سنڌيون (Sindhi Educational Movement) دراصل اهي سنڌي مذهبي ڪتاب هئا، جيڪي سنڌي عالمن پنھنجي ترتيب ڏنل/جوڙيل عربي-سنڌي الف-ب ۾ لکيا. سن 1700ع ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (1661-1711ع) جي جوڙيل الف-ب جيتوڻيڪ سڄيءَ سنڌ ۾ نافذ نہ ٿي سگهي، پر سنڌ جي ڪيترن ئي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ اھا پنھنجي اھميت مڃرائي چڪي ھئي. ملڪ جي اڪثر درسگاھن ۾ مادري زبان وسيلي تعليم جو سرشتو قائم ٿي چڪو هو. وقت جي جيد عالمن ۽ استادن ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. سنڌي ميڊيم مدرسا قائم ٿيا. ھن تحريڪ ھيٺ جيڪا الف-ب جوڙي ويندي ھئي، ان کي “سنڌي” سڏيو ويندو ھو. مثال طور “مخدوم ابوالحسن جي سنڌي”، ”مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي سنڌي“، ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي“ وغيره وغيره . ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ۾ چيو آهي تہ ”مغلن جي راڄ جو آخري عرصو ۽ ڪلھوڙن جو ابتدائي دؤر سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ، نيون ڌارائون ۽ نوان ماپا کڻي آيو. هڪ طرف مخدوم ابوالحسن ، مخدوم ضياءُ الدين (1677-1757ع)، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1691-1760ع) ، شاھ عنايت شھيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ شاھ لطيف سنڌي زبان ۾ نئون روح ڦوڪي ان کي تاحيات ۽زنده جاويد بنائي ڇڏيو ۽ اهڙي عام فھم ٻوليءَ ۾ صوفياڻو پيغام سنڌ وارن کي ڏنو، جنھن نہ صرف سڄيءَ سنڌ پر سنڌي زبان کي امر بنائي ڇڏيو.“ ’سنڌيون‘ عنوان سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ڪتاب سن 1970ع ۾ ڇپيل آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.