علي شير قانع ٺٽوي

مير علي شير قانع ٺٽوي (Mir Ali Sher Qanie Thatvi) (پيدائش:1140هه بمطابق 1727ع وفات: 1203هه بمطابق 1788ع) سيد خاندان سان تعلق رکنڊڙ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور حڪومت جو ممتاز شاعر، عالم، مصنف ۽ مورخ هو جنهن جا فارسي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن.[1]

حسب نسب

سنواريو

ڪتاب تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي جو شجرو هن ريت درج ٿيل آهي. مير علي شير بن سيد عزت الله بن سيد محمد ڪاظم بن سيد محمد مقيم بن سيد ظهيرالدين بن سيد شڪرالله ثاني بن سيد ظهيرالدين المعروف سيد جادم اول بن سيد قاضي شڪرالله شيرازي بن سيد وجهه الدين بن سيد نعمت الله بن سيد عرب شاهه بن سيد امير سيد سيد نسيم الدين المعروف مير ميرڪ شاهه بن امير سيد عطاءُ الله جمال الدين محدث بن امير سيد فضل الله المحدث الحسيني الدشتڪي الشيرازي.

مير علي شير قانع ٺٽوي جو جداعليٰ قاضي مير سيد شڪر الله حسني شيرازي- هنن جا بزرگ اصل شيراز جا ويٺل هئا- سلطان ابو سعيد جي زماني ۾ هنن شيراز کان لڏي هرات ۾ سڪونت اختيار ڪئي. قاضي مير شڪرالله جو پنجين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو امير سيد جمال الدين عطاءَالله حسني هراتي هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، جو پنهنجي وقت جو مشهور محدث هو ۽ هرات ۾ حديث جي علم جي اشاعت جو باعث ٿيو. قاضي مير شڪرالله هرات کان قنڌار آيو ۽ اُتان جڏهن شاه بيگ ارغون اچي سنڌ فتح ڪئي، تڏهن ٺٽي جي فتح کان هڪ سال پوءِ سنه 927 هجري، مطابق سنه 1520 عيسوي ۾ چند بزرگن جي هڪ قافلي سان گڏ ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ۽ اتي سڪونت اختيار ڪيائين. انهي نو وارد بزرگن جي قافلي ۾ چار هستيون بلڪل برڪت واريون هيون، جي ساڳئي وقت ٺٽي ۾ وارد ٿيون، هڪ سيد شاهه منبه جيلاني جو حضرت غوث اعظم جي اولاد مان هو ۽ طريقت جو صاحب هو- شڪرالله هي محله جي ويجهو سندس مزار آهي، جنهن کي هاڻي منبه پير سڏين ٿا. هن بزرگ پنهنجي زندگي روحاني فيض پکيڙڻ ۾ صرف ڪئي ۽ مجرد رهيو. شادي نه ڪيائين هڪڙيئي هنڌ عبادت ۽ مراقبه ۾ زندگي گذاريائين، جتي هاڻ سندس مزار آهي، اهو سندس هڪ مريد جو گهر هو ۽ اتيئي فيض جي مجلس قائم ٿيندي هئي. گهڻو ٻاهر نه نڪرندو هو، اهو سندس مريد ۽ ان جي ماءُ به سندس قبر جي پيراندي دفن ٿيل آهن . ٻيو بزرگ جو انهيءَ قافلي ۾ آيو، سو آهي سيد ڪمال حسين شيرازي. هي بزرگ پڻ صاحب طريقت هو ۽ مجرد رهيو. ٺٽو شهر جي ٻاهران مڪلي ڏانهن ويندڙ رستي تي ”شاهه ڪمال“ جي نالي سان سندس درگاهه هن وقت به خلق جي آما جگاهه آهي. سندس هڪ ڀاءُ سيد جمال پڻ ساڻس گڏ هو، جو مڪليءَ تي سيد شڪرالله جي پاسي ۾ دفن ٿيل آهي. ٽيون بزرگ آهي سيد شاهه عبدالله گجراتي، هي بزرگ ساڳئي وقت گجرات مان ٺٽي ۾ وارد ٿيو ۽ مڪلي تي جت هاڻ سندس مقبرو آهي ۽ ميان عبدالله اصحابي جي مقبره جي نالي سان مشهور آهي، اتي گوشه نشين ٿي عبادت ۽ رياضت ۾ رهيو. هنن جو چوٿون ساٿي مير سيد شڪرالله هو، جو امير سيد جمال الدين عطاءَالله هراتي جي ڇهين پشت ۾ هو ۽ سندس سلسلي نسب هن طرح آهي: قاضي سيد شڪرالله بن وجيهه الدين بن نعمت الله بن عرب شاه بن نسيم الدين ميرڪ شاهه بن امير عطاءَالله. اهو بزرگ واپاري واري حيثيت ۾ قنڌار کان ٺٽي ۾ وارد ٿيو ۽ هاڻوڪي شڪرالله