صاحب محل
صاحب محل (Sahib Mahal) کي سنڌ جو تاج محل به سڏيو ويندو آهي. هي محل ٽنڊي باگي کان اڳيان 14 ڪلوميٽر اُتر طرف آهي. هي محل 1947ع ۾ ورهاڱي کان ڪجهه وقت اڳ ٺهيو هو. هي محل مير حاجي خدا بخش ٽالپور, پنهنجي زال صاحب خاتون جي محبت ۾ اڏايو هو. هي محل اڏائڻ لاءِ مير خدا بخش ٽالپور آگري جو سفر ڪيو ۽ تاج محل کي ڏسي واپس آيو ته ان زماني جي حيدرآباد مشهور ڪاريگر فيض محمد سلاوٽ کان هن محل جو نقشو ٺهرايو ۽ ان جي ئي نگرانيءَ ۾ سال 1940ع ۾ هن محل جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو.
هي اهو زمانو هو، جڏهن اچ وڃ ۽ بار برداري جي لاءِ پاڻيءَ جا جهاز ۽ ريلون ڪتب آينديون هيون. 1843ع کان پوءِ ننڍيون بادباني ٻيڙا ۽ قافلا سامان پهچائڻ جو ڪم ڪندا هئا. 1845ع کانپوءِ اسٽيم شپس (آگبوٽ) هلڻ لڳا ته سامان کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائڻ اڃان به سولو ٿي پيو. ڏکڻ سنڌ لاءِ حيدرآباد کان گوني ڦليلي جو وهڪرو يا تلاءُ نڪرندو هئو. هن وهڪري تي هوسڙي، ڪٿڙ، تنڊو محمد خان، ماتلي، تلهار ۽ تنڊو باگو جا مشهور گهاٽ هوندا هئا جن جا آثار اڃان به موجود آهن. ٽنڊو باگو جي مشهور گهاٽ کي "جمالي ڦڙڏو" جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
صاحب محل تي تحقيقي ڪم ڪرڻ واري عثمان راهوڪڙو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته
”صاحب محل جي ڪم جي شروعات 1940ع کان ٿي. هن جي اڏاوت کي پوري ٿيڻ ۾ ست سال لڳا. هن محل ۾ ڪتب ايندڙ لوهه، ٽيئر گارڊر ۽ فرنيچر برطانيا مان گهرايو ويو هو. جڏهن ته سرون احمد آباد، انڊيا مان آيو هيون. ڪاٺ جو سامان برما ۽ سيمنٽ ڪراچي مان گهرايو ويو هو."
هي محل جڏهن ٺهي تيار ٿيو هو ته ان کي روشن ڪرڻ لاءِ جنريٽر ڪتب آندو ويندو هو. اهو سڄو سامان ٻن طريقن سان هتي پهتو. پهريون ريلوي جي ذريعي سان بدين جي ويجهو تلهار ريلوي اسٽيشن تائين ايندو هو ۽ اتان ڍڳي گاڏين جي ذريعي ان سامان کي هتي آندو ويندو هو.
سامان آڻڻ جو ٻيو اهم وسيلا گوني ڦليلي جو وهڪرو هو جنهن ۾ ٻاڦ وارا آگبوٽ هلندا هئا ۽ سامان ان ذريعي هتان جي مشهور گهاٽ جمالي ڦڙڏو تي پهچندو هو ۽ اتان ڏاند گاڏين تي رکي آندو ويندو هو. چون ٿا ته ان زماني ۾ هن محل جي اڏاوت تي چاليهه لکن کان وڌيڪ خرچ آيو هو. هي محل نه رڳو ان زماني ۾ پر هاڻي به ڏاڍو سهڻو ۽ وڻندڙ آهي.
صاحب خاتون، خدا بخش ٽالپور جي چوٿين زال هئي محل جي مرڪزي دروازي تي مٿان سنگ مرمر جي اڇي پٿر تي صاحب محل 1947ع لکيل آهي ۽ هيٺان هڪ ساهمي ٺهيل آهي.
ٽنڊو باگو جي تواريخ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکڻ واري انور عباسي ٻڌائي ٿو ته هن محل جي اُتر طرف ورهاڱي کان پهرين "گرو سنگهه سک" جو وڏو ڳوٺ هو. انهن جا سٺ کان وڌيڪ گهر هئا. 1887ع جي اسڪول رڪارڊ کان 1947ع تائين اتي تعليم پرائڻ وارن سکن جا نالا موجود آهن.
سال 1947ع ۾ هي محل ٺهي راس ٿيو ۽ ان سال ئي ورهاڱو ٿيو هو. ان کانپوءِ مير صاحب اَٺ سال جيئرو رهيو ۽ 1955ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.