طريقت
طريقت (Tareeqat) صوفيءَ جي هڪ منزل. هن منزل تي سالڪ کي پنهنجي دل جي صفائي ڪرڻي آهي، يعني دل کي آئيني وانگر صاف ۽ پاڪ بنائڻو آهي ۽ هن ۾ پنھنجي نفساني خواهشن کي ترڪ ڪرڻو آهي ۽ پاڻ کي خدا تعاليٰ جو خادم سمجهي، سندس مخلوق جي خدمت ڪرڻ ۾ وقت صرف ڪرڻو آهي. دراصل طريقت جو مطلب ئي آهي خدا جي پيدا ڪيل مخلوق جي خدمت ڪرڻ. [1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.