هي محلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس عالمانه ۽ درويشانه صفتن جي ڪري شاهه حسن ارغون کيس ٺٽي جو قاضي بنايو. اهو عهدو هن نهايت ديانتداري ۽ شرعي احڪام موجب سنڀاليو. هڪ ڀيري شاهه حسن سندس بي ريائي جو امتحان وٺڻ گهريو ۽ انهي لاءِ هڪ واپاري کان گهوڙو خريد ڪري، ان جي رقم ادا ڪرڻ کان نٽايائين، واپاريءَ قاضي شڪرالله وٽ پنهنجي حق طلبي لاءِ دعويٰ داخل ڪئي، شرعي قاعده موجب شاهه حسن کي قاضي شڪرالله جي عدالت ۾ حاضر ٿيڻ جو سڏ پهتو ۽ جڏهن هو اتي ويو ته قاضي صاحب کيس دعويٰ جي ٻڌڻ تائين مدعي سان گڏ بيهڻ لاءِ چيو. شاهه حسن ته فقط امتحان طور ايئن ڪيو هو، سو بر وقت تاجر جي دعويٰ قبولي رقم ڀري ڏنائين، انهيءَ بعد قاضي صاحب شاهه حسن جا آداب بجا آندا ۽ پاڻ اُٿي بادشاهه کي پنهنجي جاءِ تي ويهاريائين. ان وقت شاهه حسن کيس ٻڌايو ته آءٌ ڪمر ۾ خنجر کڻي آيو هُئس ۽ جيڪڏهن تون منهنجي بادشاهه هجڻ جو شرعي فيصلي ۾ لحاظ ڪرين ها ته تنهنجو خير نه هو- قاضي صاحب به پنهنجي مسند هيٺان تلوار ڪڍي ڏيکاري ۽ چيائين ته انهي لاءِ رکي هيم ته جيڪڏهن تون شرعي حڪم موجب مدعي سان گڏ بيهڻ کان عذر ڪرين ها ته توتي شرعي حد قائم ڪريان ها. قاضي سيد شڪرالله کي شرعي احڪام جو لحاظ ايتريقدر هو جو آخر شاهه حسن کي ڪجهه عرصي بعد قضا جي عهده جي استعفا ڏياري موڪليائين ته بشريت جي تقاضاً موجب آءٌ اهو بار پاڻ تي کڻي نٿو سگهان ۽ خوف خدا جي باعث ڊڄان ٿو ته ڪا لغزش نه ڪري ويهان. آخر سندس صلاح موجب شاهه حسن قاضي شيخ محمد جعفري کي اُچ مان گهرائي ٺٽي جو قاضي بنايو ۽ قاضي شڪرالله جي استعفا منظور ڪيائين. قاضي سيد شڪرالله جي اولاد ۾ تمام گهڻي برڪت پيئي ۽ ان مان ڪيترا عالم ۽ درويش پيدا ٿيا. سندس پوٽي سيد شڪرالله ثاني جو پڙ پوٽو سيد نظام الدين بن سيد نور محمد جو بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ شاهجهان آباد پهتو ۽ سندس علمي قابليت جي لحاظ تي بادشاهه اورنگزيب جيڪا عالمن جي ڪميٽي فتوائن جمع ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي، ان جو ميمبر مقرر ڪيائينس. انهي ڪميٽي ۾ سڄي هندوستان جي چوٽيءَ جا عالم چونڊيا ويا هئا. جن 8 سال محنت ڪرڻ بعد ”فتاويٰ عالمگيري“ جو ڪتاب تيار ڪيو، ان تي ٻه لک روپيه خرچ آيو ۽ سنه 1085 هجري مطابق 1674 عيسوي ۾ تيار ٿي ۽ اصلي مواد سڄو عربي زبان ۾ آهي- ان ۾ 124 مکيه فتاويٰ جي ڪتابن جا حوالا ڏنل آهن- انهن 16 چوٽي جي عالمن جي ڪميٽي ۾ ٻه بزرگ سنڌ جا ۽ خاص ٺٽي جا چونڊيا ويا: هڪ سيد نظام الدين شڪرالله هي ۽ ٻيو قاضي ابوالخير از اولاد مخدوم فضل الله. انهي جماعت جو سرگروهه گجرات جو مشهور عالم شيخ نظام برهانپوري هو. انهن عالمن ۾ ڇهه عالم، يوپي مان ڇهه عالم بهار پرڳڻي مان، ٻه عالم دهلي جا، ۽ ٻه عالم مٿيان سنڌ جا هئا. مير علي شير قانع ٺٽوي مٿي ذڪر ڪيل سيد شڪراللهي ثاني جي ٻئي پٽ سيد ظهيرالدين ثاني جي پڙپوٽي سيد عزت الله جو فرزند هو- سنه 114 هجري، مطابق 1728 عيسوي ۾ ٺٽي ۾ تولد ٿيو. ان وقت ٺٽو سڌي طرح دهلي جي مغل حڪومت جو ماتحت هو ۽ مغل بادشاهه جي پاران ٺٽي ۾ نواب مقرر ٿي ايندا هئا- پر ستت ئي يار محمد خان ڪلهوڙي کي سنڌ جي نوابي ۽ ”خدا يار خان“ جو لقب مغلن وٽان مليو ۽ سنڌ جي گادي ٺٽي جي بجاءِ دادو ضلعي جي خداآباد شهر ۾ ڦري وئي، جو خدايار خان پنهنجي نالي تي آباد ڪيو هو.[2]

