غلام سرور جتوئي سنڌ جو هڪ ناميارو پهلوان، ملهه جو تجربيڪار کيڏاري ۽ ملهه ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهي، هيءُ سنڌ جي شهر شڪارپور جو رهواسي آهي. هن جو شمار چوٽيءَ جي پهلوانن ۾ ٿئي ٿو. هن جي جوڙ جا پهلوان شير ميربحر، سيد سمن شاهه ۽ پستول شيدي وغيره هئا.

تعليم سنواريو

غلام سرور جتوئي هڪ تعليم يافته ملهه رهيو آهي، جنهن شاهه لطيف ڪاليج شڪارپور مان بي . اي ڪئي ۽ ڪاليج جي يونين جو صدر به ٿيو.

شهرت سنواريو

غلام سرور جتوئي سنڌ ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ هر جوڙ جي پهلوانن سان وڙهيو ۽ هميشه سوڀارو رهيو. هيءُ ٻين پهلوانن سان گڏ لعل شهباز قلندر جي ميلي تي ٿيندڙ ملاکڙي ۾، سمن شاهه جي ميلي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلن ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي منعقد ٿيندڙ ميلن ۽ ملاکڙن ۾ پنهنجي زور ۽ هنر جا ڪرتب ڏيکاريندو رهيو آهي.

سکيا ۽ ڪاميابيون سنواريو

هن پنهنجي والد قلب علي جتوئيءَ کان ملهه جي راند جي تربيت وٺي ميدان ۾ لٿو. هن جو والد پڻ وقت جو ناميارو ملهه هو. غلام سرور جتوئي 1971ع ۾ ملهه وڙهڻ شروع ڪئي ۽ جلد ئي 1972ع ۾ ٻئي جوڙ جي پهلوانن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن ڪئين انعام، گولڊ ميڊل ۽ ٽرافيون پڻ کٽيون ۽ آخر ۾ هي پهرئين جوڙ جو ملهه بڻجي ويو. هن کي فقط سيد سمن شاهه شڪست ڏني، غلام سرور هڪ تعليم يافته پهلوان هو، ان ڪري سڀني ملهن گڏجي کيس ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ۽ هن باقاعدي ملهه برادريءَ جي سڌاري جا ڪارناما انجام ڏنا. غلام سرور جتوئي جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان حڪومت کي ملهن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪندو رهيو آهي، جنهن ۾ ملهن کي ٻين رانديگرن وانگر سرڪاري توڙي بئنڪن ۾ نوڪري ڏيڻ وارو مطالبو به شامل آهي. [1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011