سياجي رائو گائيڪ واد

سياجي رائو گائيڪ واد
 

معلومات شخصيت
ڄم 31 مارچ 1863  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
وڙودرا  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 6 فيبروري 1939 (76 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
وڙودرا  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي

سياجي رائو گائيڪ واد 1863ع ۾ ڄائو. ڄمڻ وقت هن نالو شريمنت گوپال رائو هو. هو ننڍي عمر ۾ يعني اٽڪل ٻارهن تيرهن سالن جي ڄمار ۾، سن 1875ع ۾ بڙودا جي تخت تي ويٺو ۽ 1939ع تائين يعني مرڻ تائين، 64 سال حڪومت ڪيائين.

بڙودا جي مهاراجا سَياجي رائو گائيڪ واد پنهنجي تعليمي خدمتن لاءِ ڏاڍو مشهور آهي. بڙودا سلطنت (گجرات) جو هي راجا جيڪو پاڻ گجراتي نه، پر مرهٺو هو. هن مهاراجا پنهنجي جنتا کي پڙهيل ڳڙهيل بنائڻ لاءِ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي. هن نوجوان حاڪم پنهنجي عوامي خدمتن جي ڪوششن سان، ماڻهن ۽ رياست جي قسمت ئي بدلائي ڇڏي. تعليم تي هڪ طرف ته امن امان، ايگرڪلچر ۽ سوشل رفارمس تي ٻي طرف ڌيان ڏنائين. هن تعليم ۽ آرٽ جي ترقيءَ سان گڏ ڪارخانا لڳرايا، جيئن غريب عوام روزگار کي لڳي سگهي. بڙودا جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جو هي راجا باني هو. انڊيا جي هر شهر ۾ جيڪا بئنڪ آف بڙودا نظر اچي ٿي ان جي شروعات هن مهاراجا 1908ع ۾ ڪئي، جيئن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇَ ۾ رهندڙ گجراتي هن بئنڪ ذريعي فائدو وٺي سگهن. بڙودا شهر ۾ جيڪا سينٽر لئبرري آهي، اها هن راجا جي ذاتي لئبرري هئي، جنهن کي پوءِ وڌايو ويو. ڪِتابن سان دلچسپي رکڻ واري هن راجا پنهنجي رياست جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ لئبرري کولائي. هي پهريون انڊين راجا هو، جنهن پنهنجي رياست ۾ 1906ع ۾ هر ٻار لاءِ پرائمري تعليم لازمي (ڪمپلسري) ۽ مفت ڪئي. شهرين جي وندر ۽ سک لاءِ پارڪ ۽ باغيچا ٺهرايا. بڙودا شهر جو ڪماتي باغ جيڪو هاڻ سندس نالي سَياجي باغ سڏجي ٿو، هن جو انهن ڏينهن جو ٺهرايل آهي. هن مهاراجا، بڙودا شهر ۾ نه رڳو اسڪول پر 1881ع ۾ بڙودا ڪاليج آف سائنس نالي ڪاليج کوليو، جنهن کي پوءِ سندس پوٽي سَر پرتاپ سنگھ گائيڪ واد 1949ع ۾ يونيورسٽيءَ جو درجو ڏياريو ۽ ان جو نالو ڏاڏي تان مهاراجا سَياجي يونيورسٽي رَکيو.

گجرات جي هن مهاراجا سياجي رائو نه رڳو تعليم عام ڪئي، پر ذهين شاگردن کي پڻ اڳيان آندو. دادا ڀائي نائوروجي جيڪو جيتوڻيڪ پارسي هو، پر هن جي قابليت ڏسي بڙودا رياست جي هن مهاراجا هن کي 1874ع ۾ پنهنجو ديوان يعني وزير بنايو. دادا ڀائي نائوروجي اها اهم شخصيت آهي، جنهن مان محمد علي جناح ڏاڍو متاثر هو ۽ دادا ڀائي نائوروجي نالي سان روڊ به ڪراچي شهر ۾ جناح جي مزار وٽان لنگهي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. بنارس کان برمودا (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-09