زندگي جو احوال

سنواريو

مير علي شي قانع ٺٽوي، سنڌ ۾ ڪلهوڙا خاندان جي خودمختيار حڪمران ميان نور محمد ڪلھوڙو جي ڏينهن ۾ 1140هه بمطابق 1727ع ۾ سيد عزت الله جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٺٽو تڏهن علم ۽ درس تدريس جو مرڪز هو. انهي زماني ۾ مير علي شير قانع تعليم حاصل ڪئي. هن عربي فارسي ٻولين ۽ علوم جوي سکيا حاصل ڪئي، هن وقت جي جيد عالمن، ميان نعمت، ميان محمد صادق ، آخوند محمد شفيع ۽ ميان عبدالجليل کان سبق حاصل ڪيو جن جو پاڻ به ذڪر ڪيو اٿائين. آخوند ابوالحسن “بي تڪلف” وٽ به فارسي پڙهيائين. مير صاحب ننڍپڻ ۾ اٽڪل 12 سالن جي ڄمار ۾ مڪتبن ۾ پڙهڻ دوران شعر لکڻ شروع ڪيو. کيس مطالعي جو به وڏو شوق هو. هن ڪامل استادن جي رهنمائي ۾ شاعري، نثر نگاري، تحقيق، تاريخ جا ڪيترائي ڪتاب لکيا. شاعري ۾ مختلف تخلص اختيار ڪيائين. نور نچوڙي جيڪي ڪتاب لکيائين تن کيس وقت جو وڏو عالم، شاعر. مقنف ۽ تاريخ نويس بڻايو.[3] مير علي شير قانع پنهنجي تعليم علامه معين ۽ مخدوم رحمته الله وٽ ٺٽي ۾ حاصل ڪئي- 12 سالن جي عمر ۾ فارسي شعر چوڻ لڳو- 12 هزار شعرن جو ديوان ٺاهيائين، پر پوءِ درياه داخل ڪري ڇڏيائين- وري مير حيدرالدين ابوتراب جي صحبت ۾ 15 سالن جي عمر ۾ ”مظهري“ تخلص سان نئين سر شعر چوڻ شروع ڪيائين. قانع جو تخلص پوءِ اختيار ڪيو اٿس، سندس قابليت ڪلهوڙا حاڪمن تائين پهتي، جن کيس پاڻ وٽ گهرائي پنهنجو علمي مصاحب بنايو، نور محمد، مرادياب ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي ٽن سنڌ جي حاڪمن جي درٻار ۾ رهيو. سنه 1168 هجري ۾ مرادياب جي تخت نشيني تي قصيدو لکيائين، جنهن مان سال جلوس جون 63 33 تاريخون نڪرن ٿيون. ان وقت سندس عمر 28 سالن جي هئي. هو تاريخگوئي ۽ شاعرانه صنعتن جي فن ۾ ڪامل هو، تمام گهڻا ڪتاب فارسي نثر ۽ نظم ۾ لکيائين. انهيءَ مان فقط ”تحفته الڪرام“ ڇپيل آهي، جنهن مان سنڌ جي قديم تاريخ معلوم ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ملي ٿي. اهو سنه 1181 هجري، مطابق 1762 عيسوي ۾ لکي پورو ڪيائين. ”تحفته الڪرام“ جي لکجڻ کان هڪ سال پوءِ 1182 هجري ۾ حيدرآباد جو شهر آباد ڪرائي غلام شاهه ڪلهوڙي ان کي پنهنجو تخت گاهه بنايو. مٿي ڏنل تفصيل موجب ٺٽي جو شهر ڪل 259 سال گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ ان مان 33 سال سمن جو عهد، 41 سال ارغون جو عهد 33 سال ترخان جو عهد ۽ 51 سال مغليه نوابن جو عهد آهي.[2]

