سينٽ سائمن
ڪلاڊ ھينري ڊي روئوراء ، ڪامٽي ڊي سينٽ سائمن(انگريزي: Claude Henri de Rouvroy, comte de Saint-Simon) جنھن کي عام طور ھينري ڊي سينٽ سائمن يا صرف سينٽ سائمن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.فرينچ: [ɑ̃ʁi də sɛ̃ simɔ̃] ; 17 (October 1760 – 19 May 1825) فرانس جو سياسي ۽ معاشياتي نظريادان ۽ ڌنڌو ڪندڙ (بزنس مين) شخص ھيو جنھن ان وقت جي سياست ، معاشيات ، سماجي علمن، فلسفي ۽ سائنس ۾ پراثر ڪردار ادا ڪيو. ھن انڊسٽريئلزم جو نظريو پيش ڪيو جنھن مطابق ھن جو چوڻ ھيو تہ ھڪ مضبوط معيشت ۽ اثرائتي سماج جي قيام لاء انڊسٽريل طبقي ۾ مزدور طبقو شامل آھي جنھن جون ضرورتون مڃي کين پورو ڪرڻ گھرجي [8]
سينٽ سائمن | |
---|---|
ھينري ڊي سينٽ سائمن | |
پيدائش | 17 آڪٽوبر 1760 پيرس, فرانس |
وفات | سانچو:يوم وفات ۽ عمر پيرس، فرانس |
عهد | اوڻويھين صدي جو فلسفو |
علائقو | مغربي فلسفو |
مڪتبه فڪر | يوٽوپيائي سوشلزم سينٽ سائمن ازم |
شعبه عمل |
سياسي فلسفو |
اهم نظريا |
صنعتي طبقو يا طبقاتي فرق |
مؤثر شخصيتون
| |
متاثر شخصيتون
|
تفصيلي تعارف
سنواريوپيرس ۾ پيدا ٿيندڙ سينٽ سائمن (1760ع-1825ع) فرانسي انقلاب جي عروج ۽ زوال جو اکين ڏٺو شاهد هو. هن جو تعلق فرانس جي هڪ امير گهراڻي سان هو. هُو اڃا سورهنِ سالن جو هو ته جنگ شروع ٿي وئي (1775ع-1783ع). فرانس برطانيا جو روايتي حريف هو ان ڪري فرانس آمريڪا جي آزادي پسندن جي ڏاڍي مدد ڪئي. ايستائين جو فرانسي انقلابين جو وڏو تعداد به رضاڪاراڻي طور آمريڪي جنگ ۾ شريڪ ٿيو.[9] سينٽ سائمن انهن ۾ ئي هو. آمريڪا ۾ قيام هن جي خيالن تي گهرو اثر وڌو. آمريڪا جي نئين دنيا ۽ يورپ جي پراڻي دنيا ۾ زمين آسمان جو فرق هو. يورپ ۾ بادشاهه هئا، درٻاري امير هئا، نڪما نواب هئا، عيش پسند پادري ۽ انهن جا وڏا وڏا اوقاف هئا. نئين دنيا انهن لعنتن کان پاڪ هئي. فيڪٽرين جا مالڪ، دُڪاندار، مزور، هاري سڀ محنت مشقت ۾ مصروف رهندا هئا ۽ ملڪ جي سماجي فضا وڏي حد تائين جمهوري هئي. زنگي غلامن جو وڪرو ۽ خريد ۽ ڪپهه، تماڪ ۽ چانورن جي ٻنين ۾ انهن جو زبون حال سينٽ سائمن شايد نه ڏٺو يا ڏٺو ته سهي پر هن نيگرو ماڻهن کي انسان ئي نه سمجهيو، جو انهن جي باري ۾ غور ڪري ها[9]. سينٽ سائمن وطن وريو ته هتي انقلاب برپا ٿي ويو. سينٽ سائمن انقلاب جي آجيان ڪئي. سندس اباڻي زمين ضبط ٿي وئي، ته به هن پرواهه نه ڪئي. ماڻهو هوشيار هو، سَٽو کيڏي ڪافي دولت گڏ ڪري ورتائين. ان وچ ۾ گرفتار به ٿيو پر جلد ئي آزاد ڪيو ويو. قيدخاني ۾ هن تي اهو ”انڪشاف“ ٿيو ته قدرت کيس ڪنهن عظيم خدمت جي لاءِ چونڊيو آهي ۽ هُو پنهنجو