وٽامن اي                                                   Vitamin A

”دريا خان سنڌي“

وٽامن صحت مند زندگي لاءِ تمام ضروري آھن جن جي تاريخ موجودھ صدي کان شروع ٿئي ٿي. ليسٽر انسٽيٽيوٽ آف لنڊن جي ڏاڪٽر ڪيسمر فنڪ Casimir Funk 1992ع ۾ وٽامنن جي باري ۾ هڪ تصور پيش ڪيو، جن کي ابتدائي لحميات Vital amines چيو ويو. انهن هڪ اهڙي شيء کي چانورن جي پالش کان ڌار ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جنھن جي رت ۾ گهٽتائي سبب رڳن جي ڪمزور ٿيڻ ۽ سوزش پيدا ڪرڻ وارو مرض بيري بيري Beri Beri جي پيدا ٿيڻ جو خطرو ويندي ويندو آهي. ان کان پوء ڏاڪٽر Max Nirensein ان جو ڪيميائي تجزيو ڪري ان جي اهميت جي پيش نظر Amines ۽ Vital کي ملائي  Vital amines جوڙيو ۽ ھن لفظ مان اڳتي ھلي Vitamin تخليق ڪيو ويو.

1915ع ۾ ميڪلم Maccollum ۽ ڊيوس Davis ثابت ڪيو تہ جسم جي نشوونما جي لاءِ ڪجهه جزا لازمي آهن جيڪي کير ۽ آنن جي زردي ۾ پاتا وڃن ٿا. 1920ع ۾ پروفيسر جيڪ سيسل ڊرمنڊ Jack Cecil Drummon انهن عنصرن جي لاءِ آخر حرف E ترڪ ڪري لفظ Vitamin منتخب ڪيو.

وٽامن يا حياتين جي ٻين قسمن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي. ھڪ اهو جيڪو پاڻي ۾ حل ٿئي ۽ ٻيو جيڪو چرٻي ۾ حل ٿي.وٽامن اسانجي روز جي کاڌن  ۾ موجود هجن ٿا. اھي اسان کي نہ صرف تندرست توانا رکن ٿا پر مختلف بيمارين کان بچائڻ ۾ پڻ مدد ڪن ٿا. جيسين انسان حيات آهي اهي انهن جي حفاظت ڪن ٿا. انهن وٽامنن مان وٽامن اي اسان جي زندگي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي.

وٽامن اي ڏاٺ جي لاءِ گهڻو مفيد آهي جنهن سان ڏاٺ گهڻي قدر مضبوط ۽ صحت مند رهنديون آهن، حساس ۽ رت جي رستي ڏاٺ جو علاج مخصوص وٽامن اي جي حامل ٽوٽ پيسٽ جي مسلسل استعمال سان ممڪن آهي. مختلف ليبارٽرين جي تجربي جي رپورٽن موجب وٽامن اي ڏاٺ کي مضبوط ڪندو آهي، گهڻو ڪري جيڪي ڏنڊن ۾ ڪيڙا يا سوارخ Cavities بڻجي ويندا آهن، انھن کي بہ ڪنهن حد تائين گهٽ ڪري ٿو. ڏاٺ جي جهلي Periodontal Membrane جي قدرتي عمل کي بہ صحيح رکندو آهي ان لاءِ پنهنجي عذائن ۾ وٽامن اي جي روزانو شين کي بہ شامل ڪجي.

وٽامن A جا مختلف نالا آهن. ريٽينال Retinol ۔ بيٽاڪيروٽين Beta carotene ۔ پرو وٽامن اي Pro vitamin A ۽ جيو کٽ Biocitrol کي پڻ وٽامن اي سڏيو وڃي ٿو. وٽامن اي اکين لاء مفيد آهي گڏوگڏ جسماني نشونما ۔ قوت ۽ مدافعت پڻ وڌائي ٿي. اکين جي ريٽينول جي شڪل ۾ وٽامن اي گهربل هوندي آهي خاص ڪري اکين جي پردي جي صحت لاء ريٽي نول اهم ۽ ضروري آهي. وٽامن اي جي کوٽ جو سبب رات جو گهٽ روشني ۽ رات جو گهٽ نظر اچڻ آهي. وٽامن جي گهٽتائي جي پھرين علامت گهٽ روشني ۾ گهٽ نظر اچڻ آهي.

