سورة انعام
سوره الانعام (انگريزي: Al Anaam) قرآن شريف جي ڇھين سورة آھي جيڪا مڪي ۾ نازل ٿي، جنهن ۾ 165 آيتون آهن[1].ھن سورة جي 16 ۽ 17 رڪوع ۾ ڪجهه چوپائي مال وارن جانورن جي حرام ۽ حلال ھجڻ عربستاني ماڻھن جي وھمن جي ترديد جو موضوع ھجڻ ڪري ان جو نالو الانعام يعني چوپايو مال رکيو ويو[2]. عربي م لفظ انعام اٺ، ڳئون، رڍ ۽ ٻڪري جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ۽ لفظ بھيمه ھر قسم جي چوپائي لاء استعمال ٿيندو آهي[2].
مڪي سورہ الانعام چوپايو مال | |
---|---|
درجابندي | مڪي/ مدني |
سيپارا | سيپارو 7 ۽ 8 |
رڪوعن جو تعداد | 20 |
آيتن جو تعداد | 165 |
لفظن جو تعداد | 3055 |
اکرن جو تعداد | 12418 |
نزول وارو زمانو
سنواريوابن عباس رضه جي روايت آهي تہ ھي سڄي سورة ھڪ ئي وقت مڪي ۾ نازل ٿي هئي[2]. حضرت معاذ بن جبل جي چاچي جي ڌيءَ اسماء بنت يزيد جو چوڻ ھيو تہ:
" جڏھن اھا سورة نبي ﷺ جن تي نازل ٿي رھي ھئي تہ ان وقت پاڻ سڳورا اٺ (مادي) تي سوار ھيا جنھن جي ناڪيلي سندس ھٿ ۾ ھئي ۽ وزن جي ڪري اٺ جو حال اھڙو ٿي ويو ھيو جو لڳي پيو ته ان جون ھڏيون ٽٽي پونديون"
— [2]
اھا بہ روايت آھي ته جنھن رات اھا سورة نازل ٿي ھئي ان ئي رات نبي ﷺ جن ان کي قلمبند ڪرايو ھيو[2]. مضمونن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان سورة جي نازل ٿيڻ وارو زمانو مڪي دؤر جو آخر وارو زمانو ھيو. اسماء بنت يزيد انصار ھئي ۽ ھجرت بعد مسلمان ٿي ھئي. ممڪن آھي تہ عقيدت ۾ مڪي آئي ھجي. مڪي دؤر جي آخري سال کان اڳ يثرب وارن سان ايترو تعلق ممڪن نہ ھيو جو ھڪ عورت مڪي اچي حاضر ٿئي[2].
بيان جا موضوع
سنواريوان ۾ ايمان جا اهم جزا، يعني توحيد جي عقيدي، قيامت جي ڏينهن ۽ سزا ۽ جزا جو بيان آهي. زمين ۽ آسمان ۾ قدرت الاهيءَ جا جيڪي ڪرشما نظر اچن ٿا، انهن ڏانهن انسان کي متوجهه ڪيو ويو آهي ۽ قديم قومن جي سرگزشت بيان ڪري نيڪيءَ ۽ بديءَ جا نتيجا واضح ڪيا ويا آهن[1]. ان کان سواءِ هن سورة ۾ حلال ۽ حرام شين جو تفصيل بيان ٿيل آهي ۽ چؤپاين متعلق مشرڪن جا جيڪي وهم وسوسا هئا، انهن جي مذمت ڪئي ويئي آهي. انهيءَ ڪري هن سورة کي سورة ’انعام‘ چيو ويو آهي[1]. ڪنهن ڪارنامي، غيرمعمولي جرات، نيڪيءَ ۽ سخا وغيره جي سلسلي ۾ مليل يادگار تحفي کي به ”-انعام-“ (الف جي ’اِ‘ اُچار سان) سڏيندا آهن[1].