پاڻ مسيح تصور ڪرڻ لڳو[9]. پيرس اچي هن شادي ڪئي پر گهريلو زندگيءَ جون ذميواريون سندس وَس جون نه هيون، ان ڪري هڪ سال ۾ ئي علحدگي ٿي وئي ۽ سينٽ سائمن مادام اسٽل (1766ع-1817ع) جي ڇانوَ ۾ پناهه ورتي. مادام اسٽل پيرس جي وڏي مشهور شخصيت هئي. هوءَ ڪيترن ئي روماني ناولن جي ليکڪ هئي ۽ سندس گهر ۾ اديبن، فنڪارن ۽ دانشورن جو جهڳٽو پيو رهندو هو. انهيءَ وچ ۾ سينٽ سائمن جو پهريون ڪتاب ”جنيوا کان خط“ (1801ع) شايع ٿيو. ان وقت سينٽ سائمن جي عمر 41 سال هئي[9]. انهن ”خطن“ کان پوءِ سينٽ سائمن ٻيا به ڪيترائي رسالا لکيا. انهن ۾ جيتوڻيڪ واقعا ۽ دليل بدليل هئا پر مضمون جو روح هڪ ئي هو يعني سائنس ۽ صنعت جي بنياد تي سماج جي نئين سر اڏاوت. انهن تصنيفن مان سينٽ سائمن کي مالي نفعو ڪجهه به نه ٿيو، اُٽلو سندس مالي حالت خراب ٿيندي وئي. غريبيءَ کان تنگ ٿي هن خودڪشيءَ جي ڪوشش به ڪئي پر ناڪام رهيو. ان وقت هڪ پراڻي نوڪر سندس مدد ڪئي ۽ سندس سار سنڀال ڪرڻ لڳو. 59 سالن جي عمر ۾ مٿس هڪ مضمون جي ڏوهه ۾ بغاوت جو مقدمو هليو پر هو آزاد ٿي ويو[9]. ”جنيوا کان خط“ هن هڪ فرضي دوست جي خطن جي جواب ۾ لکيا. پهرين خط جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي:
”مان هاڻي جوان ڪو نه آهيان. مون گهڻي دنيا ڏٺي آهي ۽ کوڙ مصروف به رهيو آهيان پر منهنجي محنت جو مقصد تنهنجي خوشي رهيو آهي. هينئر مون هڪ منصوبو سوچيو آهي، جيڪو منهنجو خيال آهي ته تنهنجي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان ڪري مان تو ڏانهن منصوبو موڪلي رهيو آهيان. نيوٽن جي مقبري آڏو چندو گڏ ڪرڻ جو بندوبست ڪر ۽ ان ڪم ۾ اڻٿڪ محنت ڪر.“
— سينٽ سائمن
سينٽ سائمن وٽ نيوٽن جي شخصيت خلق جي بي غرض خدمت ۽ سائنسي ذهانت جي علامت هئي. ان ڪري هن راءِ ڏني ته هڪ بين الاقوامي نيوٽن ڪائونسل قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ ٽي حسابدان، طبعيات جا ٽي عالم، نفسيات جا ٽي ماهر، ٽي ليکڪ، ٽي مصور ۽ ٽي موسيقار شامل هجن. اهي 18 ماڻهو نه ته ڪو عهدو وٺن ۽ نه ئي اجورو، پر انسانذات جي بي لوث خدمت ڪن. اهي انسانيت جا ”مشعل بردار“ هجن ۽ دنيا کي حق ۽ انصاف جو رستو ڏيکارن. ”اها نيوٽن ڪائونسل زمين تي خدا جي نمائندگي ڪندي.“ سينٽ سائمن اهو نه سوچيو ته مفڪرن ۽ فنڪارن ۾ ان ڪائونسل جي چونڊ ڪير ڪندو ۽ جيڪڏهن ڏکيو ئي سهي، چونڊ ٿي وڃي ته انهن جي هدايتن تي عمل ڪرائڻ جي صورت ڪهڙي هوندي؟ ان جا حڪم ڪيئن نافذ ٿيندا؟[9]
سماجي تنظيم لاءِ سندس ڏنل منصوبو
