سوئيڪارنو
احمد سوڪارنو(انگريزي: Sukarno) يا سوئيڪارنو (انگريزي: Soekarno) [2] انڊونيشيا جو پھريون صدر ھيو. پاڻ 6 جنوري 1901 ۾ پيدا ٿيو ۽ 21 جون 1970 ۾ وفات ڪيائين. [3] ھي 1945 کان 1967 تائين ملڪ جو صدر رھيو. ھي ملڪ م نيدرلينڊز کان آزادي جي جدوجھد جو سرواڻ ھيو. ڊچ حڪومت جي نوآبادياتي دور ۾ ڏھاڪو سال جيل ۾ بند رھيو ۽ کيس جيل مان جپان آزاد ڪيو جنھن ڊچ ايمپائر تي حملو ڪري انڊونيشيا ۾ داخل ٿيو ھيو. جپان جيئن ئي ھٿيار ڦٽا ڪيا تہ ھن ۽ محمد حاتا 17 آگسٽ 1945 ۾ انڊونيشيا جي خودمختياري جو اعلان ڪيو ۽ سوئيڪارنو انڊونيشيا جو پھريون صدر بڻيو. ھن انڊونيشيائي ماڻھن جي اڳواڻي ڪندي نيدرلينڊز پاران انڊونيشيا کي نئين سر ڪالوني ٺاھڻ جي سفارتي ۽ فوجي مزاحت ڪئي نيٺ 1949 ۾ نيدرلينڊز انڊونيشيا جي خودمختياري کي تسليم ڪيو. ليکڪ پريموئيديا اننتا توئر لکيو آهي تہ " سوئيڪارنو جديد دؤر جو واحد ايشيائي اڳواڻ ھيو جنھن مختلف نسلي، ثقافتي ء مذھبي گروھن ۾ ورھايل عوام کي متحد ڪري بغير رت جي ڦڙي وھائڻ جي آزاد ڪرايو" [4] پارلياماني جمھوريت جي افراتفري دؤر بعد 1957 ۾ سوئيڪارنو رھنمائي واري جمھوريت جو مطلق العنان نظام قائم ڪيو جنھن سان ملڪ اندر عدم استحڪام جو خاتمو آيو. 1960 جي ڏھاڪي ۾ ھن کاٻي ڌر جي طرف لاڙو رکيو ۽ انڊونيشياجي ڪميونسٽ پارٽي جي مدد ڪئي ۽ ان کي تحفظ ڏنو ۽ ھن سامراج دشمن پرڏيھي پاليسي کي فروغ ڏنو، ۽ سوويت يونين ۽ چين جو پاسو ورتو. 1965 ۾ 30 سيپٽمبر واري تحريڪ جي ناڪامي سان قتل عام واقع ٿيڻ جي ڪري اڳتي ھلي 1967 م ھڪ جنرل بغاوت ڪندي کيس معزول ڪري ڇڏيو جنھن بعد ھن باقي زندگي نظربندي ۾ گذاري.
سوڪارنو | |
---|---|
1949 ۾ سوڪارنو | |
1st انڊونيشيا جو صدر | |
عهدو سنڀاليو 18 آگسٽ 1945 – 12 مارچ 1967 | |
وزير اعظم | سوران سياھر امير شريف الدين محمد حاتا عبدالحليم سوئڪيمان ورجوساندجوجو ولوپو علي ساستروئميدجوجو برھان الدين ھاراپ ڊيوئنڊا ڪرتاودجاجا |
نائب صدر | محمد حاتا (1945–56) |
پيشرو | عھدو شروع ٿيو |
جانشين | سھارتو |
انڊونيشيا جي گڏيل رياستن جو صدر | |
عهدو سنڀاليو 27 ڊسمبر 1949 – 17 آگسٽ 1950 | |
نائب صدر | محمد حاتا |
پيشرو | عھدو شروع ٿيو |
جانشين | عھدو ختم ٿي ويو |
11th انڊونيشيا جو وزير اعظم | |
عهدو سنڀاليو 9 جولاءِ 1959 – 25 جولاءِ 1966 | |
صدر | پاڻ |
پيشرو | ڊيوئنڊا ڪرتاودجاجا |
جانشين | عھدو ختم ڪيو ويو |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | ڪسنو سوسروڊيھارڊيو 6 جون 1901 سورابايا, اوڀر جاوا, ڊچ ايسٽ انڊيز[1] |
وفات | 21 جون 1970 (عمر 69 سال) جڪارتا، انڊونيشيا |
آخري آرامگاهه | بليتار, اوڀر جاوا, انڊونيشيا 8°05′05″S 112°10′34″E / 8.084622°S 112.176075°E |
سياسي جماعت | انڊونيشيائي نيشنل پارٽي (1927–1931) |
جيون ساٿي | اوئتاري (ش. 1921; ط. 1922) انگت گارناسيح (ش. 1923; ط. 1942) فاطمہ وتي (ش. 1 جون 1943) ھارتني (ش. 7 July 1953) ھارتني مانوپو (ش. 1959; ط. 1968) نائوڪو نيموتو (ش. 1962) ھرياتي (ش. 1963; ط. 1966) يورائڪ سانگر (ش. 1964; ط. 1967) ھيلدي جعفر (ش. 1966; sep. 1967) |
ٻار ٻچا | اگت مان
فاطمہ وتي مان
ھارتني مان
رتنا مان
ھارياتي مان
ڪارتني مان
|
ماءُ | ادا آيو نيومان راء |
پيءُ | رادين سوئيڪيمي سوسروڊيھارڊيو |
مادر علمي | بندونگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي |
دستخط |
حوالا
سنواريو- ↑ A. Setiadi (2013), Soekarno Bapak Bangsa, Yogyakarta: Palapa, pp.21.
- ↑ "Sukarno". Random House Webster's Unabridged Dictionary.
- ↑ Biografi Presiden آرڪائيو ڪيا ويا 2013-09-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Perpustakaan Nasional Republik Indonesia
- ↑ Pramoedya ananta Toer, SOEKARNO, TIME Asia story TIME 100: AUGUST 23–30, 1999 VOL. 154 NO. 7/8, http://edition.cnn.com/ASIANOW/time/asia/magazine/1999/990823/sukarno1.html