شيخوپوره

پنجاب، پاڪستان ۾ شھر
(شيخوپورا کان چوريل)

شيخوپوره(انگريزي: Shekhupura) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي شیخوپورہ جو صدر مقام ۔ ھن شھر جو بنیاد مغل بادشاھ جھانگير 1607 ۾ رکيو. ھي شھر آبادي ۾ پاڪستان جو 16 وڏو شھر آھي.[2] ھي شھر صنعت جو مرڪز آھي ۽ لاھور جو سيٽلائيٽ ٽائون آھي جو کائنس اتر اوڀر پاسي 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.[3]

Sheikhupura

شیخُوپُورہ
شھر
ھرن مينارجيڪو 1620 ۾ جھانگير بادشاھ شيخوپوره جي ڀرسان تعمير ڪرايو[1]
ھرن مينارجيڪو 1620 ۾ جھانگير بادشاھ شيخوپوره جي ڀرسان تعمير ڪرايو[1]
Sheikhupura is located in Pakistan
Sheikhupura
Sheikhupura
Sheikhupura is located in Asia
Sheikhupura
Sheikhupura
جاگرافي بيهڪ: 31°42′40″N 73°59′16″E / 31.71111°N 73.98778°E / 31.71111; 73.98778مڪانيت: 31°42′40″N 73°59′16″E / 31.71111°N 73.98778°E / 31.71111; 73.98778
ملڪ پاڪستان
ضلعو شيخوپوره ضلعو
پکيڙ
 • ڪل 5,960 ڪ.م2 (2,300 ميل2)
بلندي 236 ميل (774 ft)

نالي جي معني ۽ پس منظر سنواريو

ھن شھر جتي واقع آهي ان جو علائقي جو اصل نالو ويرڪ ڳڙھ يا ويرڪ فورٽ ھيو ۽ اتي جٽ قبيلي جا ماڻهو رھندا ھيا.[4] 1607 ۾ جھانگير ھن شھر جو بنياد رکي کيس پنھنجو نالو ڏئي جھانگير آباد رکيو ھو ۽ ھن پاڻ اھڙو ذڪر پنھنجي سوانح تزڪ جھانگيري ۾ پڻ ڪيو ھيو.جھانگير جو ننڍپڻ جو پنھنجي ماء جو ڏنل پيار وارو نالو شيخو ھيو. ماڻھن بعد ۾ ھن شھر کي شيخوپورہ سڏڻ شروع ڪيو جنھن جي معنيَ آهي شيخو جو شھر.[5][6]

