'شبڪوري: نڪٽالوپيا:Nyctalopia:(/ˌnɪktəˈlpiə/ from Script error: The function "iso_639_name" does not exist. νύκτ- (nykt-), meaning 'night', ἀλαός (alaos), meaning 'blind, not seeing', and ὄψ (ops), meaning 'eye'),[1] کي اجيري يا رات جو انڌي ٿي وڃڻ جي حالت چوندا آهن.ان حالت ۾ ماڻھو گھٽ روشنيءَ ۾ ڏسي نہ سگھندو آھي. شبڪوري يا ته بچپن کان ٿيندي آھي، يا ڪنھن ڌڪ جي ڪري يا وري خوراڪ جي ڪمي جي ڪري خصوصن وٽامن اي( A) جي ڪمي جي ڪري. شبڪوري يا نڪٽالوپيا جو سڀ کان عام سبب ريٽنائيٽس پگمنٽوسا (retinitis pigmentosa) ھوندو آھي. اھا ريٽينا جي خرابي ھوندي ان ڪري جو ان جا راڊ جيوگھرڙا آھستي آھستي روشنيءَ کي موٽ ڏيڻ جي صلاحيت وڃائي ويهندا آهن. ان حالت جي شڪار مريضن ۾ اھا حالت وڌندي ويندي آهي ايستائين جو ڏينھن جي وقت به انھن کي ڏسڻ ۾ تڪليف شروع ٿي ويندي آهي..ان حالت جو ھڪ ٻيو سبب ريٽينول (retinol) ۽ وٽامن اي vitamin) (A جي ڪمي آهي.[2]. انگريزيءَ جو لفظ نڪٽالوپيا Nyctalopia يوناني ٻوليءَ جي ٽن لفظن مان نڪتل آهي: نڪٽ nyct جنھن جي معني رات آهي؛ ايلوئس aloas جنھن جي معني انڌائپ آهي؛ ۽ آپسس opsis جنھن جي معني نظر آھي. اھا نظر جي ڪمزوري ھوندي آهي . ان حالت ۾ گھٽ روشنيءَ يا رات جي وقت نظر نہ پوندي آهي. ان حالت جو سبب ريٽينا جي مخصوص نظر وارن جيو گھرڙن rods جي ڪمزوري ھوندو آھي.[3].

شبڪوري
Effect of night-blindness. Left: normal night vision. Right: night-blind.
مھارت ophthalmology

حوالا سنواريو