لفظ هَفِتِ جيڪو اصل ۾ فارسي لفظ آهي، ان جي سنڌي معنا ست ٿئي ٿي ۽ ان کي سپت (Sapat) به چوندا آهن. جيئن ته لفظ هفت، جيڪو ستن (ايڪاين) لاءِ ڪتب اچي ٿو سو عام طور تي مهيني جي چوٿين حصي لاءِ ڪتب ايندو آهي ۽ ان ۾ سَتَ ڏينهن هوندا آهن. ساڳئي نموني سنڌيءَ ۾ مهيني جي چوٿين حصي لاءِ لفظ سپتو (Sapto) استعمال ٿئي ٿو. قديم سنڌيءَ جي “س” سان شروع ٿيندڙ لفظ گهڻو ڪري قديم فارسيءَ ۾ “ھ ” سان شروع ٿا ٿين، ان قسم جو فرق اوهان کي قديم ڪتاب رڳ ويد (Rig Veda or Rugg Ved) ۽ فارسيءَ جي قديم ڪتاب اوستا (Ostaa) ۾ ملندو مثال طور: جيڪو لفظ رڳ ويڌ ۾ سپت سنڌو (Sapat Sindhu) ڪتب آندل آهي، سو ساڳيو لفظ فارسيءَ جي ڪتاب اوستا ۾ هفت هندو (Hafit Hindu) جي نالي سان درج آهي، ان کان سواءِ هاڪڙي يا سرسوتي نديءَ (Sarswati River) لاءِ هرهوتي ندي استعمال ٿيل آهي وغيره. ان مان ڄاڻ پوي ٿي ته سنڌي لفظ سپتو (Sapto) پهرين فارسي اثر جي ڪري ۽ ان کان پوءِ اردوءَ جي آڳانجهائي (غلبي) جي ڪارڻ هفتي ۾ تبديل ٿي پيو آهي، تڏهن به اڃان تائين گهڻا ماڻهو ان کي سپتو (Week) به چوندا آهن. [1]

حوالا سنواريو

  1. سپتو | Indus Asia Online Blog, وقت 2020-10-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-15