مخدوم ضياءُ الدين سهروردي

مخدوم ضياء الدين: مخدوم هارون جو فرزند هو.وڏو عالم، فاضل ۽ بزرگ هو. ٺٽي ۾ سنه 1091ھ (1679ع) ۾ سندس ولادت ٿي. ٺٽي جي عالم مخدوم عنايت الله کان تعليم حاصل ڪيائين. سنڌ جو وڏو عالم، فاضل، محدث، فلسفي ۽ صوفي حضرت مخدوم محمد معين سندس هم درس هو. تحصيل کان پوءِ ٺٽي ۾ ئي جدا مدرسو کولي، درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين، جنهن مان وڏا عالم ۽ فاضل فارغ التحصيل ٿي نڪتا. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به سندس شاگرد هو. هن شروعاتي ڪتابن کانسواءِ باقي سڀ ڪتاب مخدوم ضياء الدين وٽ پڙهيا. سندس استاد جي استاد عالمه ميان احمد جو پوٽو ميان احمد ۽ ڏوهٽو مخدوم نعمت الله بن مخدوم عبدالجليل سندس شاگرد هئا. مخدوم نعمت الله تمام وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. سنڌ جو حاڪم ميان سرفراز ڪلهوڙو سندس شاگرد هو. مخدوم ضياء الدين 80 ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1171ھ ۾ وفات ڪئي. سندس ٻه فرزند ٿيا: ميان يار محمد ۽ مخدوم غلام حيدر. ”مخدوم ابوالحسن جي سنڌي“ جي نموني تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ ديني تعليم جي اپٽار ٿيل آهي. ان کي ”ضياء الدين جي سنڌي“ سڏيو ويو. نموني طور ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون: فرض آهي ماءُ پيءُ تي، سعي سوڌي ڀت موڪلي مڪتب ۾ صغير وڏي سٿ جيئن تابع ٿئي طبيعت جو مومن وڏي مت راتو ڏينهان ٻالڪ ڪري نماز پرت وضوءَ جي وجود ۾ ڀڃي ڪري ڀرت.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌ جا سهروردي بزرگ--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