سورة انعام

سوره الانعام (انگريزي: Al Anaam) قرآن شريف جي ڇھين سورة آھي جيڪا مڪي ۾ نازل ٿي، جنهن ۾ 165 آيتون آهن[1].ھن سورة جي 16 ۽ 17 رڪوع ۾ ڪجھ چوپائي مال وارن جانورن جي حرام ۽ حلال ھجڻ عربستاني ماڻھن جي وھمن جي ترديد جو موضوع ھجڻ ڪري ان جو نالو الانعام يعني چوپايو مال رکيو ويو[2]. عربي م لفظ انعام اٺ، ڳئون، رڍ ۽ ٻڪري جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ۽ لفظ بھيمه ھر قسم جي چوپائي لاء استعمال ٿيندو آهي[2].

قرآن جي سورة نمبر: 6
مڪي
سورہ الانعام
چوپايو مال
درجابندي مڪي/ مدني
سيپارا سيپارو 7 ۽ 8
رڪوعن جو تعداد 20
آيتن جو تعداد 165
لفظن جو تعداد 3055
اکرن جو تعداد 12418

نزول وارو زمانوسنواريو

ابن عباس رضه جي روايت آهي تہ ھي سڄي سورة ھڪ ئي وقت مڪي ۾ نازل ٿي هئي[2]. حضرت معاذ بن جبل جي چاچي جي ڌيءَ اسماء بنت يزيد جو چوڻ ھيو تہ:

" جڏھن اھا سورة نبي ﷺ جن تي نازل ٿي رھي ھئي تہ ان وقت پاڻ سڳورا اٺ (مادي) تي سوار ھيا جنھن جي ناڪيلي سندس ھٿ ۾ ھئي ۽ وزن جي ڪري اٺ جو حال اھڙو ٿي ويو ھيو جو لڳي پيو ته ان جون ھڏيون ٽٽي پونديون"

— [2]

اھا بہ روايت آھي ته جنھن رات اھا سورة نازل ٿي ھئي ان ئي رات نبي ﷺ جن ان کي قلمبند ڪرايو ھيو[2]. مضمونن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان سورة جي نازل ٿيڻ وارو زمانو مڪي دؤر جو آخر وارو زمانو ھيو. اسماء بنت يزيد انصار ھئي ۽ ھجرت بعد مسلمان ٿي ھئي. ممڪن آھي تہ عقيدت ۾ مڪي آئي ھجي. مڪي دؤر جي آخري سال کان اڳ يثرب وارن سان ايترو تعلق ممڪن نہ ھيو جو ھڪ عورت مڪي اچي حاضر ٿئي[2].

بيان جا موضوعسنواريو

ان ۾ ايمان جا اهم جزا، يعني توحيد جي عقيدي، قيامت جي ڏينهن ۽ سزا ۽ جزا جو بيان آهي. زمين ۽ آسمان ۾ قدرت الاهيءَ جا جيڪي ڪرشما نظر اچن ٿا، انهن ڏانهن انسان کي متوجهه ڪيو ويو آهي ۽ قديم قومن جي سرگزشت بيان ڪري نيڪيءَ ۽ بديءَ جا نتيجا واضح ڪيا ويا آهن[1]. ان کان سواءِ هن سورة ۾ حلال ۽ حرام شين جو تفصيل بيان ٿيل آهي ۽ چؤپاين متعلق مشرڪن جا جيڪي وهم وسوسا هئا، انهن جي مذمت ڪئي ويئي آهي. انهيءَ ڪري هن سورة کي سورة ’انعام‘ چيو ويو آهي[1]. ڪنهن ڪارنامي، غيرمعمولي جرات، نيڪيءَ ۽ سخا وغيره جي سلسلي ۾ مليل يادگار تحفي کي به ”-انعام-“ (الف جي ’اِ‘ اُچار سان) سڏيندا آهن[1].

حوالاسنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 - انعام : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 520,521، 437