عباس ڪوريجو
عباس ڪوريجو سنڌي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ محقق[1]، قمبر تعلقي جي ڳوٺ ڪوريجا (محمد بخش ڪوريجو) ۾ زميندار حاڪم علي ڪوريجي جي گهر ۾ 16 سيپٽمبر 1983ع ۾ جنم ورتو.[2] پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پِرائِي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين.[3] ادبي کيتر ۾ عباس ڪوريجي 3 ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ ھڪ تحقيق تي مشتمل ڪتاب لکيو.[4] پاڻ ھن وقت دُبئي ۾ ذاتي ڪاروبار ڪندو آھي. سنڌي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ محقق[5].
عباس ڪوريجو | |
---|---|
مقامي ٻوليء ۾ نالو | غلام عباس |
پيدائش | غلام عباس 16 سيپٽمبر 1983 ڳوٺ ڪوريجا، قمبر، سنڌ |
قلمي نالو | "عباس ڪوريجو" |
ڌنڌو | ڪھاڻيڪار، محقق، نقاد، ويب ڊولپر |
قوميت | سنڌي |
شهريت | پاڪستاني |
تعليم | سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڊگري، ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
صنف | نثر، ڪھاڻي |
مُکيه ڪم | جديد ڪھاڻي (فن ۽ موضوع) ڪتاب |
ايوارڊ | سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ادبي ايوارڊ ۽ ٻيا |
ويبسائيٽ | |
http://www.abbaskorejo.com/ |
ننڍپڻ ۽ تعليم
سنواريوعباس ڪوريجو 16 سيپٽمبر 1983ع ۾ قمبر جي ڳوٺ ڪوريجا ۾ ڄائو۔ ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيئڻ ابڙي مان پاس ڪئي، انٽرميڊيئيٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر مان ڪئي. پهرين ماسٽرس جي ڊگري ايڪنامڪس ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ماسٽرس ڪئي.[6] اٺين درجي ۾ پھرين ڪھاڻي ”پاڇا“ لکيائين ۽ پوءِ مختلف رِسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڪھاڻيون پڻ ڇپيون.
ڇپيل ڪتابَ
سنواريوعباس ڪوريجي جي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نقاد واري آهي.[7] ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”چنڊ پيرن هيٺ”[8] 2005ع ۾ ڇپيو، ٻيو گڏيل ڪهاڻي ڪتاب ”کيرٿر تان اڏار“ 2006ع ۾ ڇپيو ۽ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”پنهنجي ڌرتي”[9] 2014ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو۔ سال 2015ع ۾ سندس تحقيقي ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع“[10][11] ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جو ٻيو ڇاپو سال 2020ع ۾ شايع ٿيو آهي.[12] عباس ڪوريجي جو مضمونن جو ڪِتاب ”ادب ۽انتهاپسندي“ پڻ سال 2022ع جي شروعات ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو جنھن جِي مھورتي تقريب 27 فيبروري 2022ع تي دُبئي ايڪسپو 2020 ۾ ٿِي گُذري۔
عباس ڪوريجي جو لکيل ”وڻ“ ناول 2022ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن کي ادبي حلقي ۾ تمام گهڻي موٽ ملي.[13]
سنڌي ڪميپوٽنگ لاءِ خدمتون
سنواريوسنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ عباس ڪوريجي جي ڪيل خدمتن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا فونٽ، سنڌيءَ ۾ ادبي ويبسائٽون، سنڌي ادب جي ڊجيٽلائيزشن شامل آھن.[14][15][16]
مڃتا
سنواريوھُن کي مختلف وقتن تي ادبي ۽ سماجي تنظيمن طرفان ايوارڊس، شيلڊس ڏنيون ويون آھن جَن ۾ ھيٺيون سرِ فھرست آھن:
- سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ”سال 2014ع جو بھترين ڪھاڻي ڪتاب“ ايوارڊ[17]
- سنڌي ادبي سنگت طرفان سال 2006ع ۾ ”بھترين سيڪريٽري شاخ قمبر“ جو ايوارڊ
- مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي پاران ”نوجوانن سان مِلو“ جي سِري ھيٺ ايوارڊ
- اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبي پاران ”پھرين پوزيشن“ ايوارڊ
- اين.ايس.ٽي پاران ”بھترين يونٽ منتظم“ ايوارڊ
- سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ’سنڌي ادب ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي‘ ”گولڊ ميڊل“ ۽ ”سلور ميڊل“[18]
حوالا
سنواريو- ↑ "Abbas Korejo | University of Sindh, Pakistan - Academia.edu". usind.academia.edu. حاصل ڪيل 2020-10-30.
- ↑ "16 سيپٽمبر". www.drpathan.com. حاصل ڪيل 2023-01-26.
- ↑ "عباس ڪوريجو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-01-26.
- ↑ "جديد ڪهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-01-26.
- ↑ "Abbas Korejo | University of Sindh, Pakistan - Academia.edu". usind.academia.edu. حاصل ڪيل 2020-10-30.
- ↑ "Abbas Korejo | University of Sindh, Pakistan - Academia.edu". usind.academia.edu. حاصل ڪيل 2023-01-26.
- ↑ "فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جو ڪارج | The role of Pronominal Suffix in the Flash fiction". journal.sindhila.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-01-26.
- ↑ "چنڊ پيرن هيٺ (عباس ڪوريجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-10-30.
- ↑ "پنهنجي ڌرتي (عباس ڪوريجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-10-30.
- ↑ "جديد ڪهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-30.
- ↑ "جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (عباس ڪوريجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-10-30.
- ↑ "دبئي ۾ عباس ڪوريجي جي ڪتاب جي مهورت". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-01-27.
- ↑ "وڻ". Sindh Express. حاصل ڪيل 2023-01-27.
- ↑ korejo2013. "اچو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جا سهڪاري بڻجون!". عباس ڪوريجو جو سنڌي بلاگ. حاصل ڪيل 2023-01-26.
- ↑ Wassan, Muhammad Suleman. "سليمان وساڻ جو بلاگ: ڪمپيوٽر تي آيل سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟". سليمان وساڻ جو بلاگ. حاصل ڪيل 2023-01-26.
- ↑ "شبير ڪنڀار سنڌي ٻوليءَ کي عالمي مقام ڏياريندڙ سَٿَ جو سپاهي ۽ شهسوار". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2023-01-26.
- ↑ "سنڌي ادب جي مختلف صنفن جي ڇپيل ڪتابن تي اوارڊ ڏيڻ جي تقريب | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو". sl.sindhila.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-01-27.
- ↑ "Abbas Korejo". www.goodreads.com. حاصل ڪيل 2023-01-31.