ضراب حيدر
سنڌي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار ضراب حيدر، 12 اپريل 1967ع تي زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مرحوم غلام حيدر ڪليار جي گھر ۾سکر ۾ جنم ورتو[1]، سندن وڏا اصل ڳوٺ ٻنڊي عطل شاھ، ڪمال ديرو، ڪنڊيارو جا آهن. هن پهريون درجو پرائمري اسڪول وحدت ڪالوني حيدرآباد مان پاس ڪيو ۽ پوءِ وڌيڪ پرائمري تعليم پنڱريو ضلعو بدين ۾ پوري ڪيائين ڇهون ۽ ستون درجو گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوابشاهه مان ڪيائين[2]، انٽر ڊگري ڪاليج نوابشاهه مان ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فارميسي ڪرڻ لاءِ آيو، ان دوران هي بدين ۾ به رهيو، جتي پرائيويٽ بي اي اسلاميه ڪاليج بدين مان ڪيائين. ضراب هڪ يگانو ڪهاڻيڪار آهي، جيتوڻيڪ سندس ڪهاڻي جا اهم موضوع نفسيات، جنسيات رهيا آهن، پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ريسرچ فيلو آهن.
ضراب حيدر ڪليار | |
---|---|
پيدائش | ضراب حيدر اپريل 12 1967 ع حيدرآباد، سنڌ، پاڪستان |
ٻولي | سنڌي |
تعليم | فارميسي ۾ بيچلر، ۽ اردو ادب ۾ ماسٽرس |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو |
مُکيه ڪم | ”سرحدن کان اڳتي “ (ڪهاڻين جو مجموعو) |
ايوارڊ | ”شاهه عبداللطيف اوارڊ“ بهترين ناول نگار |
تعليم
سنواريو- بي فارميسي، ايم اي سنڌي ، ايم اي اردو
- ڊي ايڇ ايم ( ڊاڪٽر آف هوميوپيٿڪ ميڊيسن)
- (الف) پرائمري تعليم ، (پهريون ڪلاس، گورنمينٽ پرائمري اسڪول وحدت ڪالوني حيدرآباد)
- (ب) ٻي درجي کان پنجين درجي تائين ( گورنمينٽ پرائمري اسڪول پنگريو ضلعو بدين)
- (ت) ڇهون ۽ ستون درجو ( گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنگريو ضلعو بدين)
- (ث) اٺين درجي کان ميٽرڪ (گورنمينٽ جي پي، ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه)
- (ج) انٽرميڊئيٽ ( گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه)
- (ک) بي فارميسي (سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)
- ايم اي سنڌي پرائيويٽ (سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)
- ايم اي اردو پرائيويٽ(سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)
- ڊي ايڇ ايم ’ڊاڪٽر آف هوميوپيٿڪ ميڊيسن‘ (سانگهڙ هوميوپيٿڪ ڪاليج)
تصنيفون
سنواريوضراب حيدر جون فرسٽ يئر ۽ انٽر دوران ڪيتريون ئي ڪهاڻيون هلال پاڪستان ۽ عبرت ۾ ڇپيون. جيڪي يونيورسٽي واري زماني تائين ڇپيون. عبرت مئگزين، ڪينجهر، سوجهرو، ادب، همرچو ، پرک، سُڳنڌ، سيڄ ۽ ٻين رسالن ۾ به ڪهاڻيون ۽ مضمون ڇپيا. ڪيترين اخبارن ۾ ڪالم\ڪالم ڪهاڻيون لکيائين. اُن کانسواءِ سنڌي ٽي وي چينلن لاءِ ڪيئي ڊراما (سولو پليز\لانگ پليز) ڊراما سيريلز پڻ لکيائين. سندس هيستائين ڇپيل ڪهاڻين جي مجموعن جو انگ 3 آهي. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
- انگن چڙهيو انگ 1989 (شانتي پبليڪيشن بدين[3]
- سرحدن کان اڳتي 1996 ( سچائي اشاعت گهر دڙو)
- زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان (ناول/ آتم ڪٿا، سچائي اشاعت گهر دڙو)
- حيدرآباد - 2019( ڪھاڻيون، سچائي اشاعت گهر دڙو)
ملازمتون
سنواريو- ليڪچرار سنڌي سبجيڪٽ (بلاول فائونڊيشن ڪاليج نوابشاهه)
- 2 سال اسڪرپٽ ايڊيٽر (اجرڪ رنگ ٽي وي ڪراچي)
- هڪ سال نيوز ايڊيٽر (رنگ ٽي وي ڪراچي)
- هڪ سال اسڪرپٽ ايڊيٽر (مهراڻ ٽي وي حيدرآباد)
- 2 سال پروگرام مينجر (مهراڻ ٽي وي حيدرآباد)
اوارڊ
سنواريو- ”علامه پير بخش اُڄڻ اوارڊ“[4] بهترين ڪهاڻيڪار/نثرنگار (سنڌي ادبي سنگت_سنڌ 2006 )
- ”شاهه عبداللطيف اوارڊ“ بهترين ناول نگار (اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان 2006 )
- ”بهترين ڊرامه نگاراسڪرپٽ ايڊيٽر اوارڊ“ ( مهراڻ ٽي وي حيدرآباد 2009 )
- ”محمد يعقوب ذڪريا اوارڊ“ بهترين ڊرامه نگار (سنڌ ڪلچرل فورم 2009)
- ”فقير محمد لاشاري اوارڊ“ بهترين ليکڪ ( فقير محمد لاشاري يادگار ڪاميٽي 2013 )
- ”شهيد راڻي اوارڊ‘“ بهترين ڪهاڻيڪار ( ينگ رائيٽرس فورم سنڌ 2013 )
خارجي ڳنڍڻا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ ضراب حيدر | SindhSalamat, وقت 2017-05-17 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-04-08
- ↑ Roshni MC-2k13: انٽرويو ضراب حيدر
- ↑ Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)
- ↑ Sindhi Adabi Sangat