حاجي علي انور کوکر، لاڙڪاڻي جو مشهور سماجي ڪارڪن آهي. سندس سماجي خدمتن کي ڏسندي کيس ’لاڙڪاڻي جو ايڌي‘ به چيو وڃي ٿو.

پيدائش سنواريو

هن 1942ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

تعليم سنواريو

ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين.

ڌنڌو سنواريو

غربت جي ڪري وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، پوءِ پاڪستان چوڪ لاڙڪاڻي تي هڪ سيلون جي دڪان تي ڪم سکيو. 1969ع ۾ پنهنجي استاد جي اجازت کان پوءِ ڪينيڊي مارڪيٽ ۾ پنهنجو دڪان کوليائين. حاجي علي انور يتيم ٻارن کي پنهنجي گهر ۾ رهائيندو هو. بعد ۾ ٻارن سان گڏ درگاهه قائم شاهه تي رهندو هو.

سماجي خذمت سنواريو

علي انور کي ڊي. سي. او لاڙڪاڻي محمد عارف 2001ع ۾ 4000 فوٽ زمين ڏني جتي هن 10 ڪمرن تي مشتمل خدمت معصوم ويلفيئر سينٽر کوليو. ان سينٽر ۾ يتيم، ٻوڙن، معذورن ۽ بيواهه عورتن کي پناهه ڏني ويندي آهي. هن شخص جو اهو مشغلو آهي ته روزانو اسڪولن جي موڪل وقت ٻارڙن کي حفاظت سان لاڙڪاڻي جا روڊ ڪراس ڪرائيندو آهي ۽ اڃا تائين پيرسني واري حالت ۾ به اها خدمت بنا ڪنهن لالچ جي ڪندو رهي ٿو. سندس سماجي خدمتن عيوض 23 مارچ 2003ع تي کيس ’هلال امتياز‘ جو تمغو ڏنو ويو.[1]

حوالا سنواريو