هي وٽامن کير، ڏهي، مڇي جي تيل، پنير، مکڻ، مان ملي ٿي. ان کانسواءِ ڀاڄين جھڙوڪ : گجر، پالڪ، ٽماٽي، موري، انب وغيره ۾ ھڪ ڪيروٽين هوندي آهي، جنھن کي اسان جو جيرو آسانيءَ سان وٽامن اي ۾ تبديل ڪري وٺندو آهي.

حياتين اي اسان جي نظر لاءِ ضروري آهي، خاص طور تي هي اسان کي هلڪي روشنيءَ ۾ ڏسي سگهڻ جي قابل بڻائيندي آهي. انهيءَ جي گهٽتائي سان شب ڪوري (Night- Blindness) ٿي پوندي آهي. وٽامن اي ٻجن (مثلا: ڪڪڙن) جي تيل ۾ موجود هوندي آهي ان جي ڪمي سان ٻار جي ڪرڻ جو انديشو هوندو آهي.

وٽامن اي جو اهم ڪردار جينياتي ڪروموسومز ۽ خلين جو ٺھڻ آهي. چمڙي جي گهرڙن جي نشونما، ڀڃ ڊاھ ۽ نئين گهرڙن جي جنم ۾ بہ وٽامن اي جو عمل پڻ آهي ۔ انهي ڪري وٽامن اي جي گهٽتائي سبب منھن ۽ چمڙي ۾ داڻا نڪرندا آهن.

وٽامن اي اسان جي اکين جي روشني لاء مفيد آھي. هي مختلف شين ۾ پاتي وڃي ٿي. گجر ۾ وٽامن اي هجي ٿي، ان لاء ماهر اسانکي ان کي کائڻ جو مشور ڏيندا آهن جيئن وٽامن اي اسان کي حاصل ٿئي. جيڪڏهن ڪنھن بہ ماڻهو ۾ نظر جي گهٽتائي ٿيو وڃي تہ اکين جي روشني ڌنڌلي ٿي وڃي ٿي ۽ گهٽ ڏسجڻ سبب نابينائي اچي وڃي ٿي.

گهٽ نظر جو علاج وٽامن اي جي استعمال سان گهٽ ٿيو وڃي جنھن سان اکين جي روشني ۾ بھتري اچي ٿي، انهي لاء جيڪڏهن اوهانجي گهر يا پاڙي ۾ رهندڙ ڪنھن بہ فرد جي اکين جي روشني ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي تہ انکي گجر جو جوس پيئڻ ۽ گجرون کائڻ جو مشورو ڏجي. موجود دور ۾ گهڻو موبائل ڪمپوٽر استعمال ڪندڙ فرد اکين جي روشني کي برقرار رکڻ لاء گهڻو خيال رکن.

وٽامن اي جي استعمال سان جسم ۾ قوت مدافعت وڌي وڃي ٿي جيڪا بيمارين سان منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

خيال رهي تہ وٽامن اي چرٻي مان گهڻو حاصل ٿئي ٿي ان ڪري ان جو گهڻو استعمال صحت لاء نقصانڪار پڻ آهي. ان جي گهڻي استعمال کان پرهيز ڪجي.

وٽامن A ڀاڄين ۾ بہ ملندو آهي جيئن پالڪ ، ساڳ، ڪدو، ٽماٽر، سائي بصر. بصرن جي بہ خاص ڪري ساون پنن ۾، پيلي رنگ وارا سڀئي ميوا جيئن انب، زردالو، لوڪاٽ، مالٽا، ۽ ڪمند وغيره، بيدي جي زردي ۔ جيرانڊي ۽ اهو تيل ۽ گھ جنھن ۾ وٽامن A ۽ D شامل ڪيو ويو هجي. ان کان علاوه وٽامن A جا ڪيپسول بہ آهن جيڪي 6 ميهنن جي وقفي سان ٻارن کي ڏنا وڃن تہ ان طريقي سان بہ وٽامن A جي کوٽ کان بچي سگهجي ٿو.

