عرفات :(انگريزي: Arafat ) سعودي عرب جي شھر مڪي ۾ مرڪزي شھر کان 12 ميلن جي فاصلي تي واقع ھڪ ميدان جو نالو آهي جتي 9 ذوالحج تي منجھند جو حج دوران حاجي حج جو خطبو ٻڌندا آهن. قرآن ۾ ان کي ھڪ پاڪ مقام سڏيو ويو آهي. عرفات جي ان خطبي ۾ شرڪت کانسواءِ حج اڻپورو ھوندو آھي[1]. اسلامي روايتن مطابق حضرت آدم ۽ حضرت حوا جنت مان نيڪالي بعد ان ميدان تي ٻيھر مليا ھيا ۽ اتي جبرائيل کين حج جون رسمون سيکاريون[1].

حاجي عرفات جي ميدان تي دعا گھرندي
عرفات جو ميدانِ ، 2003ع
عرفات جو جبل

ان ميدان تي ھڪ ننڍڙو جبل واقع آهي جنھن کي جبل عرفات سڏيندا آهن جنھن تي بيھي 632ع ۾ حضرت محمد صه پنھنجي حج جو آخري خطو ڏنو. عرفات جي ميدان تي ھڪ وڏي مسجد ٺاھي وئي آھي جنھن جو نالو نمرا مسجد آھي جتان ھاڻي حج جو خطبو ڏنو ويندو آهي جيڪو پوري دنيا ۾ نشر ٿيندو آهي[1]. ان ميدان تي ٻيو پاڪ مقام مزدلفہ آھي جتي حاجي خيمن ۾ رات گذاريندا آهن. ان کان علاوه ھڪ مقام منا آھي جتي حاجي مڪي واپسي وقت ٽن ٺلھن کي پٿريون ھڻي حج مڪمل ڪندا آهن[1]. ھن وقت اتي ان ميدان تي جديد سھولتن سان ويھ لک ماڻهن جو بندوبست ڪيل آھي[1].اھو ميدان مڪي جي اوڀر طرف 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي جتي ھڪ گرينائيٽ جو جبل ساڳي نالي سان سڏجي ٿو.[2].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 54-55,
  2. "خرائط Google". خرائط Google.