علي مراد جو دڙو

قديم آثار

علي مراد جو دڙو انگريزي (Ali Murad Mound) قديم آثارن وارو ماڳ آهي جيڪو ڳوٺ علي مراد شاهاڻي ۽ بهليل شاھ جي وچ تي جوهي تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ پاڪستان ۾ واقع آهي.[1] هن ماڳ کي برطانوي هندستان جي قديم آثارن جي ماهر اين. جي. مجمدار ڳولي لڌو ۽ علي مراد نالي سان ايڪسپلوريشنس اِن سنڌ ڪتاب ۾ درج ڪيو.[2] هيءُ ماڳ دادو شهر کان 20 ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ-اولهه ۾ آهي.[3] هيءُ ماڳ غازي شاهه جو دڙو کان 8 ميل اتر ۽ 14 ميل جوهيءَ شهر کان ڏکڻ-اولهه تي اڄ به موجود آهي.[4] دڙي جي چوٽيءَ تي محلات کي آيل پٿرن سان جوڙيل ڪنگرن وارو بچاءُ لاءِ آيل ڪوٽ به دريافت ڪيو ويو هو. قديم آثارن جي ماهر ويلر مطابق سنڌو تهذيب جو ٺڪراٺو،ڍڳي ۽ سُوئر جا مجسمه،گھڙيل پٿر،رُڪ يا ڪنجھي جي ننڍي ڪهاڙي،ابرق ۽ عقيق جي مختلف رنگن جا مڻيا ۽ ٺڪراٺي جا ٻيا قديم آثاردريافت ڪيا ويا.[3] هت محلات يا ڳوٺ جا آثار مليا جنهن کي ڪنگرن ۽ برجن وارو ڪوٽ ڦيريل هو.[5]

علي مراد جو دڙو

حوالا سنواريو