سنڌ انتقالِ ايراضي بل، 1947ع

سنڌ انتقالِ ايراضي بل، 1947ع (انگريزي: Sindh Land Alienation Bill, 1947)،[1] برطانوي سنڌ اسيمبلي (ھاڻوڪي سنڌ اسيمبلي) پاران پاس ڪيل ھڪ قانون جو نالو آھي. ھن قانون تحت وياج خورن وٽ گروي ٿيل زمين اصل مالڪن کي واپس ڪرائڻي ھئي،[2] ساڳي قسم جو بل 1900ع ۾ برطانوي پنجاب جي اسيمبلي پڻ پاس ڪيو ھو.

پسمنظر

سنواريو

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل معاشي بدحالي سبب سنڌ جون ٻهراڙيون پڻ متاثر ٿيون. ماڻھو ٽيڪس ادا نہ پيا ڪري سگهن ۽ روزمرهه جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پڻ ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيا ھئا، سواءِ اناج جي، جيڪو ھو پاڻ اپائيندا ھئا، اھو ئي سندن بقا جو ذريعو هو. اهڙيءَ طرح 1917ع کان 1942ع تائين سڀني زميندارن پنهنجون زمينون شهري واپارين، جن جي اڪثريت هندن جي ھئي، انھن وٽ ڳرن وياجن عيوض گروي رکيون. ايندڙ ڏهاڪن ۾ هي معاشي بدحالي وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي، مٿان يورپي ۽ ايشيائي طاقتن جي وچ ۾ هڪ ٻي وڏي جنگ لڳي، ۽ معاشي بدحالي وڌڻ سبب ماڻهن پنهنجون وڌيڪ زمينون گروي رکڻ شروع ڪيون. اڳتي ھلي قرض واپس نه ڪرڻ سبب، قرض ڏيندڙن سول عدالتن ذريعي گروي ٿيل زمينون پنھنجي نالي تي ڪرائڻ شروع ڪيون ۽ 1947ع تائين سنڌ جي ذرعي زمينن جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو انھن قرض ڏيندڙ جي نالي تي ٿي وئي.[3][2]

قانون سازي

سنواريو

گورنمنٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع تحت 1937ع تي سنڌ قانون ساز صوبائي اسيمبلي جو قيام ٿيو.[3] ڪراچي مان چونڊجي آيل رُڪن محمد هاشم گزدر قانون ساز اسيمبلي ۾ سنڌ انتقالِ ايراضي بل پيش ڪيو ۽ اسيمبلي بل کي منظور ڪيو. ھن بل ۾ گروي رکيل زمينون مالڪن کي واپس ڪرڻ جي سفارش ڪيل ھئي، جيڪي 1917ع کان 1947ع جي وچ ۾ گروي رکندڙن پنھنجي نالي تي ڪرائي ورتا هئا. بل ۾ سفارش ڪئي وئي تہ بغير ڪنھن معاوضي جي، زمينون اصل مالڪن کي واپس ڪيون وڃن ڇو تہ قرض ڏيندڙن زمين جي اپت مان اڳ ئي قرض جي اصل رقم کان وڌيڪ پئسا ڪمايا آھن.[2] ھن بل سبب سنڌ اسيمبليءَ جي هندو ۽ مسلمانن رڪنن وچ ۾ ويڇا پيدا ٿيا.[4]

ھن بل کي نئين ٺهندڙ پاڪستان جي حڪومت قانوني شڪل ڏيڻ جي اجازت نہ ڏني.[2] ھي بل 1947ع تي پاس ٿيڻ بعد، هندستاني وائسراءِ جي دستخط کان پوءِ قانون جي شڪل اختيار ڪري وڃي ھا، پر نئين آيل وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن ان بل تي عملدرآمد جو فيصلو نئين ٺھندڙ ملڪ پاڪستان جي ايندڙ حڪومت تي ڇڏيو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، ھي بل پاڪستان جي گورنر جنرل جي حيثيت ۾ جناح جي اڳيان گهربل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، پر لياقت علي خان جي مشوري تي جناح ھن بل کي منظور ڪرڻ کان انڪار ڪيو.[5] اهڙيءَ ريت سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن مان لڏپلاڻ ڪندڙ هندن جي قبضي ۾ آيل 40 سيڪڙو زرعي زمين، مسلمان سنڌي هارين جي حوالي ٿيڻ بجاءِ، هندستان مان آيل مهاجرن جي حوالي ڪئي وئي.[2][6]

حاشيو:

ابراھيم جويي پنھنجي ڪتاب، سنڌ منھنجي خوابن جي اندر تاريخ جو رھجي ويل ڪم ۾ ھن بل جو انتقال ايراضي بل جي نالي سان ترجمو ڪيو آھي.
ايم ايڇ پنھور مطابق جيتوڻڪ قرض ڏيندڙ اڪثر ھندو ھئا، پر تنھن ھوندي ھندو ميمبرن پڻ بل جي حمايت ڪئي.
  1. "From The Past Pages Of Dawn: 1943: Seventy-five years ago: Sind League elections". Dawn. 2 April 2018. https://www.dawn.com/news/1399082. Retrieved 22 October 2018. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 PANHWAR, M. H. "THE ECONOMIC PLIGHT OF SINDH UNDER PAKISTAN" (PDF). panhwar.com. panhwar.com. وقت 2018-08-18 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 October 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. 3.0 3.1 Sind Quarterly. 18. Mazhar Yusuf. 1990. p. 41. https://books.google.com/books?id=uuptAAAAMAAJ. Retrieved 22 October 2018. 
  4. G̲h̲ulām Ḥaidar (1999). Pakistan, some notes. G. Haidar. p. 139. https://books.google.com/books?id=kf1tAAAAMAAJ. Retrieved 22 October 2018. 
  5. Syed, G. M. (1974). A nation in chains - Sindhudesh. o G. M. Syed Institute of Social Sciences Sindh. p. 72. http://gmsyed.org/nation/A%20Nation%20In%20Chains.pdf. Retrieved 22 October 2018. 
  6. Ahmad, Salim. "Peasant Land Rights Movements of Pakistan" (PDF). Sustainable Development Policy Institute. صفحو. 31. حاصل ڪيل 22 October 2018.