو اگهہ هن حد کان بہ هيٺ ڪرندو تہ پوءِ انگريز مال گهرائيندڙ، فرانس کي سون وڪڻندا.

سون واري سرشتي هيٺ مٽاسٽا جو اگهہ سون وارين هنن ٻن مٿانھين ۽ هيٺانھينءَ وارين حدن اندر ڦرندو گهرندو رهندو. انهن ٻن حدن اندر مٽاسٽا جي اگهه ۾ ڦيرڦار، ٻاهرين ملڪ جي ناڻي لاءِ طلب ۽ سندس رسد تي دارومدار رکندي.

سون واري سرشتي هيٺ مٽاسٽا جي اگهہ مقر ڪرڻ لاءِ، سون واريون حدون ڪافي ڪارآمد آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن مان هڪ اهو اندازو لڳي ٿو تہ ڪيتري حد تائين ڏينھون ڏينھن مٽاسٽا جو اگهہ مٽاسٽا جي بازار ۾ ڦرندو گهرندو، ۽ ٻي طرف اهو بہ معلوم ٿئي ٿو تہ برابريءَ واري اگهہ کان حقيقي مٽاسٽا جو اگهہ ڇو گهٽ وڌ ٿئي ٿو.

هيءَ ڳالهہ ڪرڻ ضروري آهي تہ جيڪڏهن هڪ ملڪ ۾ سون وارو سرشتو ۽ ٻئي ملڪ ۾ چاندي وارو سرشتو رائج آهي تہ پوءِ مٽاسٽا جو برابريءَ وارو اگهہ، سون واري سرشتي تحت هلندڙ ملڪ ۾ چانديءَ جي سون ۾ قيمت، ۽ چانديءَ واري سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪ ۾ سون جي چانديءَ ۾ قيمت کي خيال ۾ رکي مقرر ڪيو ويندو.[1]

اڻمٽندڙ ڪاغذي سرشتي هيٺ مٽاسٽا جا اگهہ

سنواريو

اڻمٽندڙ ڪاغذي سرشتي هيٺ مٽاسٽا جا اگهہ (Exchange Rates under Inconvertible Paper Standard) اسان مٿي ڏٺو تہ سون واري سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪن منجهہ مٽاسٽا جي اگهہ مقرر ڪرڻ ۾ ايڏي ڏکيائي نٿي ٿئي، پر اڻمٽندڙ ڪاغذي سرشتي هيٺ مٽاسٽا جي اگهہ مقرر ڪرڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف آهي. هن سرشتي هيٺ هلندڙ ملڪن وچ ۾ مٽاسٽا جا اگهہ، قوت خريد جي برابريءَ واري نظريي تحت مقرر ٿين ٿا.[1]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 بين الاقوامي اقتصاديات؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ ايڊيشن: 1970ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.