سوره المائدہ (انگريزي: Feast ) قرآن شريف جي پنجين سورة آھي جيڪا مدني آهي جنھن ۾ 120 آيتون آهن. ھن سورة ۾ 16 رڪوعون آھن ۽ ان جو نازل ٿيڻ جو وقت 6 کان 7 ھجري وارو آھي. ھن سورة جو نالو ان جي پندرھين رڪوع جي ھڪ آيت ۾ آيل لفظ مائدہ مان ورتل آهي.

قرآن جي سورة نمبر: 5
مدني
سورہ المائدہ
دسترخوان
درجابندي مڪي/ مدني
ٻيا نالا دعوت طعام
نزول جو وقت 6 کان 7ھجري
سيپارا سيپارو 6کان 7
رڪوعن جو تعداد 16
آيتن جو تعداد 120
لفظن جو تعداد 2837
اکرن جو تعداد 11892

نزول جو وقت سنواريو

ھي سورة صلح حديبيه کان پوء، 6 ھجري جي آخر ۾ يا 7 ھجري جي شروع ۾ نازل ٿي ھئي[1]. ذوالقعد 6 ھجري وارو واقعي مطابق نبي ﷺ جن 1400 مسلمانن سان گڏجي عمرو ڪرڻ لاء مڪي ويا ھيا پر ڪافرن کيس عمرو ڪرڻ نہ ڏنو ۽ اھو طئي ٿيو تہ مسلمان ايندڙ سال اچي عمرو ڪن. ان واقعي ۾ ضرورت پيدا ٿي تہ مسلمانن کي ڪعبي جي زيارت لاء آداب ٻڌايا وڃن تہ جيئن ايندڙ سال عمرو اسلامي شان سان ادا ڪيو وڃي[1].

نزول جو شان سنواريو

جنگ احد کان پوء مديني جي چوڌاري وارو ماحول مسلمانن لاء خطرن سان ڀرجي چڪو ھو ۽ ان دؤر ۾ سورة آل عمران ۽ سورة النساء نازل ٿيون پر جنھن ماحول ۾ سورة المائدہ نازل ٿي ان وقت حالات بدلجي چڪا ھيا[1]. مديني جي رياست جون حدون نجد، شام، ڳاڙھي سمنڊ ۽ مڪي جي ويجھو تائين ڦھلجي چڪيون هيون ۽ مسلمان عربستان ۾ ناقابل شڪست طاقت بنجي چڪا هئا. مسلمانن جي ھاڻي مستقل تھذيب ٺھي چڪي هئي[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 434,435