شرڪ

الله سان گڏ ڪنھن ٻئي شخص يا شيء جي عبادت

شرڪ توحيد جي برعڪس عمل آهي.

شرڪ جا قسم سنواريو

شرڪ کي سمجھڻ خاطر شرڪ کي پڻ توحيد وانگر ٻن بنيادي حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو.

فڪر ۾ شرڪ سنواريو

وصف؛ فڪر ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته اهو مڃڻ ته الله جهڙو ڪير آهي يا وري ٿي سگھي ٿو.

هن قسم جي شرڪ کي سمجھڻو آهي ۽ ان جو انڪار ڪرڻو آهي. هن قسم جي شرڪ تي عمل ڪرڻ انسان لاءِ ممڪن ناهي. مثال طور؛ شرڪ ذات يعني اهو مڃڻ ته الله تعالى جھڙي ذات ڪنهن جي آهي يا وري ڪنهن جي ٿي سگھي ٿي.

عمل ۾ شرڪ سنواريو

عمل ۾ شرڪ جي وصف هن طرح ڪري سگھجي ٿي فڪر ۾ شرڪ جي عملي مظاهري کي عمل ۾ شرڪ چيو ٿو وڃي.

هن قسم جي شرڪ کي صرف سمجھڻ ۽ ان جو انڪار ڪافي نه آهي، بلڪ ان سان گڏ ان تي عمل ڪرڻ به لازمي آهي. مثال طور؛ شرڪ عبادت يعني جڏهن اهو مڃيو ويو ته عبادت جي لائق الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪير به آهي ته پوءِ ان معبود لاءِ ڪو به عمل ڪرڻ عبادت ۾ شرڪ چيو ويندو.

فڪر ۾ شرڪ سنواريو

سوچ ۽ فڪر ۾ الله تعالى کي بي مثال نه مڃڻ يعني اهو ايمان رکڻ ته الله جهڙو ڪير آهي ۽ يا وري ڪير ٿي سگھي ٿو. اهڙي قسم جي شرڪ تي عمل ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. فڪر ۾ شرڪ به ايترن ئي قسمن ۾ ورهائجي ٿو جيترن حصن ۾ فڪر ۾ توحيد ورهائجي ٿي.

ذات ۾ شرڪ سنواريو

ذات ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته ذات يا وجود ۾ الله تعالى جھڙو ڪنهن کي مڃڻ.

هن قسم جي شرڪ ۾ ٻه ڳالهيون شامل آهن

(الف) الله تعالى “مرڪب” آهي يعني سندس ذات يا وجود مرڪب آهي.

مثلا؛ صفات الله کان جدا آهن يا تثليت جو عقيدو.

(ب) الله تعالى “واحد ناهي” يعني سندس ذات يا وجود جھڙو ڪير آهي يا ٿي سگھي ٿو.

رد؛

اسان صفات سلبيه ۾ الله جي ترڪيب کي رد ڪري چڪا آهيون ۽ توحيد ذات ۾ سندس وحدانيت ثابت ڪري چڪا آهيون.

صفات ۾ شرڪ. سنواريو

صفات ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته الله تعالى جي ذات ۽ صفات کي ٻه شيون مڃڻ.

رد:اهڙي عقيدي کي اسان توحيد صفات ۾ رد ڪري چڪا آهيون.

افعال ۾ شرڪ سنواريو

افعال ۾ شرڪ مان مراد هي آهي ته الله تعالى کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي پنهنجي قوت سان فعل انجام ڏيندڙ مڃڻ.

شرڪ ربوبيت سنواريو

تشريعي؛ الله تعالى کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي حقيقي حاڪم ۽ حقيقي قانون ساز مڃڻ.”

الوهيت ۾ شرڪ. سنواريو

الوهيت ۾ شرڪ مان مراد هيءَ آهي ته:الله تعالى کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي عبادت جي لائق مڃڻ.

حوالا سنواريو

[1]

  1. http://siraatmustaqem.org/(S(dscnel45kko0kxauboi0q0mk))/ContentPage.aspx?Id=3016[مئل ڳنڍڻو]