 
شيخوپوره قلعو 1607 ۾ قائم ٿيو

تاريخ سنواريو

جھانگير ھڪ پراڻي شھر جانديالا شير خان جي ڀرسان ھن شھر جو بنياد وڌو. ان وقت جانديالا شير خان مغل سلطنت ۾ ھڪ اھم صوبائي شھر ھيو[7] He also erected the nearby ھرن مينار ھتان جو ھڪ اھم ماڳ آھي جيڪو جھانگير بادشاھ پنھنجي پالتو ھرڻ مانسي راج جي مرڻ تي ان جي ياد ۾ ٺھرايو ھو ان وقت اھا جاء مغل بادشاھ جي شاھي شڪارگاھ ھوندي ھئي.[8] مغل سلطنت ڪمزور ٿيڻ بعد ھي شھر ڀٽي قبيلي جي ماڻھن جي ڪنٽرول م آيو.ان وقت ڌاڙيلن ۽ سکن ھن شھر تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ علائقن تي قبضا ڪيا. 1797 ۾ دراني خاندان جي افغاني بادشاھ زمان شاھ دراني لاھور فتح ڪرڻ واري مھم دوران ھن شھر ۽ ان جي قلعي تي مختصر وقت لاءِ قبضو ڪيو هو.[9] ان کان پوءِ شھر جي قلعي تي ھڪ سک ڌاڙيل اندر سنگھ قبضو ڪيو ۽ لھنا سنگھ مجيٿيا جي فوج شھر تي قابض ٿي وئي اھڙي طرح شھر سک حاڪم سڪرچاڪيا مثل جي حڪومت ۾ لھنا سنگھ جي قيادت سميت شامل ٿي ويو. رنجيت سنگھ طاقت جي استعمال سان ڀٽي قبيلن کي نيڪال ڪري پنڊي ڀاٽيان ۽ جلال پور طرف ڌڪي ڇڏيو. 1808 ۾ ھي شھر رنجيت سنگهه جي ڪنٽرول ۾ آيو ۽ 1847 تائين سکن جي حاڪميت ۾ رھيو پر پوءِ ھي شھر برٽش انڊيا جي ڪنٽرول ۾ آيو.انگريزن سکن جي آخري راڻي جند ڪئور کي گرفتار ڪري شيخوپوره واري قلعي ۾ 1848 تائين ڏھ مھينا قيد ۾ رکيو آخرڪار کيس جلاوطن ڪري ملڪ بدر ڪري ڇڏيو . برٽش انتظاميہ ۾ ڀٽين کي سکن ھٿان ڦريل زمينون واپس ڏنيون ويون. درياء راوي ۽ درياءَ چناب وچ واري سموري ايراضي کي گڏائي تمام وڏو ضلعو ٺاھيو ويو جنھن جو صدر مقام شيخوپوره شھر کي ڪيو ويو جيڪو ضلعو ان صورت ۾ 1851 تائين قائم رھيو پوء ان جي ضلعي حيثيت ختم ٿي وئي .1919 ۾ ھن شھر کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو ۽ ايم ايم ايل ڪيري ھن ضلعي جو پھريون ايڊمنسٽريٽر ٿيو.[10] پاڪستان ٺھڻ وقت شيخوپوره ۾ سک آبادي ضلعي آباديءَ جو 19 سيڪڙو ھئي ۽ اقليت ھجڻ جي باوجود انھن جو مطالبو ھو ته سرحد واري ڪميشن ھن شھر کي نانڪانا صاحب سميت ڀارت ۾ شامل ڪري ڇوتہ نانڪانا صاحب شھر سک مذھب جي باني گرو نانڪ جي ڄمڻ جي جاءِ ھيو.[11] ھن شھر ۾ وڏي پيماني تي سک مسلم فساد شروع ٿي ويا جيڪي لاھور تائين ڦھلجي ويا. ڏک آبادي ريڊڪلف لائين ڇڪجڻ کان پھريان ڀارت ھجرت نہ ڪئي ۽ 31 آگسٽ 1947 تائين سک ھن شھر ۾ ڦاٿل رھيا ۽ ڪوبہ نڪرڻ جو بندوبست نہ ٿي سگھين . ھن شھر ۾ سکن سچا سودا نالي پناھگير ڪيمپ قائم ڪئي جنھن ۾ گجرانوالا ۽ ٻين پسگردائيءَ وارن علائقن مان ھڪ لک جي لڳ ڀڳ سک پناھ وٺڻ پھتا. 16 آگسٽ کان 19 آگسٽ 1947 تائين ڏھ ھزار ماڻھو ھن شھر ۾ فساد ۾ مارجي ويا. وڏي تعداد ۾ سک عورتن کي پنھنجي مردن ان ڪري قتل ڪيو تہ جيئن اھي مسلمانن جي ھٿ اچي جنسي تشدد جو شڪار نہ ٿي سگھن.

نامور شخصيتون سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Centre, UNESCO World Heritage. "Hiran Minar and Tank, Sheikhupura - UNESCO World Heritage Centre".  {{|url=http://whc.unesco.org/en/tentativelists/1281/%7Cwebsite=whc.unesco.org%7Caccessdate=29 April 2017|language=en}}
  2. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/[مئل ڳنڍڻو]/tables/POPULATION%20SIZE%20AND%20GROWTH%20OF%20MAJOR%20CITIES.pdf
  3. Kot Dayal Das
  4. "Sheikupura City Profile" (PDF). Urban Unit. Government of Pakistan. 
  5. "Sheikhupura’s historical sites attractive for tourists" (en-US ۾). The Nation. https://nation.com.pk/16-Jun-2012/sheikhupura-s-historical-sites-attractive-for-tourists. 
  6. District Profile: Central Punjab- Sheikhupura آرڪائيو ڪيا ويا 6 May 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  7. orientalarchitecture.com. "Asian Historical Architecture: A Photographic Survey". www.orientalarchitecture.com. حاصل ڪيل 2018-01-21. 
  8. Ruggles, D. Fairchild (2011). Islamic Gardens and Landscapes. University of Pennsylvania. ISBN 9780812207286. 
  9. Ali, Aown (2014-09-03). "The crumbling glory of Sheikhupura Fort" (en-US ۾). DAWN.COM. https://www.dawn.com/news/1129629. 
  10. Ahmad, Iram. "COLONIAL TRANSFORMATION IN THE DISTRICT OF SHEIKHUPURA, 1849-1947" (PDF). 
  11. Menon, Ritu; Bhasin, Kamla (1998) (en ۾). Borders & Boundaries: Women in India's Partition. Rutgers University Press. ISBN 9780813525525. https://books.google.com/books?id=yNN4SE7cL60C&pg=PA49&lpg=PA49&dq=sheikhupura+sikh&source=bl&ots=snucoqfaxd&sig=VucEmiQqK-G4SUpUyrLeS23eLpQ&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjy5om16OjYAhUU82MKHRPVAok4ChDoAQhAMAY#v=onepage&q=sheikhupura%20sikh&f=false. 
  12. https://cricketarchive.com/Archive/Players/19/19517/19517.html