طارق قريشي (انگريزي: Tariq Qurrleshi ) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ سندس ڊراما پڻ نشر ٿيل آهن.[1]

طارق قريشي

زندگي جو احوال سنواريو

طارق قريشي جو پورو نالو طارق مسعود قريشي آهي. هيءُ 17 نومبر 1969ع تي سنڌ جي دادو ضلعو جي دادو تعلقو جي شهردادو ۾ حاجي نيڪ محمد قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو.[2]

تعليم سنواريو

طارق قريشي شروعاتي تعليم توڙي سيڪنڊري ۽ ڪاليج سطح جي تعليم دادو شهر ۾ حاصل ڪئي. هن ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي.[2]

ادبي خدمتون سنواريو

هن لکڻ جي شروعات 1984ع ۾ ڪئي. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون جيڪي مختلف اخبارن ۽ معياري رسالن ۾ شايع ٿيون.[3] ڪهاڻي کان علاوه هن ناول ۽ ڊراما به لکيا آهن. سندس لکيل ڊراما سيريل ۽ انفرادي ڊراما گهڻو ڪري نجي چئنل ڪي ٽي اين تان ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن.[2]

ڪتاب سنواريو

طارق قريشي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن پر انهن ۾ پنجين موسم، ٽين اک، صدي جو سفر، ٻالڪ فورس، ڀُوت بنگلو ۽ سپر مين ذڪر لائق ۽ سنڌي ادڀ ۾ واڌارو آهن.[2]

حوالا سنواريو

  1. "شاعر ۽ اديب لفظن جا جادوگر هوندا آهن:مقرر". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-04-11. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-04-11. 
  3. "زوجياتي ادب....شٽل ڪاڪ....طارق قريشي" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-11.