سڪندر يوناني کي سنڌي ڏاهي جو جواب

تاريخ جي ورقن مان ڄاڻ ملي ٿي ته سڪندر يوناني کي ٽيڪسلا جي ماڳ ۾ هڪ سنڌي فلسفي دادا منش سان ملڻ ٿيو. دادا منش کي ايرين پنهنجي ڪتاب ۾ ڊيڊا منس ڪري سڏيو آھي. ايرين سڪندر کان اڍائي ٽي سو سال پو پيدا ٿيو هو. ان سڪندر جي ڪاهن بابت مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب لکيو هو. جيڪو سڪندر جي ڪاهن تي هڪ کرو ڪتاب مڃو ويندو آهي. سنڌ ۾ سڪندر جي ڪاھ بابت ايرين کان سواءِ ارسٽوبيولس پڻ لکيو آهي. ارسٽوبيولس سنڌ ۾ سڪندر جو جرنيل هو. ارسٽوبيولس سيوهڻ جي ڇهن سنڌي ساڃاھ وندن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي جيڪو ڏاڍو دلچسپ آهي. هڪ ٻيو سنڌي فلسفي ڪالانش جو ذڪر پڻ ايرين ڪيو آهي، جيڪو چتا تي سڙيو هو.

سڪندر کي خبر پئي ته ٽيڪسلا ۾ هڪ مجذوب سنڌي فلاسافر دادا منش رهي ٿو. جيڪو اگهاڙو رهندو آهي ۽ سندس شاگرد به ساڻس آهن. سڪندر جيئن ته ارسطو جو شاگرد هو سو هن ۾ علم فلسفي جو قدر، شوق ۽ لاڙو پڻ هو. سو هلي وڃي دادا منش وٽ نڪتو. احوال ٿيا سڪندر کي دادا منش گاھ ئي نه وڌو. سڪندر دادا منش کي پاڻ سان گڏ ھلڻ لا ڏاڍيون منٿون ڪيون. دادا منش نه رڳو پاڻ ويو پر سڀني شاگردن کي به جهلي ڇڏيائين ته هن سان ناهي وڃڻو. سڪندر کي چيائين ته توکي ڌرتي ۽ سمنڊ جي لوڀ آهي سو تو پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي جند آزار ۾ وڌي آهي. سو تون وڃ مون کي نانهن (عدم، ڪجهه به نه) جي ضرورت آهي. مرڻ کان پو هن جند جي جان ڇٽي پوندي. هي جند ۽ مان ٻئي هڪ ئي گهر ۾ رهياسين پر ملياسون ڪڏهن به نه. سڪندر اها ملاقات ۽ ڳالهيون لکرايون, جيڪي تاريخ ۾ رهجي ويون.[1][2]

حوالا سنواريو

  1. Campaigns of Alexnder by Arrain
  2. سنڌيڪار: سلام اُنڙ