عنايت انڙ (انگريزي: Inayat Unar)ھڪ ناليوارو شاعر، نثرنويس ۽ محقق آھي. ھن جا ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن.

جنم ۽ تعليم

سنواريو

عنايت انڙ جو جنم پھرين آگسٽ 1978ع تي مٽياري تعلقي جي ڳوٺ دين محمد انڙ ۾ ٿيو. ھن مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ ھاءِ اسڪول موسيٰ کٽياڻ مان پاس ڪيو. ٻارھين ڪلاس جو امتحان ٽنڊي ڄام مان پاس ڪيائين. اڳتي ھلي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي (پاڪستان اسٽڊيز) جي سند حاصل ڪيائين. ان کان علاوہ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون سندون بہ حاصل ڪيائين. ھو تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول جي استاد طور ڪم ڪري رھيو آھي.[1]

ادبي ڪاوشون

سنواريو

عنايت انڙ کي ننڍي ھوندي کان ئي ادبي ڪتاب پڙھڻ ۽ لکڻ جو شوق رھيو. ھو ھڪ سٺو شاعر ۽ نثرنويس آھي. ھن جي شاعري ۽ تحقيقي مضمون سنڌ جي ساک وارن رسالن ۽ اخبارن جي زينت بنجندا رھيا آھن. ھو سنڌي ادبي سنگت جي ٽنڊوڄام واري شاخ جو سرگرم ميمبر آھي.

ڇپيل ڪتاب

سنواريو

عنايت انڙ جا ھن وقت تائين ھيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آھن:[2]

  • مخزن اعجاز
  • اکر اکر ۾ اسرار
  • حقيقت جا ھوڪا
  1. Sindh, Pakistan and Beyond, August 01, 2023
  2. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2023-08-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2023-08-01