صدر پاڪستان جو معياري نشان

صدر پاڪستان جو معياري نشان پاڪستان جي صدر جي سرڪاري جھنڊي کي چيو ويندو آھي.

صدر پاڪستان جو معياري نشان (1998ع کان تاحال)
صدر پاڪستان جو معياري نشان (1974ع کان 1998ع تائين)
صدر پاڪستان جو معياري نشان (1956ع کان 1967ع تائين)

بناوٽ سنواريو

صدرِ پاڪستان جو سرڪاري نشان پاڪستان جي جھنڊي جھڙو ٺھيل آھي، جنھن ۾ اڇو ۽ سائو رنگ، جڏھن تہ سونھري رنگ جي چنڊ تارن جي چوڌاري سونھري رنگ ۾ ڪڻڪ جا سلا ھوندا آھن جنھن جي ھيٺيان اردو ۾ پاڪستان لکيل ھوندو آھي.

استعمال سنواريو

صدر پاڪستان جو معياري نشان صرف ان صدر جي موجودگي ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي، خاص طور تي سندس رھائشگاھ ۽ دفتر ۾، ھي جھنڊو ھميشہ پاڪستان جي جھنڊي سان گڏ لڳايو ويندو آھي. ھي جنھڊو ملڪ جي ڪنھن بہ سرڪاري عمارت مٿان لھرايو ناھي ويندو.

تاريخ سنواريو

صدراتي نشان پھريون دفعو 1956ع ۾ استعمال ڪيو ويو، جنھن کان پوءِ ھن کي ٻہ دفعا 1974 ۽ 1998ع ۾ تبديل ڪيو ويو.

پرچم استعمال وارو زمانو بناوٽ
  1998ع کان تاحال پاڪستاني جھنڊي جي رنگ ۾ سونھري رنگ سان چنڊ، تارو، ڪڻڪ جو سلو جنھن جي ھيٺيان پاڪستان لکيل آھي
  1974ع کان 1998ع تائين سائي جھنڊي ۾ سونھري رنگ سان چنڊ، تارو، ڪڻڪ جو سلو جنھن جي ھيٺيان پاڪستان لکيل آھي.
  1956ع کان 1967ع تائين نيري جھنڊي ۾ سونھري رنگ سان چنڊ، تارو، ڪڻڪ جو سلو جنھن جي ھيٺيان پاڪستان لکيل آھي.