سوات ۾ پٿرن تي ٽي هزار ورهيه پراڻا تصويري عڪس

پاڪستان جي صوبي خيبر پختون خواه جي علائقي سوات جي تعلقي بريڪوٽ کان 8 ڪلوميٽرَ پنڌ تي موضع ڪنڊاڪ ڪوٽه جي جبل تي 3000 هزار ورهيه پراڻيون پينٽنگز لڌيون آهن.

هن علائقي کي ڪاڪئي ڪانڊو ۽ سرگاه سر سڏين ٿا. هي پراڻيون پينٽنگز انڊو آرين نسل جون هئڻ جون شاهديون مليون آهن.

هنن پينٽنگز کي ڌيان سان ڏسڻ کانپوءِ ماهر ان نتيجي تي پهتا آهن هتي ايسپاسوئي ۽ ايساڪينو يعني گهوڙن وارا ماڻهو (People of Horses) ۽ درد (Dard) قبيلا آباد هئا. هنن پينٽنگز مان ڄاڻ پوي ٿي ته ان دور ۾ هنن ماڻهن وٽ لکڻ ۽ پڙهڻ جي صلاحيت ڪنهن وٽ به ڪو نه هئي، تنهنڪري اهي تاريخ جو رڪارڊ تصويري صورت ۾ رکندا هئا.


هن سڄي واديءَ جي تاريخ پروٽو هسٽارڪ ڪلچر يعني تاريخ ۽ تاريخ کان پهرين جي زماني جي ثقافت تي بيٺل آهي. اندازو اهو ئي آهي ته هنن پينٽنگز ۾ ڪتب آيل رنگ ان دور ۾ هتان جي جبلن مان ملندڙ هڪ قسم جي پٿرن مان ٺاهيو ويو هوندو. جنهن کي مائيڪا چون ٿا. اهو رنگ ايڏو ته پڪو آهي جو ٽي هزار سالن کان پوءِ به ان رنگ مان ٺاهيل تصويرون صاف ڏسي سگهجن ٿيون. [1]

حوالا سنواريو