علمي خدمتون

سنواريو

سندس وفات کان پنج سال اڳ سنڌ تي ٽالپر بلوچن جو قبصو ٿي چڪو هو. معلوم ٿو ٿئي ته مير علي شير قانع تحفته الڪرام کان سواءِ خود پنهنجي زماني جو يعني ڪلهوڙن جي عهد جو مفصل تذڪرو نثر خواه نظم ۾ لکيو هو، سنڌ تي قنڌار جي طرف کان ٻه وڌيڪ ڪاهون خود سندس زماني ۾ ٿيون، جن ڪلهوڙن کي شروع کان قنڌار جو تابعدار بنائي ڇڏيو. نور محمد خان ڪلهوڙي کي سنه 1151 هجري ۾ مغل درٻار مان ٺٽي جو علائقو اڃان ٺيڪي ۾ مس مليو ته سنه 1152 هجري ۾ نادر شاهه قنڌار کان فوج وٺي اچي سنڌ تي ڪڙڪيو ۽ نور محمد کي پنهنجو مطيع ڪري ۽ ويهڻ لکين جو خراج منظور ڪرائي پوءِ موٽيو، ان جي ضمانت ۾ نور محمد جا ٽي پٽ به پاڻ سان کڻي ويو- وري سنه 1167 هجري ۾ ڪلهوڙن قنڌار کي خراج ڀرڻ ۾ سستي ڪئي ته احمد شاهه ابدالي اچي سنڌ ۾ ڪڙڪيو ۽ سيوهڻ ۾ منزل انداز ٿيو- انهي بابت چشم ديد واقعات سندس ڪتابن حالات ڪلهوڙه، ۽ لب لباب تاريخ ڪلهوڙه ۾ ملي سگهندا، پر اهي ڪتاب ناياب آهن. شاعرن جي حالات ۽ اقوال ۾ سندس مشهور ڪتاب مقالات الشعراءَ جو هڪ نسخو موجود آهي. ٻيو پڻ سندس هڪ ڪتاب مختارنامه موجود آهي. انهن کان سواءِ شعر شاعري ۽ تصوف جي مختلف مسئلن تي سندس ڪيترن رسالن جا نالا ملن ٿا، مگر اهي رسالا عدم موجود آهن. بعض ڪتابن جا نالا هي آهن. زينت الاخلاق- تهذيب الطبايع زيده المقامات- معيار سالڪان طريقت- مثنوي ختم السلوڪ- مثنوي ڪرشمئه قدرت- مثنوي قضا و قدر- مثنوي ڪانِ جواهر- نسخه غوثيه- مڪلي نامه- قصاب نامه- زين الافڪار- حديقته الاولياءَ- شجره مشائخ- سياحت نامه- قصه ڪامروپ- چهار منزله- تزويج نامه حسن و عشق- رساله در صنائع وبدايع- روضته الانبياءِ- بوستان بهار- اعلان غم درذڪر شهداءِ ڪربلا- رسالا شرح معما ديوان قانع.[2]