سنواريوسينٽ سائمن جي منصوبي موجب سماج جي نئين تنظيم جا ٽي ايوان هوندا: 1. تخليقن جو ايوان، 2. پاڪائين جو ايوان، ۽ 3. تنظيمن جو ايوان. تخليقن جو ايوان 200 انجنيئرن، 50 اديبن، 25 مصورن، 15 مجسمي سازن ۽ تعمير جي ماهرن ۽ 10 موسيقارن تي ٻڌل هوندو. پاڪائين جي ايوان ۾ 300 ميمبر هوندا: 100 حيوانن جا عالم، 100 طبعيات جا عالم ۽ 100 حسابدان[9]. تنظيمن جي ايوان ۾ مختلف صنعتن جا نمائندا شامل هوندا: هاري، مستري، هنرمند، صناع، واپاري، مزور، صنعتڪار وغيره. سماج جي شهه رڳ صنعت ۽ حرفت جي اهائي نمائنده مجلس هوندي. سينٽ سائمن انهن سڀني ماڻهن کي صنعتي طبقي جو فرد سمجهي ٿو. ان حد تائين جو هو سرمائيدار ۽ مزدور، مل-مالڪ ۽ اجوري تي هنرمند کي هڪ ئي قطار ۾ بيهاري ٿو[9]. ”اهو اڪيلو طبقو آهي جنهن جي باري ۾ اسان جي آرزو آهي ته ان جي ارادن ۽ سياسي همت ۾ واڌارو ٿيندو رهي، ڇو ته صنعتڪارن جو طبقو ئي اهو طبقو آهي جن جا ارادا فائديمند ۽ همت ضروري آهي. ان جا مخصوص مفاد سڀني جي گڏيل مفادن سان هم آهنگ ٿين ٿا. جيئن ته اسان کي ان سچائيءَ جو احساس آهي ان ڪري اسان صنعتڪارن جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي. اسان انهن کي تهذيب جو حقيقي مرڪز تصور ڪيون ٿا. سينٽ سائمن جي راءِ ۾ سرمايو ۽ پورهيو ٻئي اجوري جا حقدار آهن، پر ان منصوبي تي عمل ڪيئن ٿئي ــــــ پورهيتن کي سياسي اختيار ڏئِي؟ - نه، هرگز نه. ڇو ته فرانسي انقلاب جو تجربو اسان جي آڏو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته عوام ان جو اهل ناهي. اهو پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري نه ٿو سگهي، پر اهو تاريخي فرض به مهذب طبقن کي پورو ڪرڻو پوندو ــــــ سماج جي بزرگ فردن کي، انجنيرن کي، بئنڪرن کي، فنڪارن کي، دانشورن کي[9]. سينٽ سائمن سماجي انقلاب کان سواءِ انقلابي تبديليون آڻڻ چاهي ٿو. هُو عوامي تحريڪ، عوامي جدوجهد جو قائل نه آهي ۽ نه ان کي عوام جي سياسي شعور يا تنظيمي صلاحيتن تي اختيار آهي. ڇا هن فرانسي انقلاب جي هنگامن ۾ پيرس جي عوام جون ”غير ذميدار“ حرڪتون نه ڏٺيون هيون؟[9] سينٽ سائمن جا منصوبا شيخ چليءَ جي منصوبن کان گهٽ نه هئا. جاگيرداراڻي نظام جي نقصن جي باري ۾ هن جا تاثر بلڪل صحيح هئا. اميرن، ڪليسا ۽ فوج تي هن جيڪا تنقيد ڪئي، اها به صحيح هئي. هن جو اهو خيال به صحيح هو ته دنيا هاڻي سائنس ۽ صنعت جي دؤر ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ سماج جي فلاح ۽ بقا جو دارومدار تخليقي صلاحيتن مان فائدو وٺڻ تي آهي، پر سينٽ سائمن اهو ڀلجي وڃي ٿو ته فرانس جو اڀرندڙ صنعتي نظام به طبقاتي نظام هو. هڪ طبقو سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جو (بورجوا) هو ۽ ٻيو طبقو پورهيتن (پرولتاري) جو