عزت خان
عزت خان (انگريزي: Izat Khan)غضنفر خان پوءِ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ 1080ھ تائين رهيو.[1].تحفته الڪرام مطابق ٻيو ڀيرو 1084ھ ۾ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ ڇهه سال رهيو[1].
نواب سيد عزت خان | |||||
---|---|---|---|---|---|
ٺٽي جو مغل گورنر | |||||
1077ھ کان 1080ھ تائين (ٻيون دفعو:1084ھ کان 1090ھ [1]) | |||||
پيشرو | *پھريون دفعو:غضنفر خان | ||||
جانشين | *پھريون دفعو: شائستہ خان
| ||||
ريجنٽ | اورنگزيب عالمگير | ||||
| |||||
گهراڻو | سيد | ||||
مذھب | اسلام |
تفصيل
سنواريوعالمگير پنهنجي حڪومت جي ڏهين سال عزت خان عرف عزت پير کي 1077ھ تي بکر جي فوجداري کان بدلي ڪري ٺٽي جو صوبييدار ڪري رکيو. هو دارا شڪوه جي ويجهو هو، تنهن ڪري ان جي سفارش تي کيس شاهجهان طرفان عزت خان خطاب ۽ ملتان جي گورنري ملي. شاهجهان پنهنجي حڪومت جي اڪٽيهين سال عزت خان کي بهادر خان جي جاءِ تي لاهور جو گورنر ڪيو. جڏهن عالمگير ۽ دارا شڪوه جو پاڻ ۾ جهيڙو شروع ٿيو ته عزت خان دارا شڪوه سان ملي ويو ۽ ان سان گڏ لاهور ۽ ملتان ۾ ڀٽڪندو رهيو. دارا شڪوه ملتان مان تڙجي جڏهن بکر پهتو ته عزت خان کانئس الڳ ٿي عالمگير وٽ وڃي حاضر ٿيو ۽ ٽي هزاري ۽ پنج سؤ منصب سان نوازجي محمد شجاع سان جنگ ڪيائين. عالمگيري حڪومت جي چوٿين سال هو سنجر خان جي جاءِ تي بکر جو فوجدار ٿيو ۽ ڇهن سالن کانپوءِ غضنفر خان جي وفات ڪرڻ بعد ٺٽي جو صوبيدار ڪيو ويو ۽ 1080ھ تائين پورا ٻه سال ان عهدي تي رهيو.[1]