عبدالرزاق سومرو

عبدالرزاق سومرو جي پيدائش مورو ۾ ٿي. پاڻ مورو شهر جو رهاڪو هو، سندن شهادت جي تاريخ 7 آگسٽ آهي.

سياسي خدمتون

سنواريو

عبدالرزاق سومري، 1970ع ۾ 30 کان وڌيڪ دوستن سان گڏجي مورو شهر ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو بنياد رکيو. انهن ڏينهن ۾ يعني 70ع واري ڏهاڪي ۾ اوڀر توڙي اولهه پاڪستان ۾ ٻولي تحريڪ عروج تي هئي. بنگال ۾ ٽئگور جا گيت ۽ سنڌ ۾ اياز ۽ نارائڻ شام جا بيت جهونگاريا ويندا هئا تہ:

الا ائين م هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
نارائڻ شام

ٻولي تحريڪ جي زورَ، ڪالونيل مائينڊ سيٽ رکندڙ اسٽيبلشمينٽ کي صفا پريشان ڪري ڇڏيو. ون يونٽ لاڳو ٿيل هو، جنهن جي ڪري سنڌ ۽ سنڌي چوڻ ۽ لکڻ تي بندش پيل هئي. سنڌ ۾ ان ٻولي تحريڪ ۾ ساهه وجهڻ ۽ ان لاءِ جاکوڙ ڪرڻ واري هر مرحلي ۾ عبدالرزاق سومرو سڀني کان اڳڀرو هوندو هو.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جون ناپاڪ رٿائون شروع ٿي چڪيون هيون، جن جي جواب ۾ سنڌي نوجوان ڀڙڪي اٿيا ۽ ”فردوس پبليڪيشن هالا“، ”ادبي ادارو حيدرآباد“، ”پرھ ڦٽي حيدرآباد“ جهڙا ادارا قائم ڪيا، جن مان سنڌي ناول ڇاپيا ويا ۽ ڪي پوءِ ڇپجي پڌرا ٿيا. بزم فردوس هالا جو هڪ ناول ۽ ”ڪاروان زندگي“ انجم هالائيءَ جو لکيل ذڪر جوڳو هو. شهيد عبدالرزاق سومرو به ان ساڳي ڪڙي ۽ جاکوڙ جو حصو هو.[1]

عبدالرزاق سومري بابت سندس ساٿي راشد مورائي پنهنجي ڪتاب اڳتي تاڻ امنگ جي ۾ لکي ٿو ته؛ 17 جنوري 1971ع تي سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي ڪاڄ موقعي تي ڪراچي ۾ جيترو وقت هو مون سان گڏ هو کيس اها ئي اڻ تڻ هئي ته موري ۾ ڀٽائيءَ جي فڪر کي هٿي ڏيڻ گهرجي. يونيورسٽي جي تعليم دوران هڪ ڀيرو جڏهن دادو کان مورو ڏانهن موٽي رهيو هو تہ ساڻس گڏ مشتاق قاضي بہ هو. مون سان لليا پتڻ سنڌوءَ جي ڪپ تي مليو ته ”سندس هٿ ۾ ڪچي جي چيڪي مٽي جا چاپڙ هئا“ مون پڇيو تہ هي ڇو کنيا اٿو؟ چيائين يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ پنهنجي روم ۾ رکندس. هن چيڪي مٽي مان سنڌ جي سرهاڻ اچي ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌالاجي کي ڌارين ساڙي ڇڏيو هو تہ ان کي ٻيهر ساڳي حالت ۾ آڻڻ لاءِ ٻين دوستن سان گڏجي عبدالرزاق سومري ڪشتو هٿ ۾ کڻي چندو گڏ ڪيو.

ان تحريڪ جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ان وقت ٻولي وارا وڳوڙ ڪرايا ويا، عبدالرزاق سومري کي قيد ڪرڻ ۽ رستي تان هٽائڻ لاءِ سازشون گهڙجڻ شروع ٿي ويون. نيٺ وطن ۽ سنڌي ٻولي جي ويرين 7 آگسٽ 1972ع جي منجهند جو هن کي پنهنجي ماءَ ٻولي يعني سنڌي ٻولي سان پيار ڪرڻ جي ڏوھ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو.[2]