عدد معنى انگ

عدد مختلف نمونا سان مختلف نمونن جا هوندا آهن.

سنڌي ويا ڪرڻ ۾اسم جو عدد ٻن قسمن جو هوندو آهي.سنواريو

  1. عدد واحد (ڪرسي، ميز، ڪتابُ، قلمُ، ڇوڪرو، پپيتو، صوفُ، ماءُ، ڌيءُ)
  2. عدد جمع (ڪرسيون، ميزون، ڪتابَ، قلمَ، ڇوڪرا، پپيتا، صوفَ، مائرون، ڌيئرون)

واحد عدد ما جمع عدد ٺاهڻ جا قائدا؛

  1. جن عددن يعني اسمن جي آخر وارو اکر ”و“ آهي ان اسم جي آخري اکر ”و“ ڪڍي ”ا (الف)“ لڳائڻ سان جمع ٺهندو آهي
واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ڇوڪرو ڇوڪرا پاڏو پاڏا گابو گابا ڳانو ڳانا لوٽو لوٽا واڍو واڍا نانو نانا

2. جن عددن يعني اسمن جي آخر واري اکر تي ”پيش“ آهي ۽ جنس مؤنث آهي ته آخري اکر تان پيش هٽائي ”ون“ يا ”رون“ لڳائڻ سان جمع ٺهندو آهي.

واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ماءُ مائرون ڀيڻُ ڀينرون ڌيُ ڌيئرون

3. جن اسمن جي آخري اکر هيٺيان ”زير“ هجي ۽ اڪثر ڪري اهڙا اسم مؤنث هوندا آهن، انهن کي جمع ٺاهڻ لاءِ ”يون“ ملا.بو آهي.

واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ڀتِ ڀتيون تڏِ تڏون ڇتِ ڇتيون گدِ گديون ولِ وليون

4. اهڙا واحد اسم جن جو آخري اکر ”ي“ هجي ۽ جنس مؤنث هجي، اهڙن اسمن کي جمع ٺاهڻ لاءِ آخر ۾ ”ون“ لڳائبو آهي.

واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ڪرسي ڪرسيون مڇي مڇيون رسي رسيون ڇٻي ڇٻيون دري دريون چري چريون

5. جن اسمن جي آخري اکر تي ”زبر“ هجي ۽ جنس مؤنث هجي، اهڙن اسمن کي جمع ٺاهڻ لاءِ ۾ وچولي ۽ لاڙ جي علائقي ۾ ”ون“ ملائبو آهي ۽ اتر سنڌ ۾ ”ان“ ملائبو آهي.

واحد جمع وچولي ۽ لاڙ ۾ جمع اتر سنڌ ۾ واحد جمع وچولي ۽ لاڙ ۾ جمع اتر سنڌ ۾ واحد جمع وچولي ۽ لاڙ ۾ جمع اتر سنڌ ۾
واڳَ واڳون واڳان پليٽَ پليٽون پليٽان کٽَ کٽون کٽان

6. ڪن واحد اسمن جي آخري ۾ لفظ ۾ ”ون“ هوندو آهي ۽ جنس مؤنث هوندي اٿن پر جمع بنا ڪنهن تبديليءَ ساڳيءَ صورت ۾ اچاريو ويندو آهي.

واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ڳئون ڳئون سيون سيون وڇون وڇون

7. ڪن اسمن جي پڇاڙي واري اکر تي ”پيش“ هوندي آهي، اهڙا اسم ڪثر ڪري مذڪر هوندا آهن. انهن کي جمع ٺاهڻ لاءِ ”پيس“ هٽائي ”زبر“ لڳائبي آهي.

واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ڪتابُ ڪتابَ جڳُ جڳَ هٽُ هٽَ مڇرُ مڇرَ هٿُ هٿَ ڪپرُ ڪپرَ حسابُ حسابَ

8. ڪي اهڙا اسم هوندا آهن جن جي پڇاڙيءَ واري اکر ”و“ يا ”ي“ تي ”زير“ هوندي آهي. اهي مذڪر به هوندا آهن ته مؤنث به. انهن جو جمع ٺاهڻ لاءِ ساڳي صورت ۾ اچاريو ويندو آهي.

جيئن؛- اولاد- پکي- ماڻهو- ساٿي- هاٿي-

سنڌي ويا ڪرڻ صفت ۾ عدد ٻن قسمن جو هوندو آهي.سنواريو

عدد شماريسنواريو

اهڙا لفظ جيڪي جملي ۾ عدد جو انداز ڏيکارين ۽ صفت ٿي ڪم اچن.

جيئن؛- هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇھ، ست، اٺ، نَوَ، ڏھ...............................

مثال طور؛- هڪ سال ۾ چارمندون آهن.

عدد قطاريسنواريو

اهڙا لفظ جيڪي قطار ۾ اسم جو عدد ٻڌائين.

جيئن؛- پهريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون، ڇهون، ستون، اٺون، نائون، ڏهون......................................................

پهرين، ٻين، ٽين، چوٿين، پنجين، ڇهين، ستين، اٺين، نائين، ڏهين......................................................

مثال طور؛- دودو درجي ۾ پهرين نمبر تي آهي. هي پهريون سبق آهي.

حسابن عددسنواريو

اڪي ۽ ٻڌي عددسنواريو

اڪي عددسنواريو

اڪي عدد اهڙا عدد جن جي پڇاڙي ۾ 1، 3، 5، 7 ۽ 9 ايڪن وارن خانن هجن اهي اڪي عدد چورائيندا آهن.

ٻڌي عددسنواريو

ٻڌي عدد اهڙا عدد جن جي پڇاڙي ۾ 0، 2، 4، 6 ۽ 8 ايڪن واران خانن ۾ هجن تن کي ٻڌي عدد چورائيندا آهن.

مفرد ۽ مرڪب عددسنواريو

مفرد عددسنواريو

اهڙو سڄو عدد جيڪو 1 کان وڏو هجي ۽ پاڻ کان سواءِ ٻئي انگ سان ونڊجي نه سگھجي ان کي مفرد عدد چئبو آهي.

مثال طور؛- 2, 3, 5, 7, 11, 13, 17, 19, 23, 29, 31, 37, 41, 43, 47, 53, 59, 61, 67, 71, 73, 79, 83, 89, 97, 101, 103, 107, 109, 113, 127, 131, 137, 139, 149, 151, 157, 163, 167, 173, 179, 181, 191, 193, 197, 199 وغيره.

مرڪب عددسنواريو

اهڙو سڄو عدد جيڪو 1 کان وڏو هجي ۽ پاڻ کان سواءِ ٻئي انگ سان ونڊجي سگھجي ان کي مرڪب عدد چئبو آهي.

4, 6, 8, 9, 10, 12, 14, 15, 16, 18, 20, 21, 22, 24, 25, 26, 27, 28, 30, 32, 33, 34, 35, 36, 38, 39, 40, 42, 44, 45, 46, 48, 49, 50, 51, 52, 54, 55, 56, 57, 58, 60, 62, 63, 64, 65, 66, 68, 69, 70, 72, 74, 75, 76, 77, 78, 80, 81, 82, 84, 85, 86, 87, 88, 90, 91, 92, 93, 94, 95, 96, 98, 99, 100 وغيره