غيب

غيب : جيڪو حواسن سان سمجھي نہ سگھجي

مولانا ابوالاعلي مودودي تفھيم القرآن ۾ لکي ٿو تہ غيب جو مطلب آھي حقيقتون آهن جيڪي انسان جي حواسن کان لڪل آھن ۽ ڪڏهن به سنڌو سنئون عام انسان جي تجربي ۽ مشاھدي ۾ نه اينديون آھن. انھن جو مثال خدا جي ذات، وحي، جنت، دوزخ وغيره آھن. انھن حقيقتن کي ڏسڻ کان بغير مڃڻ ايمان بالغيب ھوندو آھي.[1]

لفظي معنیٰ سنواريو

لڪل ۽ پوشيده ڳالھين جو علم. پيشنگوئي جو علم. اھڙو علم جنھن سان گذريل يا مستقبل جي باري ۾ خبر پوي۔[2]

اصطلاحي معنیٰ سنواريو

غيب اھو آھي جيڪو انسان کان پوشيده آهي جنھن کي انسان پنھنجي حواسن جھڙوڪ ڏسڻ ڇھن وغيره سان عقل جي مدد سان معلوم نہ ڪري سگھي.[3]
علم غیب جی اصطلاحي معنیٰ مسلمانن جي خيال ۽ عقيدي مطابق خدا طرفان عطا ڪيل اھڙو علم آھي جيڪو حواسن ۽ اندازي کان مٿڀرو ھوندو آھي. جيڪو خاص چونڊيل پيغمبرن ۽ ولين کي ڏنو ويندو آهي.علامہ راغب اصفهاني لکي ٿو تہ : ڪنھن بہ شئي کي غائب انسان جي اعتبار کان سمجھيو ويندو آھي خدا جي اعتبار کان ڪا شئي غائب ناھي. خدا جو قرآن ۾ فرمان آھي تہ : "عالم الغیب والشہادۃ" جنھن جو مطلب آهي تہ جيڪو توهان کان غائب آھي خدا ان کي بہ ڄاڻي ٿو.مسلمانن مطابق جيڪو غيب کان انڪار ڪندو آهي اھو ملحد ھوندو آھي.[4] مسلمانن جي عقيدي مطابق غيب جو علم وحي ذريعي ايندو آهي.[5]

غيب تي ايمان سنواريو

غيب اھڙي لڪل حقيقت آهي جيڪا پنجن حواسن يا عقل وسيلي سمجھي نہ ٿي سگھجي. غيب تي ايمان مسلمان ھجڻ جو پھريون شرط آھي.ايمان تصديق کي چئبو آهي ۽ تصديق علم کان سواءِ نہ ٿي سگھندي آهي ، ۽ بغير علم جي تصديق ڪوڙ ھوندو آھي. مثال طور الله جي ذات ۽ صفتون، ملائڪ، نبي، قبر، حشر نشر، قيامت، جنت ۽ جھنم غيب آھن ۽ مسلمان نبي جي ٻڌائڻ تي ان تي ايمان آڻن ٿا.مسلمانن جو خيال آهي تہ جيڪڏهن ڪوئي نبي لاء ئي علم غيب کي نہ مڃي تہ پوء نبي جي ڳالھ ۽ دعوت جي تصديق ڪيئن ڪندو [6]

نبوت ۽ غيب سنواريو

فَالنُّبُوَّةُ: فِي لُغَةِ مَنْ هَمَزَ مَأْخُوذَةٌ مِنَ النَّبَأِ، وَهُوَ الخبر وقد لا يهمز عَلَى هَذَا التَّأْوِيلِ تَسْهِيلًا۔ وَالْمَعْنَى: أَنَّ اللَّهَ تَعَالَى أَطْلَعَهُ عَلَى غَيْبِهِ، وَأَعْلَمَهُ أَنَّهُ نَبِيُّهُ فَيَكُونُ نَبِيٌّ
ترجمو:نَبُوَّت کے معنی ہوں گے اللہ نے آپ کو اپنے غیوب پر مطلع کیا اور آپ کو بتا دیاکہ آپ اس کے نبی ہیں۔

— [7]

امام ابن حَجَر مڪي مُدْخَل ۾ ۽ امام قَسْطَلَاني مَوَاہِبُ اللَّدُنِّیَۃ ۾ فرمائي ٿو تہ:

حوالا سنواريو

  1. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 50 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}
  2. اردو_لغت, وقت 2016-03-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-11-10 
  3. صراط الجنان جلد اول صفحہ 64
  4. المفردات فی غريب القرآن المؤلف: أبو القاسم الحسين بن محمد المعروف بالراغب الأصفہانى
  5. گلدستہ تفسیر، عبد القیوم مہاجر مدنی، سورہ الملک ،آیت 23،صفحہ 274،ادارہ تعلیمات اشرفیہ ملتان
  6. http://www.thefatwa.com/urdu/questionID/2917
  7. کتاب الشفاء، باب الرابع

اِنَّ اَلنَّبُوَّۃ بِالْھَمْزَۃِ مَاخُوْذَۃٌ مِن النَبَاءِ وَھُوَ الْخَبْرُ اَیْ اَطْلَعَہُ اللہُ عَلَی الْغَیْب
ترجمو:نَبُوَّت نَبَاءٌ مان اخذ ڪيل آھي تہ بمعنی خبر یعنی اللہ تعالیٰ توھان کي غيب مان اطلاع ڏنو

— ۔[1]
  1. (المواہب اللدنیۃ،المقصد الثانی