ڪتابن جا نالا

سنواريو

قانع پنهنجي سڄي زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاري، سندس جن ڪتابن جي باري ۾ معلومات ملي سگهي آهي، اهي هيٺيان آهن. (1) ديوان علي شير (2) مثنوي شمع از قدرت (3) مثنوي قضا و قدر (4) نو آئين خيالات (5) مثنوي قصه ڪامروپ (6) ديوان غم (7) ساقي نامو (8) واقعات حضرت شاهه (9) چهار منزله (10) تزويج نامه حسن ۽ عشق (11) اشعار متفرقه در ضائع و تاريخ (12)بوستان بهار معروف مڪلي نامو (هي ڪتاب نثر ۽ نظم ۾ آهي، جنهن ۾ مڪلي قبرستان جي منظرن ۽ مقبرن جو احوال ڏنل آهي. ان جو هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي، راشدي صاحب ان تي وڏي محنت ۽ عرق ريزي سان حاشيا ۽ ضروري نوٽ لکي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو آهي) (13) تاريخ عباسيه (14) تاريخ عباسيه (نظم) (15) تحفة الڪرام (هي ڪتاب ٽن جلدن ۾ آهي ۽ ٽئي جلد 1304ھ ۾ ناصري دهلي طرفان ڇپجي به چُڪا آهن. ڪتاب جو آخري جلد سنڌ جي تاريخ متعلق آهي. راشدي صاحب هن ڪتاب تي ضروري حاشيا ۽ شجرا ڏئي ڪري ادبي بورڊ پاران ڇپرايو آهي. (16) مثنوي اعلان غم (17) زبدت المناقب (18) مختار نامه (ان جو هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ آهي) (19) نصاب البلغاءَ (ان ڪتاب جو هڪ نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسيني جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي) (20) مثنوي ختم السلوڪ(سنڌي ادبي بورڊ وٽ ان جو هڪ نسخو پيل آهي. (21) طومار سلاسل گزيده (ادبي بورڊ وٽ نسخو موجود آهي (22) شجره طريقت اهل بيت (23) معيار سالڪان طريقت (ان جو هڪ نسخو برٽش ميوزيم ۾ موجود آهي، جيڪو سن 1242ھ ۾ مير مراد علي ٽالپر جي لاءِ لکيو ويو) (24) روضت الانبياءَ (25) زينت الاخلاق (26) غوثيه (27) مثنوي قصاب نامه (سنڌي ادبي بورڊ ۾ ان جو نسخو موجود آهي). (28) ميزان الافڪار (29) تذهيب طباع (30) سرفراز نامه (31) حديقت البلغا (نسخو سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ آهي (32) مثنوي ڪان جواهر (33) ميزان فارسي (34) رساله معمامع شرح (نظم ۽ نثر ۾). (35) لب تاريخ ڪلهوڙا (36) بياض محڪ الشعراءَ (نسخو ادبي بورڊ وٽ آهي) (37) ديوان اشعار (38) قصائد و منقبت (نسخو موجود) (39) انشاءَ قانع (نسخو موجود) 40) مثنوي محبت نامه (نسخو موجود). (41 ـ 42) انهن ٻنهي جا نالا مير مائل جي ڏنل فهرست مان ڊهي چُڪا آهن.[4].

ملازمت

سنواريو

سنڌ جي حڪمران ميان غلام شاھ ڪلهوڙو مير علي شير قانع کي پنهنجي خاندان جي تاريخ لکڻ لاءِ پاڻ وٽ رکيو. سندس تقرري 1175ھ ۾ تاريخ نويس جي عهدي تي ڪئي وئي. مير صاحب ڪيترو عرصو انهيءَ عهدي تي مقرر رهيو ان باري ۾ معلومات درج نه آهي. مير صاحب تاريخ لکڻ لاءِ ٺٽي کان خداباد هليو ويو. مير صاحب جو وڏڙن کان وٺي ذريعه معاش حڪمرانن طرفان جاگيرون ملڻ، پگهارون ملڻ، وظيفا، خلعتون ۽ انعام اڪرام ماڻڻ تي هو.

ممير علي شير قانع 63 سالن جي عمر ۾ سنه 1203 هجري مطابق سنه 1789 عيسوي ۾ وفات ڪئي.[2] سندس قبر جي جاءِ ته نه لڀجي سگهي آهي پر يقين سان چئي سگهجي ٿو ته شڪر الليٰ جي قبرستان جيڪو مڪلي ۾ آهي، مدفون هوندا.[4]

  1. "مير علي شير قانع ٺٽوي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-04-02. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 مير علي شير قانع ٺٽوي-- ”سرشار“ عقيلي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  3. مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفته الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ، 2004ع
  4. 4.0 4.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي