شهيد بکر فقير انگريزي (Shaheed Bakhar Fakir) ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ سرفروش فقير هو. ميان نصير جو قريب تر پوئلڳ هو. شهيد بکر فقير ذات جو ڪير هو ان بابت مستند تاريخ خاموش آهي. ڪن روايتن ۾ کيس لنڊ ته ڪن روايتن ۾ رودراڻي ڄاڻايو ويو آهي. هڪ مقامي روايت اها پڻ آهي ته شهيد بکر فقير کوسو هو ۽ جوهي لڳ بچاءُ بند ڀرسان دفن ٿيل رُوحل فقير کوسي جو قريبي رشتيدار هو. بهرحال سندس درگاھ جا مجاور ذات جا چانڊيا آهن. شهيد بکر فقير جو مقبرو ۽ قبرستان دادو ضلعي جي شهر جوهي کان 8 ڪلوميٽرن تي اولھ ۾ ۽ ڳوٺ طالباڻي کان 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اوڀر اتر ۾ جوهي واهي پانڌي روڊ لڳ ڪاڇي ۾ واقع آهي.[1] ڪن تاريخن ۾ سندس قبرستان طالباڻي ڳوٺ کان اتر اولھ ۾ ڄاڻايل آهي جيڪا چُڪ سمجهڻ گهرجي. هيءُ قبرستان قديم آهي پر شهيد بکر فقير جي دفن ٿيڻ کان پوءِ سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو. شهيد بکر فقير لاءِ روايت آهي ته ڪنهن پوڙهي عورت جي چوري ٿي جنهن بکر فقير کي مدد لاءِ پڪاريو ته ڀکر فقير سندس ۾ چورن سان وڙهندي شهيد ٿيو پر لڳي ٿو ته بکر فقير ميانوال تحريڪ جي ڪنهن اهم مهم يا لڙائي ۾ شهيد ٿي ويل ڀانئجي ٿو. [2]

شهيد بکر فقير جو مقبرو
شهيد بکر فقير جي قبرستان ۾ قديم ڇٽي

حوالا سنواريو