ڊاڪٽر شيخ نور محمد ديوان ريجهومل جڳتياڻي جو پٽ هو حيدرآباد شهر ۾ پيدا ٿيو. اُتي ئي مئٽرڪ پاس ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ بمبئيءَ ويو، جتان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ حيدرآباد ۾ خانگي طور ڊاڪٽريءَ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. جڏهن آزاديءَ جي تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ گڏجي پيون ته هن انهن ۾ سرگرم حصو ورتو. جڏهن سن ۾ خلافت ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪيائين.1921 ۾ هجرت جي تحريڪ ۾ سنڌي قافلي سان گڏجي ڪابل ويو. ڪجهه وقت اتي رهڻ کان پوءِ، هو روس، جرمني ۽ ترڪيءَ مان ٿيندو وري 1928ع ۾ موٽي سنڌ ۾ آيو. ٿوري وقت رهڻ کان پوءِ، جڏهنامان الله خان ملڪ ڇڏي ويو ۽ ان جي جاءِ تي نادر شاھ ڪابل جو بادشاھ ٿيو، تڏهن ان پراڻيءَ واقفيت ڪري، کيس دوباره ڪابل گهرائي پنهنجو شاهي ڊاڪٽر ڪري رکيائين، جتي هو 19 سال کن رهيو. 1947ع ۾ جڏهن هندستان کي ڀارت ۽ پاڪستان جي ورهاڱي جي صورت ۾ انگريزن آزاد ڪيو، تڏهن ٿوري وقت اندر پاڪستان ۽ افغانستان جا تعلقات ڪشيده ٿي ويا، جنهن ڪري هو 1948ع ۾ موٽي پنهنجي وطن آيو. ڪجهه وقت کيس ملٽري کاتي جي ڊاڪٽري برانچ ۾ نوڪريءَ ۾ رکيو ويو، پر جلد ئي کيس اها جاءِ خالي ڪرڻي پيئي. ان کان پوءِ کيس حيدرآباد سول اسپتال جو سپرنٽينڊنٽ ڪري رکيو ويو، جنهن کي سڌارڻ ۾ هن ڪسر ڪا نه ڇڏي. اتان نڪرڻ کان پوءِ، هو خانگي طرح پرئڪٽس ڪندو رهيو. تاريخ 22 نومبر 1956ع تي، اوچتو دل جي ٽٽڻ ڪري، ڊاڪٽر صاحب وفات ڪري ويو، کيس چار پٽ: هر هڪ نور احمد، رشيد احمد، اقبال احمد ۽ عزيز احمد ۽ ٻه نياڻيون آهن. وڏو فرزند ورلڊ بئنڪ آمريڪا جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو.[1]

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو