سنڌ آنلائن اسڪول

سنڌي تعليمي ويبسائٽ

سنڌ آنلائن اسڪول ڊاٽ ڪام (Sindh Online School) سنڌي ٻوليءَ جي آنلائن تعليمي ويبسائٽ آھي، جنھن جو 7 جون 2020 تي حيدرآباد جي گُل عُرساڻي هاءِ اسڪول ۾ افتتاح ڪيو ويو [1] [2].. ھيءَ رضاڪاڻه بنيادن تي جوڙيل سنڌي تعليمي ويبسائٽ آھي جتي ڪلاس 1 کان 10 تائين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي نصاب مطابق وڊيو ليڪچرز ٺاھي رکيا ويندا آھن. سنڌ آنلائن اسڪول جو مقصد سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب ڊجيٽائز ڪري سنڌ جي پٺتي پيل تعليم کي جديد دور ۾ داخل ڪرڻ آهي. سنڌ آنلائن اسڪول رضاڪار ساٿين وسيلي ڪم ڪري ٿو جن ۾ انتظاميا، استاد، ويب ڊولپر ۽ گهڻ گهرا شامل آهن.

سنڌ آنلائن اسڪول
سائيٽ جو قِسمُ
تعليمي ويبسائٽ
۾ موجود سنڌي
ٺاهي وئي مارچ 1, 2020؛ 4 سال اَڳُ (2020-03-01)
مکيه دفتر
ڌڻي قدير احمد ڪانڌڙو
Editor ياسر ٻرڙو
يوآرايل www.sindhonlineschool.com
يوزرز 100000+
لانچ ڪيل جون 7, 2020؛ 4 سال اَڳُ (2020-06-07)
موجوده حيثيت فعال
Content license
ورڊ پريس
۾ لکيل ورڊ پريس
  • سنڌ جي تعليم کي جديد دؤر ۾ داخل ڪرڻ
  • سنڌ ۾ سائنسي تعليم کي عام ڪرڻ
  • جديد سکيا وسيلي سنڌين کي ڀَڙ ڪرڻ
  • روايتي تعليم کان ھٽي تخليقي سکيا ڏيڻ
  • مفت ۽ معياري سکيا وسيلي نوجوانن کي اڳتي آڻڻ
  • ڊجيٽل پليٽفارمز تي سنڌيءَ ۾ سکيا کي عام ڪرڻ


بنياد وجهندڙ

سنواريو

سنڌ آنلائن اسڪول جو باني قمبر ضلعي سان تعلق رکندڙ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر قدير احمد ڪانڌڙو آهي[3]. نواڻ ۽ ٽيڪنولجي سان دلچسپي رکندڙ قدير احمد جي ذهن ۾ آنلائن سنڌي تعليمي پليٽفارم جو خيال ڪورونا وبا ۾ ڊگهي مُدي تائين بند پيل اسڪول ڏسي آيو. هُن پنھنجي ان وقت جي ويب ڊولپر دوست عبيد الله ٿھيم جي مدد سان پنھنجي خيال کي عملي جامو پارائي پنھنجي مرحوم والد رٽائرڊ پرائمري استاد محمد اسماعيل ڪانڌڙو کي ڀيٽا طور پيش ڪيو. شروعات ۾ سنڌ آنلائن اسڪول جو نالو قدير پنھنجي والد مرحوم جي نالي ساڻ منسوب ڪيو هو ۽ iteleclass يعني اسماعيل ٽيلي ڪلاس جي نالي سان هڪ ڊومين پڻ خريد ڪيو ويو هو پر ڪجهہ ئي ڏينهن بعد محترم عبدالله عزيز ٿھيم طرفان والد جي نالي بجاءِ سنڌ جي نالي سان تعليمي پليٽفارم کي شروع ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي جنهن بعد سنڌ آنلائن اسڪول نالي تي اتفاق ڪيو ويو ۽ 7 جون 2020 تي سنڌ آنلائن اسڪول جو افتتاح گل عرساڻي هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ڪيو ويو.

ادارتي عملو

سنواريو
  • پروفيسر مشتاق ميمڻ، ڊائريڪٽر
  • سعيد عامر بلوچ، فئنانس آفيسر
  • اعجاز ترڪ، سرپرست
  • عابد حسین جوڻيجو، صلاحڪار
  • قدير احمد ڪانڌڙو، ايڊمنسٽريٽر