هو. اختيار جون واڳون سرمائيدارن ۽ انهن جي ڇاڙتن جي هٿ ۾ هيون. انهن کي منطقي دليلن سان يا انسانذات جو واسطو ڏئي پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي اقتدار کان هٿ کڻڻ تي آماده نه ٿو ڪري سگهي، پر اهو ان صورت ۾ ممڪن هو ته پورهيت منظم جدوجهد وسيلي بورجوا طبقي کان اختيار کسي وٺي. سينٽ سائمن ڪيترائي منصوبا ٺاهي ته سگهيو پئي پر هُو ان قوت کي، جيڪا انهن منصوبن کي عملي ويس پارائي سگهڻ لائق هئي، تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هن جا منصوبا ڪتبخانن (لائبريرين) جي سونهن بڻجي ويا. فرانسي قوم انهن تي ڪڏهن به عمل نه ڪيو[9].
وفات
سنواريو1823 ۾ مايوسي واري ڪيفيت ۾ ھن خودڪشي جي ڪوشش ڪندي پنھنجي مٿي تي ڇھ فائر ڪيا پر بچي ويو رڳو سندس ھڪ اک جي نظر ضايع ٿي وئي. پاڻ 1828 ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس پيرس جي يڪ مقام ۾ دفنايو ويو.
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 Jeremy Jennings. Revolution and the Republic: A History of Political Thought in France Since the Eighteenth Century. Oxford University Press, 2011. p. 347.
- ↑ Gregory Claeys. Encyclopedia of Nineteenth-century Thought. Oxon, UK: Routledge, 2005. p. 136.
- ↑ John Powell, Derek W. Blakeley, Tessa Powell. Biographical Dictionary of Literary Influences: The Nineteenth Century, 1800-1914. Greenwood Publishing Group, 2001. p. 267.
- ↑ Jean-René Suratteau, "Restif (de la Bretonne) Nicolas Edme", in: Albert Soboul (ed.), Dictionnaire historique de la Révolution française, Paris, PUF, 1989, 2nd ed. Quadrige, 2005, pp. 897–898.
- ↑ Nicholas Capaldi. John Stuart Mill: A Biography. Cambridge University Press, 2004. pp. 77–80.
- ↑ Rob Knowles. Political Economy from Below: Economic Thought in Communitarian Anarchism 1840-1914: Economic Thought in Communitarian Anarchism, 1840-1914. Routledge, 2013. p. 342.
- ↑ Horowitz, Irving Louis, Veblen's Century: A Collective Portrait (2002), p. 142
- ↑ Keith Taylor (ed, tr.). Henri de Saint Simon, 1760-1825: Selected writings on science, industry and social organization. New York, USA: Holmes and Meier Publishers, Inc, 1975. pp. 158–161.
- ↑ 9.00 9.01 9.02 9.03 9.04 9.05 9.06 9.07 9.08 9.09 9.10 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.(ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ: سبط حسن)