وٽامن اي گجر کان علاوه املوڪ ۔ انگور ۔ ڳاڙھي گجر ۔ صوف ۔ پيٺي ۔ آنن ۔ گھ ۔ مکڻ  ۔ مڇي ۔ جيري ۔ کير ۔ سبزين ۔ انب ۔ شملا مرچ ۔ ٽماٽر ۔ پپيتي ۔ هنداڻي ۽ جانورن جي چرٻي مان حاصل ٿئي ٿي. مٺن پٽاٽن ۾ بہ وٽامن اي جي ڪافي مقدار ٿئي ٿي. وٽامن اي چمڙي لاء مفيد ٿئي ٿي. مڇي کائڻ وارن جي چمڙي تر تازي رهندي آهي ڇوجو ان ۾ وٽامن اي هجي ٿي. جيڪڏهن وٽامن اي کي ٻاهرين چمڙي لاء استعمال ڪجي تہ منھن جا گهنج گهٽ ٿي وڃن ٿا ۽ منھن جي خشڪي ۽ داغ پڻ گهٽ ٿيو وڃن.

وٽامن اي جي گهٽتائي جون علامتون گهٽ يا گهڻيون ٿي سگهجن ٿيون انهن علامتن ۾ ڌنڌلو ڏسڻ ۔ اڳيان ڌنڌ ڏسڻ ۔ اکين ۾ خشڪي ۔ قوت معدافعت جي گهٽتائي ۔ هر هر بيمار ٿيڻ ۔ اکين ۔ ڪنن ۔ ڳلي ۽ پيشاب ۾ انفيڪشن ٿيڻ ۔ وارن جو رنگ پيلو ٿيڻ يا اڇو ٿيڻ ۔ منھن ۽ چمڙي تي داڻا ڇالا ٿيڻ ۽ جلدي مرض وغيرھ اچي وڃن ٿا.

وٽامن اي وارن لاء مفيد آهي ڇوجو وٽامن اي جي گهٽتائي ڪارڻ وارن ۾ خشڪي ٿئي ٿي.

عورتن کي جيڪڏهن حيض دير سان اچن يا گهڻو سور ۽ رت جي مقدار گهڻي اچي انهن لاء وٽامن اي جو استعمال ضروري آهي ۽ مردن لاء بہ ڇوجو وٽامن اي سان اسپرم جي تعداد کي هٿي ملي ٿي. مرد يا عورتون جن ۾ رت جي گهٽتائي آھي، وٽامن اي جي استعمال سان انهن ۾ جلد رت جي گهٽتائي ختم ٿي وڃي ٿي.

وٽامن اي جي کوٽ سبب ٻارن کي اونداهي ۾ گهٽ نظر ايندو آهي ۽ ٻار تيزروشني ۾ بہ گهڻي دير ڏسي ناهن سگهندا ۽ تيز روشني ۾ انهن جي اکين ۾ جلدي پاڻي وهڻ لڳندو آهي ۽ ٻار پنھنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيندا آهن جيڪو بينائي جي حوالي سان انتھائي خطرناڪ اهڃاڻ آهي ۽ ان دوران آهستي آهستي ٻار جي اکين ۾ چمڪ گهٽجڻ لڳندي آهي ۽ اکيون خشڪ ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ گهڻو ڪري اکيون ڳاڙهاڻ واريون رهنديون آهن ۽ اکين ۾ ننڍا ننڍا اڇي رنگ جا داڻا ٺھي ويندا آهن ۽ اهي اڇي جهلي جي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن. جيڪي ٻار هر هر بيمار ٿين ٿا انهن کي غذا ۾ وٽامن اي ڏيڻ ضروري آھي.  جن ٻارن ۾ وٽامن اي جي کوٽ هجي، انهن کي وڌيڪ ڊاڪٽر جي هدايت سان ڪجهه هفتا وٽامن اي جي سيلمينٽ ڏيڻ کپي. ٻارن ۾ قوت مدافعت وڌائڻ لاء حفاظتي ٽڪا پوليو جي قطرن سان گڏوگڏ وٽامن اي جا بہ قطرا پياريا ويندا آهن.

اهڙا نوجوان جن جي منھن تي داڻن جي گهڻائي ھجي ۽ چمڙي کي لوشن يا ڪريم لڳائڻ سان بہ داڻ گهٽ نہ ٿئي تہ بھتر رهندو تہ انهن کي صرف وٽامن اي جي سپليمنٽ جي هڪ ٽڪي روزانو هڪ کان ٻہ مھينن تائين استعمال ڪرڻ کپي.