سنڌ پريميئر ليگ

سنڌ ۾ هڪ ٽوئنٽي 20 ڪرڪيٽ ليگ

سنڌ پريميئر ليگ (مختصر طور ایس پی ایل ) هڪ پيشيور ٽوينٽي 20 ليگ آهي جنهن ۾ سنڌ صوبي جي ڇهن شهرن جي نمائندگي ڪندڙ ڇهه ٽيمون شامل آهن. سنڌ پريمييير ليگ جي مهورت 2023 ۾ ڪئي وئي. [1] [2] [3]

سنڌ پريميئر ليگ
مُلڪ  پاڪستان
فارميٽ ٽي20
پهريون ايڊيشن 2023
ٽيمن جو انگ 6
ويبسائيٽ www.spl20.com

سنڌ پريميئر ليگ مُندَ جو پهريون سيزن 25 جنوري کان 05 فيبروري تائين شروع ٿي ويو آهي. [4]

تاريخ سنواريو

بنياد سنواريو

جون 2022ع ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه اعلان ڪيو ته تُرت ڪشميري هم منصب کان متاثر ٿي سنڌ لاءِ گهرو ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهي ويندي. [5] ۽ تُرت ئي، ايندڙ سال مارچ ۾، سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم ۾ هڪ گڏجاڻي رکي وئي[6]، جنهن ۾ شاهد آفريدي ۽ عبدالرزاق مهمان هئا. جنهن ۾ پڌرنامو جاري ڪيو ويو ته ايس پي ايل جو پهريون سيزن ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو. [7] ليگ کي سرڪاري طور تي شروع ڪيو ويو ۽ ان جي ڪم کي مارچ جي ساڳئي مهيني ۾ پورو ڪيو ويو، جنهن جي مهورت سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ڪئي[8][9][6]، جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ [10] سعيد غني [11] شرڪت ڪئي. ، قانوني صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب ، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد ۽ ٻيا ڪيترائي پڻ ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ هئا. [12] اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر شاهد آفريدي کي ايس پي ايل جو پهريون ڇاپ سنديسي (برانڊ ايمبيسيڊر) مقرر ڪيو ويو. [11][6]

ٽيمون سنواريو

سنڌ پريميئر ليگ ۾ هيننئر 6 ٽيمون شامل آهن: جن ۾ ڪراچي غازي، حيدرآباد بهادر، بينظير آباد لال، سکر پيٽرياٽس، ميرپورخاص ٽائيگرز ۽ لاڙڪاڻو چيلنجرز جون ٽيمون آهن.

ٽيم صوبي ۾ تقسيم قائم ڪيل
ڪراچي جا غازي ڪراچي 2023
حيدرآباد بهادر حيدرآباد 2023
بينظير آباد لال بينظيرآباد 2023
سکر پيٽرياٽس سکر 2023
ميرپورخاص ٽائيگرز ميرپورخاص 2023
لاڙڪاڻو چيلنجرز لاڙڪاڻو 2023

نشريات سنواريو

سنڌ پريمير ليگ جي صدر عارف ملڪ چيو ته هي ليگ 52 ملڪن ۾ نشر ٿيڻ واري آهي. [11]

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "Sindh Premier League launched". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2023-03-02. 
  2. Web Desk. "Shahid Afridi and Abdul Razzaq launched Sindh Premier League". BolNews.pk. حاصل ڪيل 2 March 2023. 
  3. Essa, Sheroz. "Razzaq & Afridi Launched Sindh Premier League With Six Franchises". Parhlo. حاصل ڪيل 2023-03-02. 
  4. "SPL - Sindh Premier League - #JeetJoRang". حاصل ڪيل 2023-03-26. 
  5. Web Desk. "Sindh Premier League on the cards: Nasir Hussain Shah". PakistanToday.pk. حاصل ڪيل 2 March 2022. 
  6. 6.0 6.1 6.2 "سنڌ پريميئر ليگ جي رونمائي تقريب منعقد". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2023-05-18. 
  7. "Afridi, Razzaq launch Sindh Premier League". www.geosuper.tv. حاصل ڪيل 2023-03-02. 
  8. Moderator, The Time News. "سنڌ پريميئر ليگ شروع، انتظام اڻپورا، شيڊيول جاري نه ٿيو، عوام ۽ ميڊيا بيخبر". The Time News. حاصل ڪيل 2023-05-18. 
  9. "سيد مراد علي شاهه سنڌ پريميئر ليگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو - Awami Awaz" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-05-18. 
  10. "CM Sindh Shah launches province's first-ever cricket league". www.geosuper.tv. حاصل ڪيل 2023-03-23. 
  11. 11.0 11.1 11.2 Staff Report. "Sindh Premier League launched by CM". Minute Mirror. حاصل ڪيل 2023-03-23. 
  12. Reporter, The Newspaper's Staff. "Sindh Premier League launched". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2023-03-23. 

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو