عبدالسلام ٿهيم (اديب)

عبدالسلام ٿهيم (انگريزي:Abdul Salam Thaheem) سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار 15 مارچ 1980ع تي جاتِي ۾ ڄائو ۽ 31 مارچ 2023ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.

عبدالسلام ٿهيم

زندگي جو احوال سنواريو

عبدالسلام ٿهيم 15 مارچ 1980ع تي محمد مبارڪ ٿھيم جي گھر ۾ سنڌ جي ٺٽو ضلعو هاڻ سجاول ضلعو جي جاتي شهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر ۾ حاصل ڪئي. ايم اي سنڌي ادب ۾ ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. .[1][2][3]

عبدالسلام 31 مارچ 2023ع تي ڪراچيءَ جي سرڪاري اسپتال ۾ گڙدن جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي.

ادب جي شروعات سنواريو

هن ادب جي شروعات 1995ع کان ڪئي. اول ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيائين. سندس اهي ڪهاڻيون روزاني هلال پاڪستان، روزاني جاڳو، روزاني عوامي آواز جي ٻارڙن لاءِ نڪرندڙ صفحن ۽سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ماهوار گل ڦل ۾ شايع ٿيون. 2005ع کان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيائين جيڪي مختلف اخبارن ۽ معياري رسالن ۾ شايع ٿيون. هن ڊراما پڻ لکيا آهن. سندس ڪهاڻين جي ڇپيل ڪتان ۾ اوسيئڙي ۾ جڙيل آس[4] [5]۽ گلن سان تعزيت[6] [7]ذڪر لائق آهن. سندس ٻارن لاءِ ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب مينهن آيو ڊوڙي پڻ ڇپيل آهي.[8] ھن جاتي شهر منجهان ٻارن لاءِ رسالو روشن تارا به جاري ڪيو جنهن جا ڪيترائي ئي شمارا پڌرا ٿيل آهن.[1][9]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿهيم کي جنم ڏينهن جون واڌايون". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-04-05. 
  2. "Page No.08". kawish.asia. حاصل ڪيل 2020-04-06. 
  3. "Page No.06". kawish.asia. حاصل ڪيل 2020-04-06. 
  4. Buriro, Riazat. "سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: اوسيئڙي ۾ جڙيل آس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)". سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا. حاصل ڪيل 2020-04-05. 
  5. "New Page 1". kawish.asia. حاصل ڪيل 2020-04-06. 
  6. "گُلن سان تعزيت (عبدالسلام ٿهيم) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-04-05. 
  7. "New Page 1". kawish.asia. حاصل ڪيل 2020-04-06. 
  8. "Page No.07". kawish.asia. حاصل ڪيل 2020-04-06. 
  9. اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16664&BookTitle=Oseary%20Mein%20Jurial%20Aas.