عظيم تر آمريڪا يا پين اميرڪن ازم (انگريزي ٻولي: Pan Americanism) هڪ تحريڪ آهي، جنهن جو مقصد اتر، ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي آمريڪي کنڊ ۾ شامل سڀني ملڪن کي سياسي، سفارتي، فوجي، معاشي ۽ سماجي بنيادن تي ويجھو آڻي، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي منجهن سهڪار ۽ ڀائيچارو قائم ڪرڻ آهي. هن تحريڪ جي شروعات 1810ع ۾ ڏکڻ آمريڪا ۾ آزاديءَ لاءِ هلايل تحريڪن سان ٿي، امريڪي صدرن ٽامس جيفرسن ۽ جيمس منرو ان تحريڪ جي سهائتا ڪندي، آمريڪي کنڊ ۾ يورپي قومن جي دلچسپي ختم ڪرڻ لاءِ سهڪاري پاليسيون جوڙيون. پر اڳتي هلي علائقي جي ڪيترين قومن ان کي ’آمريڪي سامراجيت‘ جي شڪل ۾ ڏسڻ شروع ڪيو. ان جي ڪري اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ لاطيني آمريڪا ۾ ’فوجي قومپرستيءَ‘ واري لاڙي کي هٿي ملي ۽ علائقي جي اڪثر ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتان ۽ ڦڏن جنم ورتو. ان هوندي به سڀني ملڪن سهڪار ۽ آمريڪيت جي جذبي کي ختم ٿيڻ نه ڏنو. ان حوالي سان ’آمريڪي ڪانفرنسن‘ جوهڪ سلسلو شروع ٿيو ۽ آمريڪي کنڊ جي مختلف شهرن پاناما (1826ع)، ليما (1847ع)، سانتياگو(1856ع) ۽ ليما (1864ع) ۾ آمريڪي رياستن جا اجلاس ٿيا. پر 1889- 1890ع ۾ واشنگٽن ڊي- سي ۾ ڊومينيڪن ريپبلڪ کان سواءِ سڀني آمريڪي رياستن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ تڪرارن جي حل ۽ واپاري سهڪار کي وڌائڻ لاءِ سهمتيءَ جو ماحول جڙيو. ان جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ’وسيع- تر آمريڪي ڀائپي‘Pan American Union جهڙي تنطيم جو قيام ممڪن ٿيو ۽ علائقي جي ملڪن ۾ ترقيءَ ۽ تعاون سميت ڪيترا فائديمند معاهدا ٿيا. ويهين صدي عيسويءَ ۾ آمريڪا طرفان پاناما ڪئنال تي والار جهڙن معاملن آسپاس جي ملڪن ۾ نفرت جنم ورتو، پرصدر فرينلڪن رُزويلٽ جي “Good Neighbor Policy” واري نظريي آمريڪي کنڊ جي ملڪن ۾ نئون اُتساهه پيدا ڪيو. ان جي نتيجي ۾ 1948ع ۾ Organization of American States نالي جڳ- مشهور علاقائي سهڪاري تنظيم جو وجود ممڪن ٿيو ۽ انهيءَ تسلسل ۾’سينٽرل اميرڪن ڪامن مارڪيٽ‘ ’لئٽن اميرڪن انٽيگريشن ايسوسيئيشن‘ ’مرڪوسر‘ ۽ ’نارٿ اميرڪن فري ٽريڊ آگريمينٽ‘ جهڙا پلئٽفارم جُڙيا.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد