شاهان فقير رودناڻي

شاهان فقير رودناڻي (انگريزي: Shahan Fakir Rodnani) جو مقبرو ۽ قبرستان سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ ڳوٺ ٺل موجوده ڳوٺ گولو فقير جي ڏکڻ ۾ ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي مٿانهين ٽڪري تي موجود آهي. شاهان فقير رودناڻي گاجي شاھ جي صحبت ۾ رهيو ۽ پوءِ ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي دور ۾ ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن بڻيو. سندس قبرستان ۾ مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي پڻ شاندار ٿيل آهي. سندس قبرستان سنڌ جو اهم تاريخي ماڳ آهي.[1]

شاهان فقير رودناڻي جو مقبرو

حوالا سنواريو

  1. "شاهان فقير رودراڻي.....عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-03.