سيد امداد شاه

سنڌي سياستدان

امداد شاھ جي ايم سيد جو پُٽ ۽ سيد جلال محمود شاھ ۽ سيد زين شاھ جو پيءُ آهي. پاڻ سياستدان به رهيو آهي.[1]

تعليم سنواريو

سيد امداد شاهه پنهنجي پرائمري تعليم سن ۾ ۽ پوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ مشنري اسڪول ۾ ورتي، انٽر ميڊيئٽ ۽ سائنس ۾ گريجويشن پڻ ڪراچيءَ جي مشهور ڊي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اسلاميه ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.[2]

سماجي خدمتون سنواريو

محمد شاهه جي سماجي ڪم جو بنياد شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائيٽي آهي، ان کي لڳ ڀڳ 40 سال ٿي ويا آهن، جيڪا هينئر به پنهنجو ڪم جاري رکندي پئي اچي، ان تنظيم جو بنياد وجهڻ وقت سن شهر جي هر دڪاندار کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو ويو هو ته هر دڪاندار روزانو 5 پيسا جمع ڪرائيندو ۽ رقم گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو ڀانڊارو ٺهرايو ويو هو ۽ سوسائيٽي لاءِ شايد 40 ايڪڙ زمين به رکي وئي هئي،  سوسائيٽي جو ڪم صرف ۽ صرف غريب شاگردن کي يونيفارم ۽ ڪتاب ڏنا ويندا هئا ۽ اداري طرفان هڪ هاسٽل به ٺهرائي وئي هئي، جنهن ۾ ٻاهريان شاگرد، ڊيوٽي ڪندڙ ملازم ۽ آفيسر ماني کائيندا هئا، انهن شاگردن ۾ تازو چونڊيل ايم پي اي فقير داد کوسو به آهي، مهراڻ، لمس ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ غريب شاگردن جي فيس ۽ ٻيو خرچ ٻه ادارو ادا ڪري ٿو، تازو شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي طرفان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ قائدعوام يونيورسٽي سان جي ايم سيد، سيد امداد شاهه ۽ جيجي درشهوار سيد جي نالن تي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي، امداد شاهه جو اهو خواب هو ته اهڙا ادارا قائم ڪري بهتر تعليم ۽ بهتر سماج اڏي سگهجن ٿا،


سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ امداد شاهه جي زمينداري رهي، انهيءَ ڳوٺ ۾ پهريون پرائمري اسڪول 1960 ۾ سندس ئي ڪوششن سان قائم ٿيو ۽ پوءِ تعلقي سڪرنڊ جا مڊل اسڪول مجيد ڪيريو، صابو راهو، کڏهر، محراب پور، گبر ڏاهري، مير محمد جوڻو، لاکاٽ، لاکا آباد ۽ رمضان راهو امداد محمد شاهه ئي قائم ڪرايا. علائقي جي ڳوٺن دليل راهو، خيبر لکمير، لانڍي، حسن جمالي، مهر علي جمالي، محمد فقير لغاري، ٻڍل شاهه، بچل پور ۽ ماڙي جلباڻي، جا هاءِ اسڪول ۽ قاضي احمد هائير سيڪنڊري اسڪول به امداد محمد شاهه ئي قائم ڪرايو. ان کان علاوه سنڌوءَ جي بچاءُ بندن تي سندس نظر هميشه رهي، ان کي ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنائين. صحت جي سهولتن لاءِ ڪيترائي  بي ايڇ يو قائم ڪرايائين

سياسي زندگي سنواريو

امداد شاهه سياست جي شروعات عوامي ليگ کان ڪئي. بنگلاديش ٺهڻ بعد امداد شاهه ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو. 1979ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاهه ۾ آزاد اميدوار طور بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو، ان بعد 1985ع ۽ 1988ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻيو، امداد شاهه بي باڪ ۽ بي پرواهه ٿي ڳالهائيندو هو، کيس نوابشاهه ضلعي جي سيدن جي سياست جو ماسٽر مائينڊ سڏيو ويندو هو. امداد شاهه ثقافتي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملهايو، حمل فقير جو ميلو شروع ڪرائڻ جو بنياد امداد شاهه ئي وڌو. جي ايم سيد کان پوءِ امداد شاهه به قومپرست ڪارڪنن جي ٽيڪ ۽ ڏڍ هو

وفات سنواريو

سيد امداد شاهه ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد 29 سيپٽمبر 2004ع تي گذاري ويو، کيس وصيت موجب سندس پنهنجي ٻنين ۾ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ دفنايو ويو.[3]

حوالا سنواريو

  1. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: سيد امداد محمد شاھ". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2021-07-13. 
  2. "امداد محمد شاهه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-07-13. 
  3. "NAWABSHAH: Syed Imdad Shah passes away". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2021-07-13.